انٽرنيٽ يا لائبريري

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2012۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته مونکي يونيورسٽي ۾ هڪ ٿيسِس ڏني وئي آهي جنهن ۾ مون کي انٽرنيٽ ۽ لائبريري (ڪتبخانن) جي متعلق ڪجھه تحقيق ڪرڻي آهي. ان لاءِ مون کي توهان دوستن جي ٿوري قيمتي وقت جي ضرورت درڪار آهي ته جيئن منهنجو سروي مڪمل ٿي سگھي. توهان دوستن کان سوال صرف اهو آهي ته “جيڪڏهن توهان کي ڪنهن معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ته توهان هنن ٻن ذريعن مان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي کي اهميت ڏيندﺆ؟”
    1. انٽرنيٽ
    2. لائبريري
    جيڪڏهن توهان مٿين ٻن مان ڪو به هڪ منتخب ڪيو ٿا ته مهرباني ڪري ان ڳالهه جي وضاحت ضرور ڪندا ته توهان ان ذريعي کي ڇو ٿا اهميت ڏيو؟
    توهان پنهنجي راءِ سنڌ سلامت جي سهڻي پليٽ فارم جي ذريعي يا منهنجي موبائل نمبر تي ايس ايم ايس جي ذريعي ڏئي سگھو ٿا.
    مونکي توهان جي سهڻي راءِ جو انتظار رهندو.

    توهان جو ڀاءُ
    گل حسن لاکو
    اسٽوڊنٽ لائبريري انفارميشن سائنس ڊپارٽمنٽ
    يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو
    03332870626
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سڀ کان پهرين ته اوهان کي مبارڪون هجن جو ٿيسس لاءِ اهڙي بهترين ٽاپڪ جي چونڊ ڪئي اٿو۔ ۽ هاڻي اوهان جي سوال جو جواب۔

    پيارا هنن ٻنهي شين جي تقريبن برابري واري اهميت آهي۔ جنهن جو اندازو انهي مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اوهان کي ٿيسس لاءِ هي ٻه تجويزون ۽ انهن تي دليلن سان گڏ راءِ وٺڻ لاءِ چيو ويو۔ هاڻي جڏهن اهميت برابر آهي ته جواب ