سنڌي جوانن کي مارشل قومن سان ڪلهو ملائڻ گهرجي. جوکيو شفيق احمد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    پني عاقل-ڇانوڻيء (سنڌ) منجهه:

    لاڙڪاڻه، خيرپور، قمبر شهداد-ڪوٽ واسين (ڊوميسائيل رکندڙ)
    سولجرن جي لاء ڀرٿي هلي رهي آهي.

    سنڌي جوانن کي هٿ ٻڌي التجاء ٿي ڪجي ته، گهڻي کان گهڻا ڀرتي ٿي محبُ وطن هجڻ ۽ مارشل قوم هجڻ جو ثبوت ڏين.
    وري نه ته ٻي صورت ۾ گهڻو هڻندا هٿڙا يعني پڇتائيندا.

    وڌيڪ ڏسڻ لاءِ مورخه؛ جولاءِ 2012. ڏيهاڙي ڪاوشِ، حيدرآباد، سنڌُ.

    يا پنوعاقل ڇانوڻي فون-
    07129135184
    جن هي پڙهيو آهي اهي به ڀرتي ٿين ۽ مٽن مائٽن يارن سنگتين دوستن سنڌين کي به ڀرتي ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.
    ***
    علم ۽ سوسائٽي کي بچائڻ لاءِ فوجي طاقت (سگهه) جو هجڻ تمام ضروري آهي.
    تعليمات افڪار ۽ فلسفه امام انقلاب عبيد الله سنڌي.

    شفيق احمد جوکيو.

    هڪ علم وارو (ڏاهو مفڪر فلسفي حڪيم) انسان پنهنجي علم کي انساني سوسائٽي لاء فائده (لاڀ) وارو سمجهي ٿو. پوء ان کي جيڪي به ماڻهو ملي ٿو ان کي علم سيکاري ٿو ۽ شاگردن (اسٽوڊنٽس) کي گڏ ڪري انهن جي هڪ جماعت (پارٽي) بڻائي (جوڙي) ٿو ته جيئن سڀ هڪ ٻئي جي مدد ڪن پوء جيڪڏهن اهو مفڪر (فلسفي حڪيم) انسان گهرندو ته ان جي علم کي ڪوبه نه بگاڙي ۽ ان جي ٺاهيل (جوڙيل) جماعت کي ڪير به برباد نه ڪري ته ڇا ان لاء هي ڳالهه ضروري نه آهي ته؛ هو پنهنجي جماعت ۾ فوجي طاقت (سگهه) به پيد ڪري!؟
    اتان معلوم ٿيو ته علم پکيڙن لاء حڪومت حاصل ڪرڻ به ضروري آهي.

    تفسير الهامُ الرحمٰن،
    في تفسير القرآن،
    سنڌي
    امام انقلاب عبيد الله سنڌي،
    مڪتبه اصلاح و تبليغ،
    هيرآباد مارڪيٽ ٽاور،
    حيدرآباد-سنڌُ.

    نوٽ:-
    حڪومت حاصل ڪرڻ لاء فوجي سگهه جو هجڻ لازمي عنصر آهي. شفيق احمد
    **
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شفيق جون ڳالهيون به سدائين ڏاهپ واريون، سنڌي ماڻهن الائي ڇو شروع کان وٺي فوج ۾ وڃڻ کان لاچاري ڏيکاري ۽ نتيجن ٻيون قومون فوج ۾ سٺن عهدن سان گڏ عام سپاهي واري پوسٽ تي به ڀرتي ٿي ويا۔ هاڻي ستم ظريفي اها جو فوج وارن ادارن ۾ 15 سال سروس ڪري وري ٻيهر سول ادارن ۾ به پيا نوڪريون ڪن۔ ڪاش اسان شروع کان ئي پنهنجي ماڻهن کي اها ترغيب ڏيون هان ته هو فوجي ادارن ۾ شامل ٿين ها۔
     
  3. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    ڪنهن به سگهاري سان بر ميچڻ لاء سگهارن وارو هٿيار هٍجڻ هڪ لازمي شرط آهي اصول به۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو