سڀ کان پهرين جنهن تحرير يا موضوع جو اقتباس وٺڻو آهي انهي جي هيٺ موجود لفظن جواب ڏيو تي ڪلڪ ڪريو۔ جيئن هيٺ اسڪرين شاٽ ۾ ڏيکاريل آهي۔ انهي کان پوءِ اوهان وٽ ڪجهه اهڙي اسڪرين ايندي۔ هاڻي اوهان کي جيترو اقتباس وٺڻو آهي اهو وٺي باقي ٽيڪسٽ سليڪٽ ڪري ڊليٽ ڪري ڇڏيو۔ خيال رهي ته بريڪٽ ۾ نظر ايندڙ ڪوڊ جو ڪو حصو ڊليٽ نه ٿئي۔ پر اهو انهي صورت ۾ جڏهن اوهان کي هڪ تحرير جو هڪ دفعو ئي اقتباس وٺڻو آهي۔ هڪ ئي تحرير جي مختلف حصن جا اقتباس وٺي انهن جا هڪ هڪ ڪري جواب ڏيڻا آهن ته مٿي ڏيکاريل اسڪرين ۾ ڪوڊ سميت سڄو ٽيڪسٽ ڪاپي ڪري وٺ۔ ۽ پوءِ بار بار اهو پيسٽ ڪري جنهن حصي جو جواب ڏيڻو آهي اهو ڇڏي ٻيو ڊليٽ ڪندا وڃو۔ جيئن هيٺ ٻن تصويرن ۾ ڏيکاريل آهي۔ جنهن ۾ مون اوهان جي هن ئي تحرير جا ٻه اقتباس وٺي ٻه الڳ جواب ڏنا آهن۔ ۽ پوءِ آخر ۾ جڏهن جواب پوسٽ ٿي ويندو ته ڪجهه اهڙي اسڪرين نظر ايندي۔ اميد ته هاڻي سمجهي ويا هوندؤ
متان فقير ڦلپوٽو اهو سمجهي ته هو ئي استاد آهي ۔۔۔ هن اڱڻ تي ڪيترائي استاد آهن ۔۔۔ محترم عبدالحفيظ تمام سهڻي سمجهاڻي ڏني آهي، جي اڃان رضوان کي سمجهه ۾ نه آيو ته وري ڪو ٻيو استاد ڳولهڻو پوندو ۔۔۔۔ هههه ، پر آ رضوان کي سڃاڻي هڪ ئي سمجهاڻي ۾ سمجهي ويندو آهي ۔۔۔ ائين نه ادا رضوان صاحب ۔۔۔
هي استادن جي استادي ڏنل آهي ڪو ڀڳڙن عيوض ٿورئي سکيا آهيون سنڌ سلامت فقير جي ڳالهه ٻي آهي نثارابڙو صاحب! آئون هُن جو پتڪڙو شاگرد آهيان۔ شڪريه لاءِ شڪريو۔ هاڻي هن تحرير جيان اقتباس ٺاهيو ته چئبو محنت سجائي ٿي۔
ادا مونکي به ان شئي جي ضرورت هئي پر مون به ڪجهه سکيو ۽ سمجهيو آهي پر ڪيڏي مهل به ڪا لکڻي سٺي نظر آئي ته ان جو اقتباس وٺندس ۽ ان کان پو ڪابه غلطي ٿئي ته دوستن کي عرض ٿو ڪريان ته معافي ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ٿي سگهي ٿو ته غلط هجي يا صحيح هجي۔
بلڪل سائين هن اڳڻ جو ته هرميمبر تمام سٺو استاد آهي ۽ هر وقت ٻئي ميمبر جي ڪمپيوٽر يا ڪنهن ٻئي شبعي ۾ مدد ڪرڻ لاء تيار هوندوآهي۔الله پاڪ ان اسان جي ٻڌي ۽ هن اڳڻ سان سچائي کي نظربد کان بچائي۔ ادا عبدالحفيظ جي سهڻي ۽ آساني سمجهاڻي سان اسان جهڙو ڪمپيوٽر جو گهٽ ڄاڻو به اقتباس وٺڻ سکي ويو۔
توهان کي سائين عبدالحفيظ گهٽ ٿو نظر اچي ڇا؟ بيشڪ سائين هن اڱڻ تي تمام پيارا دوست گڏ ٿيل آهن جيڪي هڏ ڏوکي ۽ همدردي جي جذبي سان سرشار آهن۔ ادا توهان به هن ئي ٿريڊ ۾ ڪوشش ڪيو ها ته بهتر هو ورنه ٻئي ٿريڊ تائين ويسر ٿي وئي ته استاد ناراض ٿي پوندو۔ ڪئين سائين سبق پڪو آهي يا نه۔