“ويلڪم ٽو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز. وي آر ابائوٽ ٽو فلاءِ فرام لنڊن ايئرپورٽ ٽو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي... ........ . .....” ۽ پوءِ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ جي هدايت وغيره وغيره ۽ وري ساڳيو اعلان اردو ۾ به. هوءَ ڪريو اسٽاف روم ۾ آئيني تي پنهنجو پاڻ کي آخري دفعو ڏسي مطمئن ٿي ساڄي قطار جي ايڪانامي ڪلاس جي مسافرن جي خذمت لاءِ اڳتي وڌڻ لڳي. سندس لاءِ اهو پهريون دفعو نه هو پر گذريل اٺ سالن کان ايئر هوسٽس جي نوڪري ڪندي پئي آئي ۽ پنهنجي هر ڪوليگ جيان انهي ڪم مان بيزار هئي جيڪو عام ڏسڻ وارن لاءِ انتهائي پُرڪشش هوندو آهي ته جهازي اسٽاف پوري دنيا ٿو گهُمي. پر اها خبر هُن کي ۽ هُن جهڙن/جهڙين ٻين کي آهي ته ڪيئن نه 12، 12 ڪلاڪ هڪ ئي نطارو، هڪ ئي آواز ۽ “جي سر آپ ڪيا پينا پسند ڪرين گي؟ سر آپ ڪس وجه سي ان ڪمفرٽيبل هين.” ۽ چاهيندي نه چاهيندي ڪٿي مسڪرائڻو ته ڪٿي چُپ رهڻو. ۽ جڏهن سفر پورو ٿيو ته مسافر ته وڃي مليا پنهنجن سان يا ڪٿي آرامي ٿيا پر ڪلاڪ ڏيڍ رکي وري ساڳيو جهان، ساڳيا سوال ساڳيون ڪاغذي مسڪراهٽون. هو اڪثر سوچيندي رهي ٿي ته وٽس دنيا جهان جي لاءِ ڪُوڙي ئي سهي پر مُرڪ آهي. دنيا جهان جا ماڻهو ڪڏهن پاڻي گهرن، ڪڏهن سئندوچ جي فرمائش ڪن ته ڪڏهن جوس لاءِ حڪم. ۽ هر ڪنهن کي اهو سڀ مسڪراهٽ سان گڏ پيش ڪرڻو. ته پوءِ هُو ايڏي بي حس ڇو آهي جو 10 سالن کان بيوهه ويٺل ماءُ کي اڪثر ڇڙٻ ڏيئي ٿي وٺي. ڇا هن جي ماءُ سندس ايترو پيار به نه لهڻي جنهن جو مڙس فالج وگهي وقت کان اڳي هي جهان ڇڏي ويو. ۽ وٽس ڇڏي ويو هڪ دماغي اپاهج جواڻ پُٽ ۽ هڪ ڌي. ۽ پاڻ هلڻ کان لاچار جو گوڏن جي جوڙ ۾ ٿيل تڪليف کيس ٻه ٽي قدم هلڻ کان وڌيڪ پنڌ جهڙو ناهي ڇڏيو. ٻنهي ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ وٽس سواءِ هُن جي پينشن جي ڪجهه به نه هو جيڪا کين سرڪاري اداري پاران ملندي هئي جتي نوڪري واسطي ڳوٺ ڇڏي هو ڪراچي آيا هئا. سندن ڳوٺ وارن مائٽن ته اڳي ئي کين ڇڏي ڏنو هو جو هُنن جي نظر ۾ ڪراچي وڃي رهڻ. ڇوڪري کي پڙهائڻ وغيره وڏ ماڻهپي طور ڏٺو پئي ويو. هنن به ساڻن قطع تعلق ڪري هتي ئي عمر گذارڻ جو سوچي ورتو هو. پر جو هُن