اردو جي ماهرن پنهنجي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ خاطر هڪڙو ”انگريزي اردو مترجم“ نالي سافٽويئر تيار ڪيو آهي. جيڪو انگريزيءَ کي اردو ۾ ترجمو ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن سافٽويئر جي ڊڪشنري ڪافي ڪمزور آهي. پر سندن هن محنت تي جيتري کين داد ڏجي، گهٽ آهي. انگريزي اردو مترجم
سائين شيئر ڪرڻ لاء مهرباني ادا اهو سافٽويئر منهنجو ئي اپلوڊ ٿيل آهي۔ مون ان لاء شيئر نه ڪيو جو اهو سنڌي سافٽويئر ناهي باقي اردو فورمن تي شيئر ڪيو هو۔
سائين توهان جي مهرباني جو توهان هي سافٽويئر اپ لوڊ ڪيو، مون اپلوڊنگ ۾ توهان جو نالو پڙهيو هيو. اهو ساڳيو ئي سافٽويئر مون ڪنهن اردو فورم تي به شيئر ڪيو هيو. هن وقت ذهن ڪم نه پيو ڪري ته اُهو ڪهڙو اردو فورم هيو.