جيڪڏهن اوهان رياضي (ميٿس) ۾ ڪمزور آهيو، بلڪل مون وانگر ۔۔۔۔ ته پوءِ هن گهڙيال تي پنهنجي طبع آزمائي ڪيو۔۔ انڊر روٽ ، جوڙ ڪٽ، ضرب، وغيره جي مختلف فارمولن سان صرف ۽ صرف 9 جي انگ ذريعي ترتيب ڏنل فارمولن جو جواب اوهان کي ٻڌائيندو ته هينئر وقت ڪهڙو پيو ٿئي۔۔ هنٽ: انڊر روٽ 9 برابر آهي 3 جي
مست صاحب هن کان وڌيڪ الجهائيندڙ هڪ گهڙيال اڳي به سنڌ سلامت جي هڪ موضوع ۾ ونڊ ٿي چُڪو آهي۔ ۽ هن جو منظر به ذيشان رشيد پيش ڪيو هو۔ ور هي وري به انهي کان سؤلو آهي۔
ادا عبدالحفيظ... سنڌ سلامت هڪ ڪتاب يا لائبريري نه پر هڪ اڻ کٽ علم جو خزانو بڻجي چڪي آهي، جنهن کي اسان ۽ اوهان جهڙا دوست روز پنهنجي ڪوششن سان وڌائيندا رهن ٿا.. انشاءَ الله اڃان به هي خزانو ترقي ڪندو... ڪوشش ڪري علمي شيون هتي وڌ کان وڌ ونڊ ڪريون. ته سنڌ سلامت علم جي مرڪز توڙي وڌيڪ مشهور ٿئي...