جي پيءُ جي بي وقتي موت کين ننڌڻڪو ڪيو ته سندس ماءُ بار بار سوچيو ته هاڻي هتي رهڻ ڏکيو ٿيندو پر هڪ ته ڳوٺ جي ماڻهن مان نه آسرو نه اُميد هئس ۽ نه وري ڪنهن مٿين دل سان ئي سهي پر ڪا صلاح هنئي ته ڪٿي اڪيلي ٻارن کي پالي سگهندين اچ اسان وٽ. پر نفسا نفسي احساس ۽ رحمدلي تي حاوي رهي ۽ ڪنهن به وڌي هن جي سار نه لڌي. مرحوم مائٽن جي اڪيلي ڌي جنهن کي نازن سان پالي نپائي پرڻائي پاڻ راههِ رباني وٺي ويا هليا تِن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته سندن ڌي جو مستقبل ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ايئن بي آسره ٿيندو.هوءَ مسافرن کان پهريون رائونڊ هڻي موٽي آئي تيستائين جهاز اڏامي پنهنجي مٿاهين حد تي سڌو سفر ڪرڻ لاءِ پهچي چڪو. ٿوري دير کان پوءِ کين مسافرن کي کاڌو سرو ڪرڻو هو. انهي سڀ مان واندي ٿي هو وري اچي ويٺي ته کيس هڪ روايتي مايوسي وڪوڙيو. هو سوچڻ لڳي ته منهنجي زندگي جو محور ڇا آهي؟ آئون ڪنهن لاءِ پئي جيئان. هڪ بيوهه ماءُ لاءِ جنهن جي باقي ڄمار جو سهارو فقط هو ئي آهي؟ هڪ دماغي مريض ڀاءُ. جيڪو سندن سهارو ته نه ٿيو پر هميشه لاءِ کين ئي سنڀالڻو پيو. سوچڻ لڳي ته ڇا منهنجي عمر ايئن ئي گذري ويندي؟ ڇا آئون ڪڏهن به ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪو نئون گهر وڃي نه وسائينديس؟ ۽ پوءِ ستت ئي خيال آيس ته شايد اهو ئي سبب آهي جو ڊپريشن جي اثر ڪري چڙچڙي ٿيڻ لڳي ٿي. جاب جي ته گهُرج ئي اها آهي ته مسڪرائيندا رهو سو زوري چهري تي مسڪراهٽون سجائي سجائي گهر وڃي اهو غصو ماءُ ۽ ڀاءُ تي لاهڻ لڳندي آهي. ڪيئي دفعا پڇتاءَ به ٿيو اٿس. ۽ پنهنجو پاڻ سان قسم به کنيا اٿس ته هنن بي سهاره سان نه وڙهنديس. پر الاءِ ڇو پاڻ تي ضابطو نه هوندو اٿس. کيس ٽي ڏينهن پهرين جو جهيڙو ياد اچي ويو. جنهن کان پوءِ هُن کي گهر وڃڻ جو به موقعو ناهي مليو جو يورپ جي هڪ فلائيٽ کان پوءِ کيس ڪراچي پهچندي ئي يو ڪي جي فلائيٽ ملي ۽ هو گهر به نه وڃي سگهي. اُن ڏينهن فليٽ جي پنجين فلور تان کيس ٻه دفعا پنڌ هيٺ لهڻو پيو جو بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب جنريٽر به نه ٿي هليا جو لفٽ هلي سگهي. هڪ دفعو ته گهر جي سيڌي سامان لاءِ ۽ ٻيو دفعو وري پنهنجي لاءِ وسري ويل ڪا شئي وٺڻ لاءِ. کيس هاڻي جلدي ايئرپورٽ به نڪرڻو هو جو ڪلاڪ بعد سندس رپورٽنگ ٽائيم هو ته جيئن اڳ ڊيوٽي تان آف ٿيل اسٽاف ڇُٽي ڪري ۽ هي پنهنجي چارج وٺي جهاز ۾ چڙهي. اهڙي موقعي تي هوءُ هميشه وس ويندي هر شئي وٺي ڏيئي ويندي هئي ته جيئن هو ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن نه به اچي ته گهر ڏکيائي نه ٿئي. اڃان سهڪندي اچي مس پُهتي هئي ته ماءُ هٿ پکي سان پاڻ کي واءُ هڻندي چيس ته “امان ٿڪي ته پئي هوندين پر ڀاءُ لاءِ دوا ختم ٿي وئي آهي. اها ته وسري وئي.” هي جا اڳي ئي ٿڪي گرمي سبب پگهري بيٺي هئي، اهو ٻڌي باهه ٿيندي ڀڙڪي پئي.“امان اوهان آخر ڇو ايئن ٿا ڪريو؟ وڃڻ مهل پُڇيو به هئم ته ڪا شئي وٺڻي هجي ته ٻڌايو. مان پنڌ سيڙهيون چڙهي چڙهي بيزار ٿي پئي آهيان. پر اوهان کي ڇا؟ اوهان کي رڳو آرڊر هلائڻو آهي نه؟” ماءُ هيڻائي سان وراڻيس “ امان منهنجي وڃڻ جو هجي ته ڪر مان پاڻ وٺي اچان. تنهنجو ڀاءُ به ڪلهه کان چاڪ ناهي نه ته ٿورو گهڻو هي به وٺيو اچي جي سمجهائي موڪلينس” “امان ٻئي مون لاءِ هڪ جهڙا آهيو. سڄي ڄمار مون کي کپائڻي پوندي اوهان کي پاليندي.” هوءُ ڪجهه گهڻو ئي وڌڻ لڳي هئي. “امان ايئن نه چئو. الله رحم ڪندو. منهنجو مولا هن کي صحت ڏيندو. هي تنهنجو سهارو بڻجندو” “بس امان الله اوهان جون اهي دعائون ٻڌي ها ته اسان هي ڏينهن نه ڏسون ها. اهو ٿيندو منهنجو سهارو. رڳو دوائون بند ٿينس ته به مهيني سر مهيني خرچ سان سئولي پُڄي پوان.” هي چوندي رهي ۽ ماءُ ٻڌندي رهي. ۽ لڙڪ پيئندي وئي. کائنس ٻه سال وڏو ڀاءُ گيلري ۾ ڪرسي تي ويهي ٻاهر هلندڙ گاڏيون ڏسي رهيو هو.“آج طبيعت سهي نهي يا لانگ جرنيز ني ٿڪا ديا هي؟” پنهنجي ڪوليگ پُڇيس ته ڇرڪي خيالن جي ڌنڌ مان نڪري حقيقت جي صاف منظر ۾ اچي وئي جتي ڪريو اسٽاف جو ننڍڙو روم هو. “نهين بس ايسي هي چُپ هون” هن جي ڪوليگ اڪثر هن کان پُڇنديون هيون ته هو ڇو اڪثر چُپ رهي ٿي. پر نه وٽس ٻڌائڻ جهڙا ڪي سبب هئا نه وري هنن کي به ڪو ايڏو اُلڪو هو. ۽ هن جاب ۾ اڪثر نوان ڪوليگ ملن ٿا. جيڪي هڪ ٻئي کي جيستائين سمجهن ته وري الڳ ٿيو وڃن. کيس شدت سان احساس ٿي رهيو هو ته انهي ڏينهن ڪاوڙ ۾ هو ماءُ ۽ ڀاءُ لاءِ گهڻو ڳالهائي وئي آهي. هن انهي مهل ته ڪاوڙ مان وڃي جلدي ۾ دوائون وٺي آڻي ماءُ اڳيان ٽيبل تي ڦٽي ڪيون هيون ۽ تيار ٿي ايرئپورٽ لاءِ اسٽاف وين ۾ ويٺي هئي پر ڪجهه ئي دير ۾ کيس احساسِ ندامت ٿيڻ لڳو هو. وس پُڄيس ها ته انهي مهل ئي آف ڪري موٽي اچي ها پر تيستائين اڳ وارو اسٽاف آف ڪري نڪري ويو هو. سندس ٻن ڏينهن جو اهو سفر الاهي ڏکيو گذريو هو ۽ هن جتي به موقعو مليو ٿي گهر ماءُ سان ڳالهايو ٿي. ماءُ جي دل ته ماءُ جي آهي. هن جي ڪجهه چوڻ کان اڳ ئي چئي ڏي “امان پنهنجو خيال رکجان. تو ڪجهه به ته نه چيو هو. قصور ته منهنجو هو جنهن بي ڌياني سبب توکي پنڌ ڪرايا. ۽ خبر اٿئي ان ڏينهن کان پوءِ ٻه دفعا هيٺ وڃي تنهنجو ڀاءُ ڪجهه سامان به وٺي آيو هو. چئي پيو ادي ڪاوڙ ٿي ڪري. هاڻي مان پاڻ هيٺ وڃي سامان وٺي ايندس.” هن کي ڀاءُ لاءُ شديد پيار اچڻ لڳو هو. وس نه ٿي پڄيس جو انهي مهل ڀاءُ کي ڳراٽي پائي پيشاني چُمي ها. پر کيس ڀاءُ لاءِ اونو به هو سو جهٽ ۾ چيائين “امان ادا کي گهڻو هيٺ نه موڪلجو. ياد نه اٿئو اڳي هڪ دفعي لفٽ خراب ٿي پئي هئي ۽ هي ان اندر هو. ڪيترا ڏينهن ان ڊپ ڇرڪ کائيندو رهيو ۽ هو جڏهن گلي ۾ سامان وٺڻ جي چڪر ۾ رستو ڀلجي اڳتي نڪري ويو هو ۽ اسان کي ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻي پئي هئي.” “ها امان چئين ته سچ ٿي. پر انهي ڏينهن کان پوءِ هو ضد ٿو ڪري ته هاڻ سامان مان پاڻ وٺي ايندس.”جهاز جي لئنڊنگ ۾ باقي ڪجهه ئي دير هئي. شام جا چار ٿي رهيا هئا. جهاز سمنڊ پار ڪري ڪراچي جي مٿان ڦيرا ڏيندو هيٺ ٿيندو رهيو. ۽ ڪجهه ئي دير ۾ رن وي تي هلڻ لڳو. مسافرن جي وڃڻ بعد هي جڏهن ايئرپورٽ پُهتي ته معمول کان وڏي رش ڏسي پريشان ٿي. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته پاڪستان جو چيف جسٽس ايئرپورٽ تي آهي ۽ ٻاهر کيس روڪڻ لاءِ رڪاوٽن سبب حالات ڪشيده آهن. سڀ مسافر هتي ئي آهن. نيئن شفٽ جوڪو به اسٽاف ناهي آيو. هڪ عجيب ڪشمڪش آهي. هرڪو پريشان آهي. هن کي اهو ٻڌي ويتر ڪاوڙ لڳي جو انهي ڏينهن کان پوءِ گهر موٽي وڃي معافي وٺڻ لاءِ هن منٽ منٽ ڪري ڳڻيو هو ۽ هتي وري نئين مصيبت. وس نه ٿي پُهتس ته سڀني کي پري ڪري ڊوڙي وڃي گهر پُهچي ها. جيئن پوءِ تيئن رش وڌڻ لڳي. هڪ ته صبح کان ويٺل اهي مسافر جن کي ٻين ملڪن وڃڻو هو انهن جي