• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رخسانه پريت ڏاڍو جيون ٿو هي اداس رهي .... رخسانه پريت

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڏاڍو جيون ٿو هي اداس رهي
اهلِ دل ڪوئي آسپاس رهي
دل ڪئي سين ڏيئو، اهو ٻارڻ
ڏسون ڪيسين ٿي هي اماس رهي
چاهيون خطرن سان کيڏجي ايڏو
ڊپ، خدشو نه ڪو حراس رهي
آئي آخر آ هوءَ ملي ڪنهن سان
ڏاڍي اڄڪلهه ٿي بدحواس رهي
حالتن سان نه ٺاهه ٿئي، جيسين
سڀ برابر، نه ڪوئي خاص رهي
پيار واريون ڇو ڌار ڌار دليون
ڇو نه تن لئه خوشي راس رهي
ڪوئي آهي جو پياري ايئن، پويان
ڪوبه غم آرزو نه پياس رهي
هي ئي خاهش رڳو اسان جي آ
هو اسان جي ئي آس پاس رهي
ڏاڍو جيون ٿو هي اداس رهي
اهلِ دل ڪوئي آسپاس رهي
رخسانه پريت
 
ڏاڍو جيون ٿو هي اداس رهي
اهلِ دل ڪوئي آسپاس رهي
رخسانه پريت جي خوبصورت شاعري ،،،،، بهترين چونڊ
اوهان جي آسپاس اهل دل رشيد کي سدائين موڪليندا رهندا آهيون۔​
 
Back
Top