جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
هڪ لڱا،
هڪڙي ڇڙهي ڪنواري نر نرمل فقير ماڻهوءَ جي
(ڇادي) شادي گهر جا آبادي نه پيئي ٿي؛
۽ حياتي پيئي تڙپ ڪرب گم (غمَ) منجهه گهاريسِ.
سو وڃي ڪنهن منهنجي جهڙي ملَا سان پنهنجي مَنَّ جي ماجرا سليائين.
تنهن تي مون جهڙي مُلَا (مکڻ ماکيءَ مصريء خان)،
ان ڇڙهي ڪنواري ( ڀورل نرمل نر پکيء پيارَ محبت منجهه فنا في الله) فقير کي
هڪڙو وظيڦو ڏسيو ( ٻڌايو) ته:
''ٻه رڪعتون صلواة الحاجت ادي ڪري دعا گهرندو رهه''!
بس اهو ڇڙهو نر نرمل فقير ماڻهو وڃي،
صلواة وردن وظيڦن ۽ دعائن پڪار ۾ لڳي محو ٿي ويو؛
"موليٰ ڇادي، موليٰ ڇادي (شادي)''
موليٰ (الله) کڻي دعاء قبول ڪِياسِ!
اصل ٺهه پهه نڪاح شادي به ٿي وئي ته رخصتي ٿي وئي،
همراه شادي کانپوء خوشيء ۾ گگليون، کڳيون هنڀوشيون پيو هڻي.
ڪجهه ڏينهن گذريا ئي ڪونه، شادي کان پوء اکين تان پٽي عشق فنائيت في الڇادي (تعدي) شاديء جي لٿس،
شاديء کان بعد جيڪي شعلا هوندا آهن، سي دونهان ڀڀڙ ڏسڻ ۾ آيس،
هاڻ ڇا ڪري؟
نيٺ وري مون جهڙي مُلَا مکڻ ماکيء مصري خان وٽ،
ڀڄندو ڀڄندو سهڪندو سهڪندو آيو،
۽ اچي چيائين:
'' مولبي صاحب!
''مون ته شاديء کان پوء ڪڏهن به رات جو ننڊ ناهي ڪئي،
رڳو اوٿارا شڙڪ (ڇرڪ) پيو ڀريان،
اصل اکين سان ڏائڻ پيو ڏسان هر ڏيهاڙي،
سو هاڻ ڇا ڪريان!
ٻيلي ڪا سهڪار ڪر سک شانتيء پيچڙو پساء؟''
مولبي صاحب چيسُ:
'' کير آ، کير آ (خير آ) ڀوءُ نه ڪر، الله ٻاجهه ڪرڻ وارو ۽ گناه خطائون ماڦ (معاف) ڪندو سو وڃي ٻه رڪعتون صلواة التّوبه ادا ڪري رب رحيم کان ماڦي (معافي) ڳنهي گناه بشڪراء (بخش ڪراء) ڏمر لهي ويندوءِ ميان وري نه اهڙي گلتي ڪجانءِ. مون سان به ساڳي ويڌن آهي پر آءُ ڪنهن سان سور ڏک سليان ڪونه ٿو، ۽ تون آئون ساڳي نانگ جا ڏنگيل آهيون.''
ڪهاڻيڪارُ مشتاق آگا
سنڌيڪارُ جوکيو شفيق احمد