رش. ڇو جو نئين اسٽاف نه اچڻ ڪري فلائيٽ اسڪيجول متاثر ٿيو. مٿان وري هر ايندڙ فلائيٽ جي مسافرن جو رش. سوچيائين گهر فون ڪري ٻڌائي ڇڏيان ته جيئن پريشان نه ٿين. فون سندس ماءُ رسيو ڪيو هو. ۽ هن جي آواز ٻڌندي ئي روئڻ لڳي هئي. “روئندي اهو ٻڌائيائين تنهنجو ڀاءُ هيٺ ويو هو ته ڪافي دير تائين ناهي موٽيو. ڪجهه دير پهرين هيٺ فائرنگ ٿي آهي. الله خير ڪري. منهنجو محتاج پُٽ. الاءِ ڪٿي آهي. . . . . . .منهنجو مولا اسان تي رحم ڪري. . . . . ”هن ماءُ کي دلداري ڏني ته “امان گهٻراءِ نه الله چڱي ڪندو” ۽ پوءِ کيس هتي ڦاسڻ وڌيڪ پريشان ڪرڻ لڳو. هڪ هڪ پل اُلڪي وارو هئس. عجيب بيوسي هئس. هڪ پاسي سندس دماغي معذور ڀاءُ جو ڪو پتو نه هو. ٻيو هتان نڪرڻ جي اجازت نه پئي ملي. نه وري نڪرڻ صحيح به هو. وچ ۾ ٻه دفعا کيس آفيسرن اهو به چيو ته نئون اسٽاف نه اچي سگهيو آهي. اوهان والنٽيرلي راضي هجو ته فلائيٽ لاءِ اسٽاف پورو ڪري فلائيٽ رواني ڪيون. هن پنهنجي مجبوري ٻڌائي جان ڇڏائي.خدا خدا ڪري نيٺ رات جو 10 بجي هن سميت جڏنهن گاڏي ٻي اسٽاف کي هڪ گاڏي کڻي رواني ٿي. هي گهر پُهتي ته ڀاءُ جو ڪو اتو پتو نه هو. روئندڙ ماءُ ۽ پريشاني کان علاوه فقط غير يقيني صورتحال هئي جنهن جو گهر ۾ ديرو هو. ڪنهن کي ڪا به خبر نه هئي. هنن مختلف هيلپ لائينز تي ڳالاهايو پر گهڻو ڪري ته ڪا ڪال رسيو ئي نه ٿي ۽ جي ٿي به ته ڪو صحيح جواب نه مليو. رات جا ٻه ٿي رهيا هئا ته سندس فليٽ جي گهنٽي وڄي. هن ڊوڙي وڃي گيٽ کوليو ته ايڌي جي اسٽاف جا ماڻهو بيٺل هئا. هڪ نادرا جو ڪارڊ ڏيندي کين پُڇيائون “يه صاحب يهين رهتي ٿي؟” ۽ پوءِ ٻي لمحي ۾ هُن جا خدشا يقين ۾ بدلجي ويا جڏهن ڪارڊ ڏٺائين ته ڀاءُ جو ئي هئس ۽ خبر پيس ته هو اڄ شام فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي. سندس اندر ڀور ڀور ٿي پيو. دماغ تي ڪرندڙ بوجهه ايڏو هئس جو هو انهي ۾ ئي دٻجي وئي ۽ ماءُ کي آٿت ڏيڻ بدران پاڻ فرش تي وڃي ڪِري. هڪ اهڙو ڏکائتو منظر جيڪو سندس اڳي ئي بيڪار بڻيل زندگي ۾ هڪ نئون روڳ ڏيڻ آيو هو. هو روئندي رهي. ماءُ روئندي رهي ۽ ايڌي اسٽاف. . . . جن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي سي چوندا رهيا “بي بي آپ ڊيڊ باڊي وصول ڪرين همين فارغ ڪرين”.