اسلام آباد ڊائري (رزاق کٽي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهجهان سُميل طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2012۔

  1. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    نيٽو سپلائي، 25 جولائي ۽ نگران حڪومت

    رزاق کٽي

    گذريل سال نومبر ۾آمريڪي فوجن پاران سلاله چيڪ پوسٽ حملي کانپوءِ 24 پاڪستاني فوجين جي شهادت بعد ملڪ جي پارليامينٽ جي فيصلي تحت نارٿ ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائزيشن، جنهن کي عام ٻولي ۾ نيٽو چيو ويندو آهي، جي پاڪستان رستي افغانستان ڏانهن سپلائي بند ڪئي وئي ، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال جي فيبروري ۽ مارچ وارن مهينن ۾ آمريڪا ” سوري“ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، پر اهو ڪم جيڪو اڳ ۾ ڪرڻ گهربو هو انهي ۾ دير ٿي وئي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هِن سڄي معاملي جا ٻه انتهائي اهم پهلو آهن، پهرين پهلو اهو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي به هِن وقت آمريڪا مخالف ڌريون آهن انهن سڀني تي آمريڪا جو ٺپو لڳل آهي، ۽ انهن مان ڪي واقعي انهن جون مخالف آهن ۽ ڪي پنهنجو اگھ وڌائڻ لاءِ آمريڪا جي مخالفت ڪن ٿيون، انهن آمريڪا مخالف ڌرين جي اڪثريت پاڪستان جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي دستِ شفقت هيٺ رهڻ ۾ فخر محسوس ڪندي رهي آهي ، انهن مان ڪيتريون ئي ڌريون نيٽو سپلائي جي بحالي خلاف هن وقت صفا جهل ڏيڻ لاءِ تيار ناهن،
    جڏهن ته ٻيو پهلو اهو آهي ته پاڪستان جي سولين حڪومت کي اڃا ايترو اختيار نه مليو آهي ته هو اڪيلي سِر ويهي اهو فيصلو ڪري ته نيٽو سپلاءِ بحال ڪئي وڃي يا نه؟. پر ڇا آهي ته اهو لعنتاڻو حڪومت جي ڪنڌ ۾ وجهڻو هو، انهي ڪري هِن دفعي به پڙ جا پاڏا اسان جا سولين حڪمران ٿيا آهن، ۽ لانگ مارچ به انهن جي خلاف ٿين پيا،
    انهي سڄي معاملي ۾ حيرت جي ڳالھ اها آهي ته آمريڪا ، پاڪستان جي پرڏيهي وزير حنا رباني جي زباني ته ” سوري جو اظهار“ ڪيو آهي. پر انهي ڳالھ جي ڌڻين کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به خبر ناهي ته آمريڪا اها ”سوري“ ڪئي به آهي يا نه، ڇاڪاڻ ته هيستائين لڳي ائين پيو ته جيئن آمريڪا جي سوري سامهون آئي چند ڪلاڪن ۾ آمريڪا انهي سوري کي پاڻ تڪراري ٺاهي ڇڏيو هو ۽ سڄي دنيا ۾ انهي فيصلي تي پاڪستان مٿان آڱريون کنيون ويون، ته جنهن دليري سان پاڪستان سولين ۽ عسڪري ادارن جي حمايت سان اها سپلائي لائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ، انهي تي هو ايتري تيزي سان ريورس گير هڻندو انهي جو اندزو نه ته هن ملڪ جي ماڻهن کي هو ۽ نه عالمي ادارن کي هو، پر گهڻي دير ٿيڻ جي ڪري پاڪستان جون مجبوريون تمام گهڻيون وڌي چڪيو هيون جنهن ڪري هو جيڪڏهن اڃا به دير ڪري ها ته گهڻو نقصان کائي ها
    هتي اها ڳالھ به ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته اسان جو برادرم دوست ملڪ سعودي عرب انهي سڄي معاملي ۾ اڳڀرو هو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ نيٽو سپلائي بحال ڪري، آمريڪا جو انتهائي ويجهو اتحادي هئڻ جي ناطي سعودي عرب ابوجندل نالي ان همراھ کي هندستان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو مبينه طور تي ممبئي بم ڌماڪن ۾ ملوث آهي، اهو عمل اصل ۾ پاڪستان تي پهريون پريشر هو، جنهن بعد آمريڪا اها ڌمڪي ڏئي چڪو هو ته جيڪڏهن فوري طور تي نيٽو سپلائي بحال نه ڪئي وئي ته يورپي يونين ۽ نيٽو جا ملڪ پاڪستان سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيندا، حڪومتي ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته جرمني ڪاروباري تعلق معطل ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو هو. ٽئين ڌمڪي حقاني نيٽ ورڪ جي هئي جنهن ۾ پاڪستان مٿان اهو الزام هنيو ويو هو ته هو ان جي مدد ڪري ٿو.
