هندستاني فنڪارن جي انيلا سُندر جي اڳواڻي ۾ سنڌ ياترا
رپورٽ ۽ تصويرون : محمد سليمان وساڻ ۽ پرويز وسطڙوفن ۽ فنڪار جون ڪي به سرحدون ناهن ٿينديون. فن يا ادب جي لکڻين وسيلي انسان ڪنهن به ملڪ جي سرحدن جو قيدي نٿو ٿئي . فن کي ڪنهن ٻئي سرحد پار موڪلڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ناهي پوندي، پر افسوس جو جڏهن فنڪار سرحد پار ڪري ٿو ته ويزائن جي ضرورت پوي ٿي. اهڙي ئي طرح هندستان جي ناليواري اداڪاره، ڪلاسيڪل ڊانسر، ڪوريو گرافر انيلا سُندر ۽ هندستان جا ٻيا آرٽسٽ ڪشن رامتائي، مينا ڪشي، سڌا چندڪ ۽ ٻيا 12 جولاءِ جي شام جو ڪراچي جي هوائي اڏي تي پهتا، جتي شام جي پهر ۾ ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مرڪزي چيئرمين حميد ڀٽو، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سوشل ڪاميٽي جي چيئرمين نظر محمد ڳاهو، ميوزڪ ڪاميٽي جي چيئرمين عرفان سمون، مرڪزي سيڪريٽري جنرل رشيد چارڻ، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بهڻ، سوشل ڪاميٽي جي سيڪريٽري جي ايم کهڙو آفيس سيڪريٽري ڪراچي نظام کيڙو ۽ مرڪزي آفيس سيڪريٽري پرويز وسطڙو سميت ٻين فنڪارن، هندستان کان آيل مهمان فنڪارن جي وفد کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي روايت تحت مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويون.
هندستان کان آيل فنڪارن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو، سندن چهرا خوشي ۾ نه پئي ماپيا، فنڪارن کي ڀليڪار کانپوء سندن رهائش گاهه تائين آندو ويو. جڏهن ته 13 جولاءِ تي ڪراچي جي واءِ ايم سي گرائونڊ تي هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪيائون ۽ 14 جولاءِ 2012ع ڇنڇر جي ڏينهن هندستان کان آيل فنڪارن جي وفد کي ڪراچي شهر گهمايو ويو ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرست جي مرڪزي چيئرمين سان گڏجي انڊين سنڌي فنڪارن ڪراچي جي ساحل واري سمنڊ جو سير ڪيو ۽ ساحل سمنڊ جي مشهور شاپنگ سينٽرن کي پڻ گهمي ڏٺو ۽ سمنڊ تي وڃي انيلا سندر ۽ ٻين پاڻي ۾ پير پسايا. انيلا سندر تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته منهنجو مڙس اصل ڪراچي جو آهي ۽ مان اصل حيدرآباد سنڌ جي آهيان، منهنجي مڙس جي خواهش هئي ته ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ سمنڊ تي وڃي پاڻي ۾ پير پسايان، جيڪا مون پنهنجي مڙس جي خواهش پوري ڪئي آهي. انهيءَ دوران فنڪارن ساحل سمنڊ جي مختلف نظارن کان محفوظ ٿيندا رهيا ۽ تصويرون ڪڍايون جڏهن ته ساحل سمنڊ جي ڪناري ڊفينس فيز 8 جي علائقي ۾ سمنڊ ڪناري هوٽل تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان رات جي ماني جو اهتمام ڪيو ويو هو. رات جو ساڍي نائين وڳي حميد ڀٽو سان گڏجي آجياڻي واري هنڌ تي وفد پهتو ته فنڪار ٽرسٽ جي ڪراچي ڊويزن جي صدر الطاف سومرو، تخليق، ڪاميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ، ميوزڪ ڪاميٽي جي چيئرمين عرفان سمون ۽ ٻين سندن آجيان ڪئي. انهيءَ موقعي تي انيلا سندر سنڌ جي فنڪارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ گهمڻ جي گهڻي خواهش هئي جيڪا پوري ٿي، هن چيو ته سنڌ فنڪار ٽرسٽ سنڌ گهمائڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ڏسڻ جو موقعو ڏنو آهي. انهيءَ موقعي تي سوشل ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ وزيراعليءَ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ناليواري اداڪاره ڪلاسڪ ۽ ڪٿڪ ڊانسر شيما ڪرماڻي جن پڻ گڏجاڻي ۾ شامل ٿيا. انهيءَ موقعي تي سينئر وائيس چيئرمين عبدالغفار تبسم ۽ سعودي عرب کان آيل شاعر سردار غلام شبير جويو ۽ ٻين پڻ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سوشل ڪاميٽي جي چيئرمين نظر محمد گاهو چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ جي ثقافت کي وڌ ۾ وڌ ترقي ڏيارڻ جون هدايتون ڪيون آهن. شيما ڪرماڻي ۽ انيلا سندر جي گروپن طرفان سنڌ جي فن جو گڏيل مظاهرو ڪرڻ سان سنڌ اندر فن جا نوان لاڙا پيدا ٿيندا جنهن لاءِ فنڪار ٽرسٽ پُل جو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.
