ادا اڪثر ڪري اهڙا مسئلا پروفائيل تي موجود سرگرمين جي رپورٽ ڪرڻ تي ايندا آهن۔۔۔ يا وري توهان موبائيل تان مسلسل ناڪام لاگنگ جي ڪوشش ڪئي هجي۔۔۔ يا وري ڪنهن ٻئي ملڪ يا هنڌان جتان جي آئي پي توهان جي فيسبوڪ کاتي جي رجسٽريشن دوران نه ملندي هجي تان لاگ ان ٿيڻ جي صورت ۾ فيس بوڪ اهڙا سيڪورٽي آپشن ڏيندو آهي۔۔۔
انهن جو حل پڻ موجود هوندو آهي ۔۔۔ توهان جنهن پني جي اسڪرين شاٽ موڪلي آهي ان کان اڳ وري پني تي توهان کي گذارش ڪئي ويندي آهي ته پنهنجي پروفائيل تي لاگ ان ٿيڻ کان اڳ فيس بوڪ کي پڪ ڏياريو ته اهي توهان پاڻ ئي آهيو۔۔۔ اهڙي پڪ ڏيارڻ جو بهترين طريقو هوندو آهي ته توهان پنهنجي موبائيل نمبر تي ميسيج گهرايو جنهن ۾ فيس بوڪ ۾ هڪ ڪوڊ ميسيج ڪيو ويندو۔۔۔ جنهن کي پڇڻ تي توهان لکي موڪليو توهان جو کاتو فعال ٿي ويندو۔۔۔
جي ڪنهن سبب ڪري توهان وٽ فيس بوڪ تي ڏنل نمبر موجود نه هجي ته ان صورت ۾ ٻيو آپشن توهان جي سامهون ايندو آهي جنهن جي توهان اسڪرين شاٽ موڪلي آهي۔۔۔ هن ۾ توهان کان پڇيو ويندو آهي ته توهان طرفان اپلوڊ ڪيل تصويرن ۾ ٽيگ ڪيل پنهنجي دوست کي سڃاڻو۔۔۔ اهو آپشن اڪثر ڪري درست جواب موڪلي نه سگهندو آهي جو اسان فيس بوڪ تي ڪا تصوير ٽيگ ڪرڻ اصل طريقي ڪار بجاءِ هر تصوير تي پنهنجي سمورن رڪنن کي ٽيگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔۔
ان ڪري بهتر رهندو ته توهان موبائيل نمبر تي ڪوڊ گهرايو۔۔۔ جي اهو ممڪن نه هجي ته آخري حل آهي ته توهان پاسورڊ ري سيٽ جي درخواست ڪريو ۽ اي ميل ذريعي لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي کاتي کي فعال ڪريو۔۔۔