• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان ڏٺو آهي... (سنڌ سلامت ٽپس)

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪوشش ڪبي ته هن موضوع ۾ سنڌ سلامت فورم تي اڳ ئي موجود اهڙين ڳالهين کي مختصر نموني واضح ڪجي جيڪي عام طور تي رڪنن کان ڍڪيل آهن ته جيئن سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي آساني سان سمجهي سگهجي۔۔۔


سنڌ سلامت ايوارڊ سسٽم۔۔
هوئن ته هيٺين تصوير وانگر هر رڪن پنهنجي ۽ ٻئي جي رڪن بابت معلومات سيڪشن منجهان ايوارڊ پوائينٽس تي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهي ٿو ته کيس يا ٻئي رڪن کي ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ مليا آهن۔۔۔

24v2o8z.png

خير دوستن جي معلومات لاءِ ٻڌائيندو هلجي ته ايوارڊ جون پوائينٽو رڳو تحريرن جي تعداد يا وري پسنديدگين تي رکيل ناهن پر فيس بوڪ ذريعي لاگ ان ٿيڻ تي 10 پوائينٽون، نئين سافٽويئر تي ايندي رڪن جي سالگراه تي کيس 10 پوائينٽون ۽ سنڌ سلامت تي ساٿ نڀائيڻ تي پڻ کين ايوارڊ باالترتيب 10، 15 ۽ 20 پوائينٽون ڏجن ٿيون۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ مدد مينون منجهان ايوارڊ تي ڪلڪ ڪري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
 
سنڌ سلامت ڪچهري سسٽم

توهان اندازو ڪيو؟ ته هاڻي ذاتي پيغامن جي جاءِ تي ڪچهري کي شامل ڪيو ويو آهي۔۔۔
ان طرح هاڻي ڪچهري جي شروعات ۾ هڪ کان وڌيڪ رڪن شامل ڪري سگهجن ٿا يا وري ڪچهري دوران پيغامن جي ڏي وٺ جي وچ ۾ پڻ ڪنهن به رڪن کي شامل ڪري سگهجي ٿو جيڪو هلندڙ ڪچهري کي شروع کان وٺي پڙهي سگهندو۔ اهڙي طرح ڪو به رڪن ڪچهري ڇڏي به سگهي ٿو يا وري ڪچهري شروع ڪندڙ ڪنهن به رڪن کي ڪچهري کان ٻاهر ڪڍي به سگهي ٿو۔۔۔

14ub709.png

ان طرح دوستن سان تفصيل ونڊ ڪري سگهجن ٿا۔۔۔ ۽ ترت صلاحون پڻ۔۔۔
ان کان علاوه ڪچهري شروع ڪندڙ چاهي ته ڪچهري ۾ شامل رڪنن کي پڻ ٻين رڪنن کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو ۔۔۔ يا وري يڪطرفو ڪچهري پڻ شروع ڪري سگهي ٿو۔۔۔

2r41ls8.png
 
سائين ماشا الله هي ته تمام بهترين سلسلو آهي، پر هڪ سوال ته ڇا هن سيڪشن ۾ صرف اوهان يا انتظاميه طرفان ئي ڳالهيون ونڊي سگهبيون ڇو ته ڪريئيٽ ڪندڙ ۽ پڻ هن تي راتين جون راتون جاڳندي اوهان ئي وڌيڪ سمجهيا هوندا، يا وري عام رڪن به ڪا ڳالھ سمجهن ته اهي به نئين سافٽ ويئر جي حوالي سان ونڊي اگهن ٿا؟
ٻي گذارش هي ته جيئن اوهان جي مٿي ڏنل تصوير مان ظاهر ٿئي پيو ته اوهان سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن جي ڪنهن موضوع جو عڪس ڏنو آهي پر مون فورم تي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سائين جن جو اهڙو ڪو موضوع سرچ ۾ مونکي نظر نه آيو! مهرباني ڪري ان موضوع جو يو آر ايل ڏيندا۔ لک لائق۔۔۔
 
