ImamBux
سينيئر رڪن
احمد خان آصف مصراڻي
قطع تاريخ وفات ؛ مرحوم ميان جان محمد “شاد” عباسي ٻورڙائي.
روز شب هلندو رهي ٿو زندگي جو ڪاروان
موت جي منزل کي پهچي ٿو وڃي سو بي گمان
ساھ جنهن کي آھ، سو مرندو اٽل قانون آھ
جنهن کي سڏ سائين جو ٿئي تنهن کي ملي مهلت ڪٿان
ٿي ويو ماحول مغموم ۽ فراق ٿي فضا
“شاد” عباسي جڏهن رحلت ڪئي هي ناگھان
هن جي لاڏاڻي جو ڪاٿي وقت هو اي دوستو!
لال لٽجي ويو اچانڪ موت ماريءَ جي هٿان
جان محمد جي وڃڻ جو دل کي صدمو سخت ٿيو
موڪلائڻ کانسواءِ ويو موڪلائي مهربان
عالم ۽ استاد عاليشان دلبر دوست هو
ماهر موسيقيت ۽ شاعر شيرين زبان
ذوالقعد ۽ ماھ سيپٽمبر جي اڻٽيهين هئي
جو رضا رب جي مڃي ٿيو راه رب جي سان روان
مونکي هاتف هيئن چيو همدرد ٿي ۽ هم زبان
شاد جي رحلت جا ٻيئي سن اي “آصف” لک عيان
(جان محمد شاد دل، دلشاد و شاعر) ڌار ٿي
۱۴۰۱ھ
(دربهشت خلد ساڪن شاد ٿي ويو شادمان
1981ع