ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي دوست ريحان ڪيريو مائڪروسافٽ آفيس 2012 جو لنڪ آندو هو جنهن جو پاسورڊ پڻ ساڻس وٽ نه هو۔۔۔ ان موضوع ۾ سنگت جي دلچسپي کي ڏسي مون کي ياد آيو ته 17 جولائي 2012 تي مائڪروسافٽ پاران سندن آفيس 2013 جو ڪسٽمر پري ويو پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۔۔۔ ڇو نه سنگت کي صلاح ڏجي ته ڊائونلوڊ ڪن۔۔۔ مائڪروسافٽ آفيس 2013 جي نئين ورجن ۾ جتي ڊيزائين ۾ ڪافي تبديليون آنديون ويو آهن اتي ان ۾ ڪافي نوان فنڪشنز شامل ڪيا ويا آهن۔۔ اهڙي طرح مائڪروسافٽ ونڊوز 8 وانگر مائڪرو سافٽ آفيس 2013 جو لوگو ۽ ان ۾ شامل مختلف ايپليڪيشنز جهڙوڪ ورڊ، پاور پوائينٽ ۽ ايڪسل جي لوگوز کي پڻ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ آفيس 2013 جي انٽرفيس کي ونڊوز 8 جي ميٽرو انٽرفيس سان مشابهت ڪندي بڻايو ويو آهي ته جيئن نئين ايندڙ ونڊوز 8 خاص طور ٽچ ڊيوائيسز جي لاءِ ترتيب ۾ ونڊوز 8 وانگر آفيس کي استعمال ڪري سگهجي۔۔۔ ان جو مقصد اهو ناهي ته آفيس 2013 کي ڊيسڪٽاپ تي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ۔۔۔ پر مائوس ۽ ڪيبورڊ استعمال ڪندڙ پڻ هن آفيس کي پراڻن ورجن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر ۽ فائديمند محسوس ڪندا۔۔۔ مائڪرو سافٽ 2013 جو اصل ورجن هلندڙ سال ئي ونڊوز 8 سان گڏ پيش ڪيو ويندو ان سان گڏو گڏ آفيس 365 جا پڻ مختلف پيڪيجز متعارف ڪرايا ويندا۔۔۔ جنهن ۾ ڪلائوڊ سروسز ۽ اسڪائيپ جهڙيون سهولتون پڻ فراهم ڪيو وينديون۔۔۔ جڏهن ته ونڊوز 8 ٽيبليٽ وٺندڙن کي آفيس ونڊوز سان گڏ ئي ڏني ويندي۔۔۔ مائڪروسافٽ آفيس 2013 صرف ونڊوز 7 ۽ ونڊوز 8 ۾ ئي استعمال ڪري سگهبي ان ڪري انهن رڪنن کان معزرت جيڪي اڃان تائين ونڊوز ايڪس پي ۽ ونڊوز وستا استعمال ڪري رهيا آهن۔۔۔ مائڪروسافٽ آفيس 2013 جي مشهوري لاءِ مائڪروسافٽ جا هي ٻه وڊيو اشتهار پڻ حاضر آهن ۔۔۔ جنهن مان هن ورجن بابت آگاهي حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ اهي دوست جيڪي هن آفيس جو وڌيڪ انتظار نه ٿا ڪري سگهن ۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري مائڪروسافٽ آفيس تي رجسٽريشن حاصل ڪن ۽ پوءِ هتان ڪلڪ ڪري مائڪروسافٽ آفيس 2013 جو ڪسٽمر پري ويو ڊائونلوڊ ڪن۔۔۔
پيارا پوءِ معنى اسان اڃان ڪسٽمر پر ويو جو به سوچيون! ڇو ته ونڊوز 7 ڊيسڪٽاپ پي سي تي هلائڻ کان مٿي آهي۔
مطلب ته ڪم اڳتي پيو وڌي ۽ اسان آهيون جون ڪڇون واري وک پيا هلون، بلڪه هاڻي ته وک به نه پئي وڌي ماڳهين ستل آهيون۔ ها هڪ ڳالهه ضرور آهي جو هاڻي ونڊوز سيون انسٽال ڪري ڪم کي اڳتي وڌائڻو پوندو۔ اوهان جي بهترين شيئرنگ ۽ سٺي ڄاڻ، اسان جهڙن سست ماڻهن لاء۔
اڄ هتي پهريون دفعو ونڊوز اٺ هلائي ڏٺم۔ صفا جهڙو مائڪروسافٽ ورڊ هُجي۔ مون کي ته ونڊوز ئي آفيس پئي لڳي۔ اوهان چئو پيا آفيس 2013 ونڊوز جيان ٺاهي اٿن۔ خير آئون اڃان آفيس 2010 تي آهيان۔ جلد هڪ نئين ليپٽاپ سان ونڊوز اٺ ۽ آفيس 2013 تي هلبو۔