    اوهان کي شايد حيرت ٿئي ته سينيٽ ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو چيئر مين اي اين پي جو اڳواڻ حاجي عديل آهي، انهي ڪميٽي جو ٻيو اجلاس 18 جولائي تي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر هڪ ۾ ٿيو، جنهن ۾ پهرين ته اهو واضح ئي نه هو ته اهو اجلاس ان ڪيمرا هوندو يا اوپن هوندو، ان ڪري اجلاس کان اڳ ۾ ئي صحافين کي چيو ويو ته جيستائين چيئرمين صاحب جي هدايت سامهون نٿي اچي هو وڃي ڪيفي ٽيريا ۾ انتظار ڪن، بهرحال جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته صحافين کي به سڏايو ويو انهي موقعي تي ايجنڊا جي پهرين اسم تي چيئرمين حاجي عديل پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري کان آمريڪا پاران نيٽو سپلائي جي بحالي بابت ورتل معافي جي حوالي سان پڇا ڪئي، ڇاڪاڻ ته اجلاس شروع ٿيڻ وقت پرڏيهي وزير جحنا رباني کر موجود نه هئي جنهن ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري جيڪو جواب ڏنو ان تي ايم ڪيو ايم اتحادي هجڻ جي ناتي حڪومت جي فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اسحاق ڊار ان جي مخالفت ڪئي، ان دوران پرڏيهي وزير حنا رباني کر به اچي پهتي، جنهن کان به اهو سوال ڪيو ويوته آمريڪا پاران ايڪسپريشن آف سوري جو لفظ استعمال ڪيو ويوآهي انهي جي ڇا معني آهي، جنهن تي هن مختصر جواب ڏنو ته انهي جي معني آهي معذرت جو اظهار، پر جيڪڏهن تفصيل ۾ وڃڻ چاهيو ٿا ته انهي لاءِ اهو اجلاس ان ڪيمرا ڪرڻو پوندو، جنهن بعد اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئر مين حاجي عديل ڪميٽي روم ۾ ويٺل صحافين کي درخواست ڪئي ته هو صرف 15 منٽن لاءِ ٻاهر وڃن ته جيئن هو حقيقتن کان واقف ٿي سگهن، خبر ناهي ته اندر ڪهڙي رام ڪهاڻِي بيان ڪئي وئي پر بعد ۾ حاجي عديل ٻڌايو ته مسلم ليگ سميت سموريون ڌريون انهي ڳالھ تي متفق آهن ته نيٽو سپلائي جي بحالي وارو فيصلو درست قدم هو پر اهو دير سان ڪيو ويو،
    هتي اها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان جا سولين حڪمران اڃا ايترا طاقتور نه ٿيا آهن جو سڀ ڪجھ انهن جي مرضي ۽ منشا سان ٿئي، انهي ڪري ته پاڪستان ۾ سولين اڳواڻن جي صورت ۾ جنرل ضياءُ جو مائينڊ سيٽ رکندڙ هڪ وڏي اڪثريت هن ملڪ ۾ موجود آهي جيڪا پس پردا قوتن جي آڌار تي انهن سولين حڪمرانن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، اهي به اطلاع آهن ته جلد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نيٽو سپلائي بابت ڪجھ معاملا آمريڪا ۾ طئي ٿيڻا آهن
    25 جولاءِ
    وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي نااهل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ راجا پرويز اشرف کي اٽارني جنرل معرفت هدايت ڪئي آهي ته هو 25 جولاءِ تائين پنهنجي صدر خلاف سوئيز اختيارين کي خط لکڻ بابت جواب داخل ڪري، جنهن کانپوءِ هاڻي اسلام آباد جي خاص حلقن ۾ اهو موضوع به زير بحث آهي . ملڪ جي هڪ وڏي انگريزي اخبار پنهنجي ذريعن معرفت صدر زرداري جو اهو جملو نقل ڪيو آهي ته ” راجا کانپوءِ به وٽس وزير اعظم جي آفيس لاءِ ٽي اميدوار آهن،“
    زرداري صاحب وٽ ممڪن آهي ته سمورا پتا تيار هوندا، پر هو هِن وقت انهي سڄي گيم ۾ ڪٿي به تڪڙ ڪندي نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته توهين عدالت وارو نئون قانون جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ رائج ٿي چڪو آهي انهي کي سپريم ڪورٽ گهٽ ۾ گهٽ 25 جولاءِ تائين ته ختم نٿي ڪري سگهي، پر ڪجھ سينئر وڪيلن جو خيال آهي ته ممڪن آهي ته حسبه بل جيان سپريم ڪورٽ انهي کي رد ڪري ڇڏي، پر ماضي ۾ اهو بل تڏهن رد ٿيو جڏهن سرحد اسيمبلي اهو بل پاس ڪري منظوري لاءِ صدر کي موڪليو هو جنهن بعد ۾ اهو بل سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليو هو، پيپلزپارٽي هڪ طرف عدالت ۾ پنهنجي نئين وزير اعظم کي بچائڻ لاءِ انتهائي تڪڙ ۾ توهين عدالت جو قانون پاس ڪرائي ورتو آهي ته ٻئي طرف هاڻي پيپلزپارٽي جي ڪجھ وزيرن به سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ کليل طور ڳالھائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي انهي عمل سان اها راءِ عامه هموار ڪرڻ چاهي ٿي ته هڪ وزير اعظم کي نااهل ڪيو ويو ته اسان عدالت جو حڪم اکين تي رکي ٻيو وزير اعظم چونڊرايو، هاڻي انهي کي به چلتو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن هنِ دفعي گيلاني جيان راجا کي به نااهل ڪيو ويو ته انهي خلاف ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪرايا ويندا، جيئن هو پنهنجي ٻنهي وزير اعظمن جي ناهليت کي سياسي شهادت ۾ تبديل ڪري قرار سياسي فائدو حاصل ڪري سگهي، پر لڳي ٿو ته انهي پي پي کي انهي جو ڪو گهڻو فائدو نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو هن وقت تمام گهڻو پريشان آهي. اهي به امڪان آهن ته هِن دفعي راجا پرويز اميدن کان گهڻو وقت ڪڍي ويندو، ڇاڪاڻ ته توهين عدالت جونئون قانون ايترو تڪڙ ۾ رد نه ٿي سگهندو ، جيتري اميد ڪئي پئي وڃي
    نگران حڪومت
    گذريل 4 سالن دوران حڪومت جي خاتمي جون تاريخون ملڻ جي باوجود پيپلز پارٽي پنهنجا طئي ڪيل سمورا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ۽ هن وقت ملڪ جي جيڪا سياسي صورتحال آهي انهي مان اها ڳالھ واضح ٿي وئي آهي ته پي پي پي حڪومت هلندڙ سال چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، ۽ رمضان شريف کانپوءِ ممڪن آهي ته نگران سيٽ اپ جوڙيو وڃي پر اهو حالتن تي منحصر آهي ته مخالف ڌريون حڪومت مٿان پريشر ڪيترو وڌائين ٿيون .جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته هو اهو پريشر برداشت ڪري ويندي ته شايد اڃا به ڪجھ مهينا ڪڍڻ جي ڪوشس ڪندي جيئن هو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سگهي، ٻي صورت ۾ رمضان شريف کانپوءِ جيڪڏهن نگران سيٽ اپ جُڙڻ جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته عيد کانپوءِ آگسٽ ختم ٿي چڪو هوندو، ۽ ٽي مهينا جيڪڏهن نگران سيٽ اپ رهي ته نومبر يا ڊسمبر ۾ عام چونڊون ممڪن آهن، هتي انتهائي اهم ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي اها آهي ته چيف جسٽس هِن مهيني ۾ ٻه ڀيرا اها واضح طور تي چيو ويو آهي ته اسان پارليامينٽ، آئين ۽ عدليه جو تحفظ ڪندا سين، ۽ پاڪستان ۾ ڪوبه بنگلاديشي فارمولا نه هلندو، جنهن کانپوءِ ٻين کنيو نه کنيو پر پيپلزپارٽي گھٽ ۾ گھٽ سُک جو ساھ ضرور کنيو آهي
    اطلاع اهي به آهن ته پيپلز پارٽي ڪافي عرصو اڳ اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته فخرالدين جي ابراهيم کي نئون چيف اليڪشن ڪيمشن مقرر ڪجي، پر هو انهي لاءِ موقعي جي انتظار ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته اهو نالو مسلم ليگ (ن) پاران ڏنل هو، ۽ هُن نٿي چاهيو ته اهو نالو تڪڙ ۾ قبول ڪري وٺجي، انهي ڪري انهي مسئلي کي اينگهائڻ جي به شعوري ڪوشش ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ اهي به اڻ تصديق ٿيل اطلاع آهن ته نئون اليڪشن ڪميشن جو چيئر مين فخرالدين جي ابراهيم جو تعلق بوهرا فقهي سان آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن پيپلزپارٽي فخرالدين جي ابراهيم لاءِ ذهن ٺاهيو هو ته ان بعد سندس راضپو معلوم ڪرڻ لاءِ نياپو ڪرايو ويو ته هُن اهو عهدو قبولڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي، جنهن بعد صدر زرداري جي تازي لنڊن جي دوري دوران بوهرا فقهي جي روحاني پيشوا کي انهي بابت گذارش ڪئي وئي جنهن جي حڪم تي فخرالدين جي ابراهيم اهو عهدو قبول ڪيو،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه هر پاڪستاني ڄاڻي ٿو ، پر پوء به پاڪستان جا نام نهاد ٽي وي چينلس هڪ طرفي ڪاروائي هلائي رهيا آهن، انهن مان گهڻا ته وڪاميل لڳندا آهن ۽ پاسو ورائيندي دير ئي ناهن ڪندا۔

    باقي اسلام آباد بابت ڪجهه بهترين ڳالهيون اوهان به چاهيو ته لکي سگهو ٿا، اهي ڀلي سياسي نه به هجن پر سماجي ۽ ڄاڻ واريون هجن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو