سيد مصطفى علي بريولي سنڌيڪار؛ بشير احمد جوکيو ميرن جي حڪومت جو نظامافغانستان جي پهرين ۽ ٻئي لڙائي واري زماني ۾ انگريزن کي سنڌ جي فائدي واري اهميت جي ڀليءَ ڀت پڙور پئجي چڪي هئي. پنجاب ۽ صوبي سرحد تي راجا رنجيت سنگھ جي حڪومت هئڻ ڪري انگريزن کي هندستان تي حملو ڪرڻ ۽ فوج کي مدد پهچائڻ لاءِ واحد رستو سنڌ ۽ بولان لڪ وارو هو. جڏهن الله تعالى ڪنهن قوم کي پنهنجن نوازشن سان نوازي ٿو ته انهي ۾ ڪيتريون ئي خوبيون پيدا ٿيو پون. انگريزن ۾ جتي ڪيتريون ئي اوڻايون آھن، اتي انهن ۾ هڪ هيءُ نمايان خوبي به آهي، ته هو جنهن به علاقي مان گذرندا آهن يا جتي قيام ڪندا آھن اتي جي حالتن جو تفصيل سان جائزو وٺندا آھن ۽ ان سان گڏ لکي ان کي محفوظ به ڪندا آھن سنڌ ۽ بلوچستان جي باري ۾ اهو سڄو ڪم انگريز آفيسرن انجام ڏنو. جيتوڻيڪ انهن جو خاص مقصد سامراجي هو. پر تنهن هوندي به اڄ جڏهن اسين آزاد آھيون ته هي سفرناما ۽ ياداشتون اسان لاءِ ڪافي معلومات مهيا ڪن ٿيون ۽ ريسرچ ڪرڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. اها خوشي جي ڳالھ آھي جو هاڻي اسان جا ناشر ۽ مئولف به انهي طرف ڌيان ڏئي رهيا آَھن. هن مقالي ۾ “انگريزي اقتدار جي قريب سنڌ جي حالت” به اهڙي قسم جو مواد ڏنو ويو آھي. انتظامي حالت. مسٽر بوسٽن پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ذاتي مشاهدا” ۾ لکي ٿو ته “سنڌ جا ميداني ۽ اندروني علائقا هر قسم جي زور ظلم، چوري ۽ مارا ماريءَ کان آزاد هئا. اها حالت پوليس جي ڪنهن واضع انتظام نه هئڻ جي باوجود قائم هئي. در حقيقت اهاي ڳالھ هيئن آھي ته سنڌين جا ڏوهن کان روڪڻ وارا طريقا سراسري طرح تمام چڱيءَ طرح نافذ هئا. هيءَ عجب جھڙي ڳالھ آھي جو سنڌ ۾ ڏوھ ايتري قدر گھٽ ٿيندا آھن، خاض ڪري جڏهن ملڪ جي وڏي هجڻ جي حالتن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته حيرت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو. هتان جو هر شخص پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري ٿو. زيادتي ۽ ظلم جي خلاف پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري ٿو”. ڪيپٽن هارٽ پهنجي(1839) مخفي رپورٽ ۾، جيڪا بمبئي گورمنٽ جي رڪارڊ ۾ درج ٿيل آھي، لکي ٿو ته؛ “جيتوڻيڪ ان زماني (ميرن جو زمانو) ۾ پوليس جو انتظام ڪونه هو، تنهن هوندي به جان ۽ مال جي حفاظت جو بندوبست سٺي نموني ٿيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن چوريءَ جي خبر ڪنهن مناسب وقت ۾ شهر جي ڪوٽوال يا مئجسٽريٽ کي پوندي هئي ته انهي چوري جو واپس ملڻ يقيني هوندو هو. اها به هڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جا ڏوھ ڪو ورلي ٿيندا هئا. عوام وٽ کائڻ لاءِ بهترين قسم جو اناج موجود هو.” ملڪي نظام. سنڌ جي ميرن جي حڪومت جو نظام مغلن ۽ قبائلي علائقن جي حڪومتن جو مجموعو هو. مختياڪار ۽ ڪاردار اڄڪلھ جي جج ۽ مئجسٽريٽ جيتري حيثيت رکندا هئا. ڍل وصول ڪرڻ، انهن ماڻهن جو ڪم هو. انهن جون پگھارون جيتوڻيڪ گھٽ هيون پر حڪومت جي پاران ٻين رعايتن ملڻ سبب ٺاٺ واري زندگي گزاريندا هئا. وڏن شھرن ۾ قاضي، وڏيرا ۽ ڪوٽوال مقرر هوندا هئا.پوليس جو ڪو بهتر انتظام موجود ڪونه هو، تمام ٿورا سپاهي مقرر هوندا هئا. ڪوٽوال جا اختيار به محدود هوندا هئا. ڏوهن جي معلوم ڪرڻ جو بار به گھڻو ڪري واسطيدار پارٽين جي ذمي هوندو هو. عوام گھڻو ڪري پنهنجا معاملا قاضين سامهون پيش ڪندا هئا. تنهن کان سواءِ پئنچائتون به معمولي جھڳڙن جو نبيرو ڪنديون هيون. وراثت وارن معملن جا فيصلا شريعت مطابق ٿيندا هئا. عام فيصلن ۾ شرعي قانون کي خاص اهميت حاصل هوندي هئي. فيصلا لکيا ويندا هئا. هندن کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو هو. انهيءَ ڪم لاءِ پئنچاتون مقرر هونديون هيون. متفرق فيصلا هندو ۽ مسلمانن جي ٻن ٻن نمائندن شاهدن جي بيانن مطابق ڪيا ويندا هئا. قاضيءَ کي سماج ۾ بلند مقام حاصل هو. اڄڪلھ وانگر سنڌ ۾ زمينن جا جھڳڙا گھڻا ٿيندا هئا، دعواى ڪرڻ واري شخص کي چيو ويندو هو ته قرآن مٿي تي کڻي پنهنجي دعواى پيش ڪري ۽ جھڳڙي واريءِ زمين تي پڻ نشان ڪري. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا مسلمان به هندستان جي مسلمانن وانگر پنهنجي عقيدي جا نهايت پڪا هوندا هئا. انهي ڪري ڪوڙي قسم کان ونءُ ويندا هئا. اسان اهو مٿيون احوال ليفٽننٽ هيگ جيمس جي رپورٽ تان ورتو آھي، جيڪا 31 ڊسمبر 1847ع ۾ ايسٽ انڊيا گورمنٽ جي خدمت ۾ پيش ڪئي هئي. ڊاڪٽر برنس جو بيان؛ سنڌ جي ميرن جي انتظامي جوڙجڪ جي باري ۾ ڊاڪٽر برنس پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته؛ رياست جي مذهب جو بنياد قرآن آھي، انهي ڪري قانون جا اصول به انهيءَ مان ورتل آهن. هندن جا معملا پئنچاتون خود نبيرن ٿيون. مير، بلوچن کي پنهنجا معاملا پاڻ نبيرڻ جو موقعو ميسر ڪن ٿا. پر جيڪڏهن سڄي قبيلي ۾ اختلاف پکڙجڻ جو انديشو هوندو آھي ته پاڻ وچ ۾ پئي صلح ڪرائي ڇڏين ٿا. ڏوهن کي روڪڻ جا طريقا. ڏوهن کي روڪڻ لاءِ مير جيڪي طريقا اختيار ڪندا هئا، سي جيتوڻيڪ موجودھ دور جي تهذيب مطابق نه هئا، پر نتيجي جي اعتبار کان نهايت ڪارائتا هئا. مثال طور مجرمن کي ڄاڻي واڻي پناھ ڏيڻ واري کي قيد ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري جي پيرن جا نشان ڪنهن ڳوٺ تائين پهچي پوءِ گم ٿي ويندا هئا ته انهي صورت ۾ انهي ڳوٺ جي وڏيري کي گرفتار ڪيو ويندو وهو. اهو سلسلو تيسيتائين جاري رهندو هو، جيسيتائين اصل ڏوهاري گرفتا نه ٿئي. ڏوهاري گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ واسطيدار وڏيري يا زميندار کي نه رڳو ٿيل نقصان جو معاوضو ڀري ڏيڻو پوندو هو، پر مٿس ڏنڊ به وڌو ويندو هو. انگريز دور جي حالت.انگريزن جي متمدن حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي امن و امان جي حالت نهايت خراب ٿي وئي. مسٽر هيگ جيمس اقرار ڪري ٿو ته ؛ “ميرن جي زماني ۾ مشڪل سان ڪو ڏوهاري پنهنجي ڏوھ باسڻ کان انڪار ڪندو هو. پر هاڻي سنڌي اسانجي عدالتي سرشتي کان واقف ٿي ويا آھن. تنهن ڪري هو مشڪل ڪو ڏوھ باسن ٿا ۽ پنهنجي بچاءِ لاءِ شاهدن جي فوج وٺي اچن ٿا. زميندارن ۽ وڏيرن ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ حڪومت سان ساٿ نه ڏيڻ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي. انهي ڪري سڄو بار اسان جي پوليس مٿان اچي پيو آھي. پيرن جي نشانن ذريعي ڏوهارين جو پتو معلوم ڪرڻ وارو طريقو نهايت ڪارائتو هو. پر جيئن ته انهي طريقي تي مڪمل طرح عمل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري معمولي معلومات جي نتيجي ۾ سخت بي انصافي ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي پيو. سنڌ جا مير انگريزن جي نظر ۾. سرچالس نيپئر 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. سندس ڀاءُ وليم نيپئر “فتح سنڌ” نالي ڪتاب ٻن جلدن ۾ لکيو. انهيءَ ۾ هن ميرن جي خلاف سخت الزام لکيا آھن.(جناب مصطفى علي برولي صاحب ) انهي موضع تي هڪ مقالو آل پاڪستان هسٽري ڪانفرس 1968ع ڪراچي ۾ پيش ڪيو هو، تفصيل ۾ وڃڻ کان منهن موڙي اسين هتي چند انگريزن جا رايا سنڌ جي ميرن، سندن حڪومت جي طريقن ۽ رعيت سان سندن سلوڪ بابت ڏيون ٿا. اهو احوال ڪيپٽن ايسٽ وڪ جي ڪتاب نالي “ڪيپٽن ايسٽ وڪ جون تقريرون 1858ع ” تان هٿ ڪيون ويو آھي. ڪيپٽن وائٽ لاڪ 10 سيپٽمبر 1845عمون کي اهيو ٻڌي سخت تعجب ٿيو آھي ته مير پنهنجن زالن سان برو سلوڪ ڪندا هيا، پر سنڌ ۾ قيام جي دوران مون ڪا به اهڙي ڳالھ ڪانه ٻڌي. جيتوڻيڪ ماڻهون اها ڳالھ چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌي هندن جو هڪ با اثر ٽولو يورپين آفيسرن کي ميرن جي خلاف بدگمان ڪندو هو. ڪيپٽن هارٽ سنڌ ۾ محدود بنيادي ضرورتن حاصل ڪرڻ لاءِ هاري کي ڪنهن به قسم جي زبردستي يا سختي برداشت ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪيو وڃي، جيئن ته عام هندستاني هاري جو معاملو آھي. ميرن جو ڍل وصول ڪرڻ جو سادو طريقو هارين کي هر قسم جي جھڳڙن کان آجو رکندو هو. جيتوڻيڪ روينيو جي سڄي ڪاروبار تي هندن جو قبضو هو. انهي ڪري فطري طور هندو آبادگار مسلمانن حڪمرانن کي هڪ قسم جو وڌيڪ بار محسوس ڪندا هئا. واپار