مونکي سنڌي موسيقي جي منظر نامي تي چند اهڙا فنڪار نظر آيا آهن جيڪي پنهنجي فن کي عوام جي خوشي ۽ عوامي رنگ ۾ وڃائي نه صرف موسيقي کي امر ڪندا آهن پر خود به ڪلا جو هڪ عظيم ڪردار بڻجي ويندا آهن۔ اسٽيج تي هوُڪرا ۽ ڊانس ڪرڻ به جيتوڻيڪ اسان جي فنڪارن جو هڪ انداز رهيو آهي، پر ان انداز کي اهلِ ذوق وري ڪنهن سٺي نظر سان نه ٿا ڏسن۔ ائين نه آهي ته هُوڪرن ۾ ڪا اڻوڻتائي آهي پر اصل فنڪار اهو چورائيندو آهي جيڪو خود نه پر عوام کي هُوڪرن تي مجبور ڪري۔ مون پنهنجي زندگي ۾ جڏهن به ڪنهن عوامي محفل ۾ اُستاد مرحوم وحيد علي کي سُر وکيريندي ڏٺو، منهنجي زبان مان هميشه بي ساخته اهو نڪتو ته ڪلا هن شخص جي غلام آهي۔ ڏات سندس ٻانهي ۽ فن سندس دوست آهي۔ هزارن ماڻهن ۾ انهن جو ۽ انهن جهڙو ٿي ڪري سُر وکيرڻ سچ ۾ ڏکيو ڪم آهي۔ اُستاد جي انداز جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي جنهن پنهنجي خوبصورت انداز سان ماڻهن کي جهومڻ ته ٺهيو پر نچڻ تي به مجبور ڪيو۔ اُستاد مرحوم وحيد علي جو هڪ محفل کي سجائڻ ۽ مچائڻ دوستن سان ونڊيندس ۔۔۔ مان هن ڪلام کي ٻڌي ۽ ڏسي هميشه اهو چوندو آهيان ته هن کان وڌيڪ زندهه دل پرفامنس ۽ فنڪار مونکي ٻيو نه مليو ۔۔۔۔۔!
واقعي ئي استاد وحيد علي خان پنهنجي دور جو وڏو راڳي هيو۔ مونکي ياد آهي ته سچل سرمست جي عرس تي هو هر سال ايندو هو ۽ اسين به هر سال حاضري ڀريندا هئاسون۔ هوڏانهن استاد فيروز هوندو هو ۽ هيڏانهن استاد وحيد علي ۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن اهي محفلون ڪونه وسرنديون۔ استاد وحيد علي خان جي راڳ جي پرورش سندس مامي ۽ سنڌي راڳ جي گويي استاد منظور علي خان ڪئي هئي۔ اوهان استاد وحيد علي بابت سنڌ سلامت تي پيش ڪيل هن ليک تي ڪلڪ ڪري سندس حياتي بابت پڙهي سگهو ٿا۔