سائين شمشيرالحيدري جو سايو اسان جي سر جي مٿان گهاٽي بڙَ جي ٿڌيرِي ڇانوَ جيان آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران 15 جولائي 2012 تي سنڌ جي نامياري ليکڪ، ڏاهي اديب ۽ جوان جذبن جي شاعر سائين شمشيرالحيدري جي فني ۽ فڪري فلسفي تي هڪ ادبي ويهڪ ڪرائِي وئي۔
    رپورٽ :نثاراحمدناز
    تصويرون : رحمان مصطفى سمون
    سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران 15 جولاءِ 2012 واري ڏينهن کي برک سنڌي شاعر سائين شمشيرالحيدري جي نانءُ سان منسوب ڪرڻ واري اعلان کي مان ڏيندي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان 15 جولائي 2012 واري
    هفتيوار دستوري گڏجاڻي سائين شمشير الحيدري جي نانءُ سان منسوب ڪئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي شريڪ ٿيندڙ سڀني ميمبرن سائين شمشير الحيدري کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏني سائين جي شخصيت سائين جي فني ۽ فڪري پهلو تي روشني وڌي ۽ پنهنجِي پڙهندڙ سمورين رچنائن ۽ شاعريءَ کي سائين شمشيرالحيدري کي ارپيو ۽ سائين جو سايو پنهنجي سر مٿان گهاٽي بڙ جي ٿڌيري ڇانءُ جيان محسوس ڪري سندس صحت سندس درازيءَ عمر جون محبتن ڀريون دعائون سائين لاءِ گُهريون. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ڊاڪٽر شمشير الحيدري جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته شمشير الحيدري جهڙا شفيق انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن هو پنهنجي سموري زندگي هڪ مقصد خاطر جيئندا آهن سنڌي ادبي سنگت وارن کي جس هُجي جو جو هنن 15 جولاءِ 2012 واري ڏينهن ، شام ۽ پنهنجي سموري ادبي گڏجاڻين کي شمشير الحيدري جي نالي سان منسوب ڪيو ۽ سائين شمشير الحيدري مٿان پنهنجا جملي پيار واريا،۽ کيس پنهنجي دل جي گهرائين سان دعائون ڏنيون، سنڌ جي ڏاهي ليکڪ حڪيم محمد يوسف کتري محترم شمشير الحيدري جو لکت ۾ مختصر مگر جامع تعارف پڙهيو جنهن تي شريڪ ٿيندڙن سڀني دوستن تاڙيون وڄائي حڪيم يوسف کتري کي داد ڏنو. سنڌ جي نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو چيو ته سائين شمشير الحيدري ادبي ، سماجي ۽ شاعر جي حيثيت سان پنهنجي پر ۾ هڪڙي تاريخ آهن ، اسان سڀني کي فخر آهي ته اسان جي سنڌ اهڙن جوڌن پٽن کي جنم ڏيندي آهي جيڪي پنهنجي تخليقن کي جديد انداز ۾ استواري پنهنجو سموريون رچنائون پنهنجون سموريون تخليقون پنهنجي قوم کي ارپيندا آهن . سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان کي جس ڏيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان وارن کي شابس هُجي ته هو هر قومي مسئلي چاهي اهو قومي ٻولي سنڌي ٻولي جو مسئلو هُجي چاهي پاڻي جو مسئلو هُجي ، چاهي سنڌي ثقافتي ڏينهڙو هُجي يا ڪا ادبي محفل هُجي بلڪل متحد ٿي تي هڪڙي سائنٽيفڪ انداز سان هميشه پيش پيش هوندا آهن ۽ پنهنجو آواز اقتداري ايوانن ۾ پهچائيندا آهن سنڌي ادبي سنگت جا هي ليکڪ هي شاعر بظاهر ڏسڻ ۾ ٿورا آهن پر هنن جو هر قومي مسئلي تي آواز اٿارڻ سنڌي قوم جي 4 ڪروڙن