جي اهيا حالت هئي جو هو ڪنهن به شڪل ۾ دٻيل نه هئا ۽ نه وري انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ وڌي ويندي هئي. ڪيپٽن گارڊن 27 جولاءِ 1845عمنهنجو ذاتي مشاهدو آھي ته مير انتهائي درجي جا معتدل مزاج جا ماڻهون آهن. شراب کان سختي سان پاسو ڪندڙ آھن ۽ هر قسم جي نشي کان بچيل آھن. انهن کي هر قسم جي تماڪ نوشي کان نفرت آھي. سندن اها حالت آھي جو تماڪ جي بانس به پسند نٿا ڪن. هو اسان مان اهڙن ماڻهن واسطي نمونو آھن، جيڪي هميشه پنهنجي اوچي تهذيب ۽ پنهنجي هٿ جي ٺاهيل اخلاقي قدرن جي ٻٺاڪ هڻندا رهندا آهن. ڪيپٽن جي. ڊي ليڪ 25 آڪٽوبر 1845ع. پنهنجي عادتن ۽ فضيلتن ۾مير معتدل مزاج جا مالڪ هئا، مون انهن کي ڪنهن حالت ۾ غصي واريءَ ڪيفيت ۾ نه ڏٺو. پنهنجن انهن سردارن ۽ رعيت جا محبوب هئا، جيڪي حيدرآباد ۾ مسلسل هنن سان گڏ هئا. سنڌي مسلمانن جي سوچ جو انداز.سنڌ جي ميرن جي آخري دور ۾ وچولي طبقي جا مسلمان سياسي تبديلين ۽ ٻاهرين قوتن جي شازشن کا چڱي طرح واقف هئا. پر وقت جي سوئي تمام تيز وڃي رهي هئي. اهو انهن جي ختيا کان ٻاهر هو ته هو ميرن سردارن جي مرضيءَ مطابق ڪو مظبوط قدم کڻن. مرزا علي اظهر برلاس ايليگزينڊر جي حوالي سان لکي ٿو ته، 1831ع مون انهي سان گڏ سنڌو نديءَ جو سفر ڪيو هو. انهي (سفر دوران) هڪ سنڌي سيد چيو ته“ سنڌ هاڻي هٿن مان وئي ڇاڪاڻ ته سنڌو ندي انگريزن ڏسي ورتي آھي” . پيغام ڪراچي اپريل، مئي، 1985 تان ورتل
جيتوڻيڪ مان ميرن جي رياست خيرپور سان واسطو رکان ٿو پر افسوس سان اهو چوڻو پوندو ته ميرن وٽ ڪا سٺي جنگي حڪمت عملي ڪانه هئي۔ گهڻو ڪري هو ٻاهرين قوتن کي خراج يا ڍل ڏيندا هئا۔ انگريزن سان به هنن ڪا خاص لڙائي ڪانه لڙي سواء دٻي جي ميدان ۾ جتي به هوشو شيدي ئي هيرو بڻيو۔ نه ته ميرن سنڌ کي ٽن رياستن ۾ ورهائي انتظامي طور پاڻ کي ڪمزور ڪيو هو۔ پاڪستان ٺهڻ کانپوء ، خيرپور رياست کي بغير ڪنهن مزاحمت جي پاڪستان ۾ شامل ٿيا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو خيرپور جيڪا تعليمي ۽ معاشي طور گهڻو امير هئي، ان جو معاشي ۽ صنعتي ڍانچو تباهه ۽ برباد ٿي ويو۔ ان جو هڪ سبب شايد عام رعايا جو ساڻن گڏ نه هجڻ به هيو۔ اوهان جو سٺو ليک آهي ۔۔۔۔
هن سموري ليک مان اهو معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ هر دور ۾ امن ۽ سک رهيو آهي جيسين ان تي اتان جا اصلوڪي رهاڪو حڪومتون هلائيندا رهيا آهن، پو ڀل کڻي حڪومتي نظآم تمام سادڙو ئي ڇو نه رهيو هجي۔ جڏهن به ڌاريا آيا آهن ڪو نه ڪو ممڻ مچائي ويا آهن، هن وقت تائين اسان سنڌي قوم جيڪو ڪجهه به ڀوڳي رهيا آهيون اهو انگريزن جو ڏنل تحفو آهي، نڀاڳا ويندي ويندي به اسان جي سنڌ تي ڌارين کي قابض ڪري ويا۔