AZAM AFZAL
سينيئر رڪن
جنهن جي سهاري ساز کي پئي ڇيڙيم،
سا ٻانهن ڀڳل آهي غزل ڪئين چوان
جنهن سينڌ کي سندر سان سينگارڻ پئي گهريم،
سا رت سان رنڱيل آهي غزل ڪيئن چوان
ڳايان ته کڻي اهڙو جو طوفان کڙا ٿين،
پر چپ سبيل آهن غزل ڪيئن چوان
ٽاڪا به کڻي ٽٽي پون ها چپن جا،
پر ڄڀ وڍيل آهي غزل ڪيئن چوان
جنهن کي ٻڌائڻ پئي گهريم پنهنجو غزل،
سو ساٿي به ستل آهي غزل ڪيئن چوان