ڀاء طاهر اصل ۾ اهو ڪو موضوع نه پر ذاتي ڪچهري جنهن جو عڪس ڏنو ويو آهي۔
 
اڪثر ڪري دوست فون ڪري يا ميسيج ڪري پڇندا آهن ته مرڪزي صفحي تي ته چند موضوع نظر اچن ٿا، پوء باقي موضوع ترتيبوار ڪيئن ڏسي سگهجن۔ اهڙن دوستن جي لاء هيٺ تصويرن سان فورم جي جانچ جو طريقو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي۔ اميد ته دوستن لاء فائديمند ثابت ٿيندو۔​
مرڪزي صفحي کان علاوهه تازه ترين ۽ سرگرم موضوعن لاء اوهان فورم جي صفحي تي وڃي موضوع پڙهي سگهو ٿا۔
سڀ کان پهرين مرڪزي صفحي تي اچو ۽ اتي موجود فورم جي ٽيب تي ڪلڪ ڪيو۔ بلڪل هيٺين تصوير وانگر۔
iSIrjZB7f9B74.JPG
هاڻي اوهان اڳيان فورم جو صفحو کلي ايندو۔ اتي اوهان کي ٻه اضافي ٽيب نظر ايندا، هڪ تازه ترين ۽ ٻيو فعال موضوع هيٺين تصوير ۾ ڏسو۔
ilRn1wmYpaKTy.JPG
جڏهن اوهان تازه ترين ٽيب تي ڪلڪ ڪندا ته اوهان اڳيان اهي سڀ موضوع کُلي ايندا جيڪا اڃان تائين اوهان ناهن پڙهيا۔ هڪ کان وڌيڪ صفحا هجڻ جي صورت ۾ صفحا نمبر به ايندا۔
i24JMve0ZloUB.JPG
جڏهن اوهان فعال موضوع ٽيب تي ڪلڪ ڪندا ته اوهان اڳيان ترتيبوار وقت ۽ تاريخ جي حساب سان سڀ موضوع کلي ايندا، چاهي اوهان اهي پڙهيا ڇو نه هجن۔ هتي لازمي آهي ته ڪيئي صفحا کُلي ايندا۔
iOLllOstTPEqW.JPG
جيڪڏهن اڃان به فورم کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي اچي ته ٻڌائجو۔
 
توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي جنهن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ اڳتي به ائين ئي دوستن لا مهربانيون ڪندا رهندا نئون ڪجهه سکڻ لا مهرباني ادا توهان جي۔
 
سائين مان شامل ته ٿي ويو آهيان پر مونڪي مواد شايع ڪرڻ لائي ڪو آپشن نظر ئي نثو اچي ۔
برائي مهرباني مونڪي هن جو تريقو موڪليو اوهانجي مهربانڳ ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سائين مان شامل ته ٿي ويو آهيان پر مونڪي مواد شايع ڪرڻ لائي ڪو آپشن نظر ئي نثو اچي ۔
برائي مهرباني مونڪي هن جو تريقو موڪليو اوهانجي مهربانڳ ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا ڪو موضوع يا مواد موڪلڻ جو طريقو بلڪل آسان آهي۔ ان سلسلي ۾ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري طريقو سمجهي سگهو ٿا۔
 
اڃان سکيا جو عمل جاري آهي جڏهن منهجيم تڏهن اوهان کان ضرور رايا وٺندم ضرور پر ڪچهري وارو ڪالم ڪٿي آهي؟؟؟
مٿي توهان جي نالي سان گڏ ئي ان باڪس لفظ لکيل آهي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان ڪچهري پني تي اچي سگهو ٿا۔۔۔
پر ڪنهن رڪن سان ذاتي ڪچهري جي شروعات ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته رڪن جي نالي ڪلڪ ڪريو ۽ رڪن جي کلندڙ اوور لي ڪارڊ منجهان ”نئين ڪچهري جي شروعات ڪريو“ لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔

 
سائين مان شامل ته ٿي ويو آهيان پر مونڪي مواد شايع ڪرڻ لائي ڪو آپشن نظر ئي نثو اچي ۔
برائي مهرباني مونڪي هن جو تريقو موڪليو اوهانجي مهربانڳ ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
طريقيڪار ڏکيو اهي
ڇا توهان هي موضوع پڙهيو آهي۔۔۔ ؟ هڪ دفعو وزٽ ڪريو اميد ته ڳالهه سمجهڻ اچڻ لڳندي۔۔۔۔
 
اڃان سکيا جو عمل جاري آهي جڏهن منجهيم تڏهن اوهان کان ضرور رايا وٺندم ضرور پر ڪچهري وارو ڪالم ڪٿي آهي؟؟؟

ادي ماريه اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

سنڌ سلامت تي موضوع موڪلڻ هاڻي بلڪل به آسان آهي۔ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهي سگهو ٿا۔

سنڌ سلامت تي هن لنڪ تي سکيا سيڪشن آهي، جنهن ۾ اوهان تصوير شامل ڪرڻ يا ٻيا تفصيل پڙهي سگهو ٿا۔

سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان پنهنجو تعارف موڪلي سگهو ٿا۔
 
Back
Top