انهيءَ موقعي تي ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم چيو ته انيلا سندر سنڌي فن جي وڏي آرٽسٽ آهي، منهنجي پڻ زندگي جي وڏي ۾ وڏي خواهش هئي ته انيلا سندر سان ملاقات ٿئي. سنڌ ۽ هندستان ۾ گڏيل ڪلاسيڪل ۽ ڪٿڪ ڊانس تي مشتمل سنڌي پروگرام ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ گڏجاڻي ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته هندستان مان فنڪارن جو وفد سنڌ ايندو جن سان سنڌ مان شيما ڪرماڻي ۽ سندس گروپ جا آرٽسٽ موهن جي دڙي جو رقص پيش ڪندا. جيڪو پروگرام لاڙڪاڻي ۽ موهن جي دڙي تي پيش ڪيو ويندو ۽ ڪراچي ۾ سنڌ منهنجي امان نالي پروگرام پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي پس منظر ۽ ورهاڱي جو درد ۽ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردارن تي مشتمل ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ اوپيرا پلي پڻ پيش ٿيندو. انيلا سندر سنڌ منهنجي امان جي اسڪرپٽ بابت ڪاميٽي کي آگاهي ڏني ۽ ٻين عهديدارن پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهيءَ موقعي تي انيلا سندر ڳالهائيندي چيو ته مان دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ سنڌي ثقافتي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري داد ماڻيو آهي، سڄي دنيا مان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ عيوض تمام گهڻي عزت ۽ شهرت ملي آهي، سنڌ سان جنون جي حد تائين پيار آهي، سنڌي گيتن، شيخ اياز جي واين ۽ شاهه لطيف جي شاعري تي مشتمل گيتن تي رقص ڪندي مان پنهنجو پاڻ کي وساري ويهندي آهيان. انهيءَ وقت مان سنڌي شاعرن جي لفظن جو ڪردار بڻجي ويندي آهيان. مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، منهنجي خوشي جي انتها ناهي جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي، باقي جڏهن ڪلا جو مظاهرو ڪندس تڏهن اڃا وڌيڪ خوشي ٿيندي ۽ شيما ڪرماڻي جو نالو مون انڊيا ۾ پڻ ٻڌو آهي جيڪا پاڪستان جي وڏي ڪلاسيڪل ڊانسر آهي ۽ سنڌ جي فن کي پڻ اجاگر ڪري پئي جنهن تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، شيما ڪرماڻي سان گڏجي پرفارم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڪلاسيڪل ۽ ڪٿڪ ڊانس جا رنگ متعارف ٿيندا ۽ انيلا سندر جڏهن سنڌ جي فنڪار کان پڇيو ته ڇا سنڌ اندر سنڌي ڪلاسيڪل ڊانسر آهن ته کيس ٻڌايو ويو ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ تازو ئي ليکڪا عطيه دائود جي هڪ نياڻي شيما ڪرماڻي کان ڪلاسيڪل ۽ ڪٿڪ ۾ تربيت ورتي آهي. ان موقعي تي ٻين فنڪارن جي سکيا لاءِ شيما ڪرماڻي جي مدد سان ڪلاس شروع ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو ۽ انيلا سندر ٻڌايو ته ممبئي ۾ سندس ڊانس اڪيڊمي ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تمام گهڻي مقدار ۾ سندس کان سکيا وٺي رهيا آهن. آخر ۾ هندستان مان آيل سنڌي فنڪار ڪشن پنهنجو راڳ پيش ڪيو ۽ هندستان مان آيل ڪجهه فنڪارائن جڏهن لوڪ رقص پيش ڪيو ته هوٽل ۾ موجود سڀ عورتون ۽ مرد ان ناچ ۾ شامل ٿي ويا، اهڙي طرح هي گڏجاڻي ڪراچي جي خوشگوار موسم ۾ سمنڊ ڪناري رات دير تائين جاري رهي.

سڌا چندڪ، مينا ڪشي، ڪشن رامتائي، سليمان وساڻ، حميد ڀٽو، عرفان سمون۔ الطاف سومرو، شيما ڪرماڻي، انيلا سُندر،
نظر محمد ڳاهو ۽ انور صاحب

الطاف سومرو، سليمان وساڻ، حميد ڀٽو، عبدالغفار تبسم ۽ انيلا سُندر

سليمان وساڻ، انيلا سُندر، عرفان سمون، مينا ڪشي، ڪشن رامتائي ۽ سڌا چندڪ هڪ ٻيڙي تي موجود آهن

سليمان وساڻ، حميد ڀٽو، عرفان سمون، نظر محمد ڳاهو، شيما ڪرماڻي، انيلا سُندر، الطاف سومرو ۽ انور

انيلا سندر، حميد ڀٽو ۽ سليمان وساڻ ، مستقبل جي پروگرام تي ڳالهائيندي




ڪشن پنهنجي پرفارمنس پيش ڪندي
وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لاء هيٺين فيسبوڪ البمس تي ڪلڪ ڪيو
3۔ حميد ڀٽو جو فيسبوڪ البم ٻيو