کين خبر ناهي ته ڪيئن هو سندس ڀاءُ جو لاش مٿي کڻي آيا ۽ کانئن صحيح وٺي روانا ٿي ويا پر کيس هوش سنڀاليندي ڳچ وقت گذري چُڪو هو. انسان ۾ هڪ وقت کان پوءِ وڏي کان وڏو صدمو سهي وڃڻ واري جيڪا سگهه قدرت رکي آهي کيس شايد اُها ئي ڪم آئي. دير سان ماءُ کي آٿت ڏيڻ لڳي ته “امان شايد اسان جو اهو امتحان هو. بس صبر ڪر.”ماءُ جيڪا اڳي ئي صدمي ۾ هئي تنهن چيس “بس امان قدرت مون کي منهنجو ور کسي تنهنجي آسري ڇڏيو. منهنجو محتاج پُٽ به تو تي بار هو. هو ويچارو ويو هليو. خدا مون کي به پنهنجو ڪري ته شل تون سُکي ٿي پئين” ماءُ جا اهي جُملا هن لاءِ تِکا ته ضرور هئا پر هو سمجهي سگهي ٿي ته هُن جيڪو انهي ڏينهن چيو هو کيس انهي بدلي اهي سڀ ٻُڌڻا پوندا اهوته ٿيڻو نه هو. هڪ لمحي لاءِ ته ڏک ٿيس پر ڳالهه سمجهندي ماءُ کي دلداري ڏيندي رهي ۽ روڪيندي رهي ته هاڻ اهڙو ڪُجهه به نه چيو. آئون اڳي ئي پڇتاءُ جي آخري حدن تي وڃي پُهتي آهيان. کيس اهو احساس ٿي ويو هو ته قدرت سندس انهي ڏينهن واري تيز ٿيڻ جو بدلو ڏنو آهي. ٻي ڏينهن تي سندس ڀاءُ ايڌي جي ئي ٿورن سان ڪراچي ۾ دفن ٿي چُڪو هو. ۽ هفتي جي موڪل ڪرڻ بعد هو ماءُ کي هڪ دفعو وري سڀ ڪجهه وٺي ڏيئي ۽ نئين فلائيٽ پڪڙڻ لاءِ اسٽاف وين ۾ ويٺي هئي. هي شهر جنهن لاءِ مشهور آهي ته هتي هڪ گولي هلڻ کان وٺي ٻي گولي هلڻ تائين جي گذريل وقت کي امن چئبو آهي سو هن وقت شهر امن ۾ هو.
ڪهاڻي لکڻ به هڪ فن آهي، اوهان بهترين ڪهاڻي ۽ مڪالما لکي اهو ثابت ڪيو ته اوهان جي اندر هڪ بهترين ليکڪ موجود آهي بس قلم کي جنبش ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ ڪراچي جي حالتن سان گڏ سماجي ۽ اخلاقي حالتن تي لکيل سٺي ڪهاڻي آهي ۔۔۔۔۔ شال سدا سُکيا هجو
مان ڪهاڻيون گهڻو ڪري نه پڙهندو آهيان هڪ ته تمام ِڊگهو هئڻ ڪري ٻيوته شروعات ۾ لکڻي ۾ اهڙي ڪا چاشني محسوس نه ٿيندي آهي جيڪا پوري ڪهاڻي پڙهڻ لا اتساهي، پر جنهن به ڪهاڻي جي شروعات کان ئي تجسس هجي ۽ اڃان ٿورڙو پڙهجي اڃان ٿورڙو پڙهجي ته ان ڪهاڻي ۾ ضرور ڪا چاشني هوندي آهي جيڪا ڀل ڪيتري به ڊگهي ڪهاڻي هجي پڙهي وٺندو آهيان، ۽ اهو سڀ ڪجهه مونکي هن ڪهاڻي ۾ محسوس ٿيو، ، پر جڏهن ڪهاڻي ختم ٿي وئي ته سوچيم اڃان گهڻو ڪجهه هئيڻ گهرجي ها هن ۾۔ تمام بهترين