کان مٿي جي عوام جو آواز هوندو آهي. پروفيسر محمد موسي سٺيو شمشير الحيدري جي فن ۽ فڪر تي ڳالهائيندي چيو ته جيتوڻيڪ هو محترم شمشير الحيدري سان ملاقات نه ڪري سگهيو آهي پر جڏهن هو شمشير الحيدري جا مختلف رسالن ۽ ميڊيا تان گيت ٻُڌندو ۽ پڙهندو آهي ته کيس محسوس ٿيندو آهي شمشير جي شاعري سندس دل جو آواز هوندي آهي شمشير جي شاعري واقعي روح کي گرمائي ڇڏيندي آهي. الله سائين سندس وڏي حياتي ڪري هو اسان جي سنڌي قوم جو ڪوي آهي شال سندس ڪويتائون ۽ پاڻ هميشه سلامت رهن. منظور عادل سومرو شمشير الحيدري جي تاريخ ساز شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته اسان ننڍي لاڪون سائين جي شاعري مختلف رسالن، مختلف ميڊيا جي چينلن تان پڙهندا ۽ ٻڌندا اچون ائين سمجهندا آهيون ته سائين اسان جي دل جو آواز پنهنجي شاعري ۾ سمايو آهي ، سنڌي ادبي سنگت وارن کي شاباسون آهن ته هنن اهڙيون گڏجاڻين جو بنياد وجهي اسان جي سنڌ جي ڏات ڌڻين سان پيار ورهايا آهن . ان موقعي تي ٻن سنڌي ڪتابن طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو، ۽ زندگي آهي سفر جي تخليق ڪار محمد خان غني ادبي سنگت ٽکڙ ٽنڊو محمد خان جي سرپرست محترم تاج ٽکڙائي چيو ته سائين شمشير الحيدري سان سندس سالن جا لاڳاپا آهن جڏهن محمد خان غني لائبريري ٽنڊو محمد خان جو بنياد وڌو پئي ويو تڏهن سائين شمشيرالحيدري ٽنڊو محمد خان اچي ان لائبريري جو افتتاح ڪيو هو، ان کان علاوه ڪافي ڀيرا ٽکڙ ۾ ٿيل مشاعرن ۾ سائين شمشيرالحيدري شرڪت ڪري انهن مشاعرن جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائي هُئي، تاج ٽکڙائي پنهنجو نڪور نظم سائين شمشيرالحيدري کي ارپيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ اهو نظم پڙهيو جنهن تي هن مختصر مگر پرو قار گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن دل کولي تاڙيون وڄائي تاج ٽکڙائي صاحب کي داد ڏنو، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سيد سارنگ شاهه چيو ته سنڌي ادبي سنگت وارا هميشه پنهنجي سنڌي ادبي ساٿين سان ساٿ ساٿ هوندا آهن سنڌي ادبي سنگت مرڪز وارا چاهي سنڌي ادبي سنگت جون شاخون سدائين سنڌي ٻولي ، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي سڀني ساٿين چاهي هو فنڪار هُجن چاهي شاعر هُجن يا ادب جي ڪنهن به شعبي سان سلهاڙيل هُجن سدائين پاڻ پتوڙيو آهي پنهنجي حقن لاءِ هر پليٽ فارم تي جدوجهد ڪئي آهي سنڌ جي ڏاهي ۽ ڀلوڙ ليکڪ شاعر سائين شمشير الحيدري سان پنهنجا خلوص ورهائي اهو وچن ورجايو آهي ته سائين شمشير اسان جو پنهنجو آهي، سائين سنڌ جو قومي اثاثو آهي، سائين سنڌ ڌرتي جو اهو ڪوي آهي جنهن پنهنجي ڪويتائن جا خزانه سدائين سنڌ ڌرتي جي ماڻهن کي ارپيا. سيد سارنگ شاهه سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي سٿ کي شاباسون ڏيندي چيو ته کين جس هُجي جو هنن مرڪزي سنڌي ادبي سنگت جي خلوص ڀرئي سڏ کي ورنايو ۽ سائين شمشيرالحيدري مٿان چاهتون ورهايون ۽ پنهنجون نيڪ تمنائون سائين شمشيرالحيدري مٿان نڇاور ڪيون. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جي سيڪريٽري نثاراحمدناز جيڪو هن سموري گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائي رهيو هو سڀني شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان جو سائين شمشيرالحيدري کي سلام آهي ۽ اسان جون دعائون سائين شمشير الحيدري لاءِ سدائين آهن ته سائين جن جو سايو اسان جي مٿان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جيان آهي الله سائين سائين شمشيرالحيدري کي سدائين سلامت رکي . آخر ۾ شاهه سائين جي لازوال بيت سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. تي هن گڏجاڻي جي پڄاڻي ڪئي بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سڀني شريڪ ٿيندڙ دوستن جي پرتڪلف ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. اهڙي طرح هي گڏجاڻي جيڪا ٺيڪ 5 وڳي شام جو شروع ٿي رات جي 8 وڳي اختتام پذير ٿي. هن ادبي گڏجاڻي ۾ وڌيڪ شريڪ ٿيڻ وارن ۾ آغا جان آغا، گُل خاصخيلي محترما گُلشن ،رحمان مصطفي سمون گُل محمد سومرو نوشاد ڀٽي، پڻ هُئا.
    هاڻ پيش آهن هن خوبصورت تقريب جون تصويري جهلڪيون
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سائين شمشيرالحيدري لاءِ دعائيا بينر لڳايو ويو​
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري پڻ آهي هن محبتن ڀري ادبي ويهڪ جي ڪاروائي هلائي رهيو آهي​
    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سائين شمسيرالحيدري جي فڪري پهلو تي ڳالهائي رهيو آهي ۔​
    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته سائين شمشير الحيدري جي شاعري پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سائين شمشير اسان جو آهي ۽ اسين سنڌي سڀ سائين شمشير جا آهيون​
    [​IMG]سنڌ جو ڏاهو حڪيم محمد يوسف کتري پنهنجي لکيل مقالي ۾ سايئن شمشير الحيدري جي باري مختصير مگر جامع تعارف پڙهيو​
    [​IMG]
    پروفيسر محمد موسى سٺيو سائين شمشير الحيدري کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه سائين شمشير الحيدري جي باري پنهنجي صدارتي تقرير ڪري رهيو آهي​
    [​IMG]
    سنڌ جو ڀلوڙ شاعر آغا جان آغا سائين شمشيرالحيدري جي شاعري جي خوبصورت ڪلا تي ڳالهائي رهيو آهي​
    [​IMG]
    هن خالص ادبي ۽ محبتي تقريب ۾ دوست شريڪ آهن​
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين نوجوان رحمان مصطفى سمون سائين شمشيرالحيدري جو گيت پڙهي رهيو آهي​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    پَسِي جھاجھ جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛
    اَپَرِ اَڳانجھو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛
    هڏِ نه ڀَڳِيَنِ هڪَ، سَدا سائِـرَ سِيرَ ۾.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌي ادب سنگت سنڌ ۽ خاص ڪري ٽنڊي محمد خان جي دوستن کي سلام جن پنهنجن اديبن ۽ ڏاهن کي مان ڏيڻ وارو سلسلو شروع ڪيو آهي، ڪالهه شايد لاڙڪاڻي جي سنڌي ادبي سنگت پڻ اهڙو ڪو پروگرام جوڙيو هيو ۔۔۔

    محترم شمشير الحيدري کي مون جيترو ڏٺو يا پڙهيو يا محسوس ڪيو آهي ته هڪ پارس جهڙو انسان آهي، جنهن جي زبان مان هميشه علم ۽ فهم پيو اوتبو آهي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڄاڻ ۽ چاهه ايترو جو سندس اندر ۾ سمنڊ ڀريل هجيس ۔۔۔

    سنڌي ادبي سگنت لا شمشير الحيدري جون ڪيل خدمتون به ڪي وسرڻ جهڙيون ناهن ۔۔۔ هي اهو اديب آهي جنهن سنڌ ۽ سنڌيت لا ڪم ڪندڙ موجود سڀني ادارن جي پيڙهه جي پٿر رکڻ وقت پنهنجا ڪلها ضرور آڇيا ۽ انهن جي واڌ ويجهه لا واهوندا کوٽيا ۔

    ٽنڊي محمد خان جي سموري سٿ کي واڌايون ۽ سلام ۔۔۔

    چڱان ڪن چڱايون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي
    محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد

    شمشير سنڌ جو بي باڪ ۽ ارڏو صحافي، خوبصورت شاعر، ڀلوڙ ڊرامه نويس ۽ ان سان گڏ خود دار اديب ۽ انسان آهي۔ سندس سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت لاء ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ منهنجو ساڻس واسطو 1998ع کان آهي جڏهن اسان سچل ڳوٺ آياسون ۽ هو سِگا جي پروگرامن ۾ شرڪت لاء ايندو رهندو هو۔ پوء ساڻس گهڻي ويجهڙائپ رهي۔

    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس موبائل نمبر تي ڪال ڪيم ته پاڻ ئي کنيائون۔ مان کيس عرض ڪيو ته اسان اسپتال اچڻ چاهيون ٿا۔ پاڻ چيائون ته سنگت کي سلام چئو، ڊاڪٽر ڪنهن سان ملڻ کان منع ڪيو آهي، بس اوهان دعائون ڪندا رهو۔

    شمشير جي خودداري تي ڇا چئجي جو پاڻ هر دفعي منع ڪندو آهي ته ڪنهن کي به منهنجي مدد لاء نه چئو، پر ڇا اسان ان کي جواز بڻائي سنڌ جي هن ڏاهي انسان کي ايئن ئي اڪيلو ڇڏي ڏيون ؟؟ سندس سان ڪيل واعدا جيڪي آرٽس ڪائونسل ۾ ساڻس سان ڪيل رهاڻ ۾ ڪيا ويا ڇا اهي به پاڙي نه ٿا سگهجن ؟؟؟ اسان جي ادارن تي پوء ڪير اعتبار ڪندو ۔۔۔۔ ؟؟؟

    شاباس آهي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دوستن کي جن سندس نانء هڪ شام رکي۔ سائين نثار ناز جي بهترين رپورٽ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين نثار ناز صاحب...... اسانجي پياري ۽ نامياري ليکڪ، جوش ڏياريندڙ جذبن جي شاعر سائين شمشيرالحيدري جي فني ۽ فڪري فلسفي تي هڪ ادبي پروگرام جي متعلق تحرير ۽ تصويرن جواسان سان ونڊ ڪري اوهان ڄَڻُ محترم شمشيرالحيدري جي يادُن جو هڪڙي قسم جو وڊيواسان جي ذهنن ۾ رِوائنڊ ڪري ڇڏيوآهي.... ليڪن هي اهڙي پياري شخصيت آهي جيڪا ڪڏهن به اسان کان وسري نه ٿي
    سگهي،
    ڀٽائي سرڪار جا بيت هُجن يا وايون، سائين شمشيرالحيدري جي سُٺيءَ طرح سمجهاڻي ۽ خاص ڪري معنى کي پياري انداز سان
    ٻُڌائي، ٻُڌندڙن جي علم ۾ اضافو پئي ڪري ڇڏي. سائين شمشيرالحيدري لطيف سرڪار جي داستان ” مومل راڻو” کي جيڪو ڊرامائي
    انداز ڏنو جيڪو هڪڙي ٽي وي چينل تي به نشر ٿيو، منهنجي خيال ۾ اُهو جنهن به صاحب ڏٺو ته هُن جي تعريف ڪرڻ کان نه رهي
    سگهيو... سو ادا سائين اسان جو مٺڙو محبتن ڀريو اديب سائين شمشيرالحيدري اسان جي دلن تي قيامت تائين راڄ ڪندو رهندو....بيشڪ..
    آخر ۾ آءُ سائين نثارناز صاحب.. هڪڙو ننڍڙو عرض ڪندُس ته سائين انهيءَ تقريب جي جيڪڏهن وڊيو هجي ته مهرباني ڪري هُنَ
    جو به اسان سان ونڊ ضرور ڪندا ته اوهان جا لک قُرب.......مهربانيون سائين...... (محمد حفيظ ”لطيفي”)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو