اڄوڪي اخبارن ۾ خبرون پڙهي رت روئڻ تي دل ڪري رهي آهي، اسان جا سنڌي هندو خاندان ڪيترا مجبو ۽ لاچار ٿي ويا آهن۔ صدين کان پنهنجي ڌرتي جا وارث اڄ ايڏا لاچار ۽ بيوس آهن جو سندن عزتون به محفوظ ناهن؟ هنن جي جان ۽ مال به غير محفوظ آهي۔ ڪٿي آهن قومپرست ؟ ڪٿي آهن سياسي پارٽيون ؟ ڪٿي آهي حڪومت ۽ انتظاميه ؟؟
ڇا اها بي وسي ناهي جو صدين کان رهندڙ ڪڏهن ڀتي ته ڪڏهن اغوا ذريعي ڌمڪايا ٿا وڃن۔ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين لاء ڌرتي اوپري ٿي وئي آهي۔ ڪڏهن هنن کي گهرن ۾ گهري هنن جي عزتن سان کيڏيو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري سندن اسڪول ويندڙ نياڻين جي رستا روڪ ڪئي ٿي وڃي۔ ڪٿي آهي سنڌ جي مهذب روايتون رکندڙ تهذيب ؟ ڪٿي آهن ڌرتي جا وارث جن کي اکين مان نڪرندڙ بيوسيء جا ڳوڙها به نظر ڪونه ٿا اچن۔
چيو وڃي ٿو ته اتر سنڌ خاص ڪري جروار، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي شهر مان 78 خاندان ڀارت لڏ پلاڻ لاء پنهنجا اجها ڇڏي بسن ذريعي لاهور روانا ٿيا آهن۔ چون ٿا ته جروار مان جڏهن هڪ ئي وقت 60 خاندان لاڏائو ٿيا ته ڪيئي اکيون اشڪبار هيون ۽ ماڻهن ۾ ڏک جي لهر هئي۔ ان سلسلي ۾ روزانه عوامي آواز جي خبر آهي ته
اطلاعن موجب لڏ پلاڻ ڪندڙ ۽ ارادو رکندڙن جي وڏي اڪثريت جو تعلق گھوٽڪي ضلعي سان آهي جتان جان هندو سڀ کان وڌيڪ پنهنجين نياڻين جي عزتن کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن خاص طور رنڪل عرف فريال واري معاملي کان پوءِ جي ٿيندڙ ڪاررواين اتان جي هندو برادريءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌائي ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏي ڌارين جي ديس هندستان لڏپلاڻ ڪندڙن حڪومت، چونڊيل نمائندن، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي مٿان الزام مڙهيو آهي ته انهن کين ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه لڏ پلاڻ ڪرڻ وقت عوامي آواز سان ڏک اوريندي جروار، ميرپور ماٿيلو ۽ لاڙڪاڻي واسي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو چوڻ هو ته سڀني جي ساڻن همدردي رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهي عملي طور ڪنهن به سندن سار سنڀار ناهي لڌي. هنن روئيندي چيو ته جڏهن اسانجي نياڻين کي اسڪول ۽ ڪاليج ويندي تنگ ڪيو ويندو آهي، جڏهن کين اغوا ڪيو ويندو آهي، جڏهن سندن ڪاروبار وارين جڳهن تي اچي کين ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، هٿيارن جي زور تي ڀتو ورتو ويندو آهي، ڏينهن ڏٺي جو گھرن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪيون وينديون آهن، عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي آهي ته ان وقت نه ڪو چونڊيل نمائندو نظر ايندو آهي نه ڪو قومپرست اڳواڻ ۽ نه سول سوسائٽي سامهون ايندي آهي. هنن چيو ته حڪومت ته اسان کي ٻئي ٽئين ته ڇا چوٿين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس ۽ حڪومتي عملدار ڏاڍن جا ڪمدار بڻيل آهن. هنن چيو ته نه اسان پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلي سگھون ٿا نه ڪاروبار ڪري سگھون ٿا اهڙي صورت ۾ اسان وٽ اهو ئي رستو آهي ته عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ ماتر ڀوميءَ کان جدائيءَ جون درد ڀوڳيندا رهون
هوڏانهن اڃان تائين ڪيترائي هندو واپاري اغوا ڪيا پيا وڃن پر انتظاميه لاچار آهي، سيوهڻ جي ميلي تان موٽندڙ ٽن هندن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جي اڃان تائين ڪابه خبر ناهي۔
الائي ڇو هي سڀ منظر ڏسي ۽ خبرون پڙهي مونکي 1947ع جي ورهاڱي جا منظر محسوس پيا ٿين۔ اڄ مان پانهنجو پاڻ کان سوال ڪري پاڻ کي ئي نندي رهيو آهيان ته مان ڪهڙو سنڌي آهيان جيڪو موهن جي دڙي جو وارث ٿو سڏايان؟ جيڪو پنهنجي سنڌين جي مال، عزت ۽ گهرن جي حفاظت لاء ڪجهه ڪري ناهيان سگهيو۔
اڄ سنڌ جا اصلوڪي باشندا اسان تي کِلي رهيا آهن ته سنڌي صرف ٻٽاڪون هڻي ڄاڻڻ، هو سنڌ جي مالڪي نه ٿا ڪري سگهن۔