رب العالمين کي جيڪڏهن مون جهڙو گناهگار نه وڻي هان ته؛ مون جهڙي گناهگار کي پيدا ئي ڪونه ڪري هان! رب العالمين کي جيڪڏهن بي ڏاڙهيو (ڪلين شيوِ) وڻي ئي نه هان؛ ته بي ڏاڙهيئي (ڪلين شيوِ) کي پيدا ئي نه ڪري هان! رب العالمين جي ڏاڙهي واري جي دعا اگهائي هان؛ ته بي ڏاڙهئي کي پيدا ئي نه ڪري هان! تنهن ڪري دعا لاء ڏاڙهي ۽ بنا ڏاڙهيء جو شرط ناهي، اهو رب العالمين جو شان آهي، ته هو ڪائينات جي هر مخلوق جي دعا کي اگهائيندو آهي. دعا هٿ کڻڻ جو نالو ناهي البت دعا هڪ ڪرب ڏک ڪيفيت پيڙا جو نالو آهي جنهن کي پڪار چئجي ٿو. ڪنڊيارو-سنڌ ۾ هڪ جلسي دوران بيان ۾ اسان جو محترم دوست عالم علامه عبد الغفور قاسمي سجاولي صاحب هي مون ان لاء لکيو آهي ته اسان جا سنڌي ماڻهو پاڻ دعا ان ڪري نه گهرندا آهن ته هو پاڻ کي الله جو ٻانهو نه سمجهندا آهن تنهن ڪري ڏاڙهيء وارن جي پويان لڳي مال زر زمين دولت ڌن ناڻو ڍڳا ڍور سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن. افسوس رب العالمين ڪل ڪائنات جو ڌڻي ٻاجهارو آهي پر ڪير روئي ڪري ته ان جي اڳيان رڳو!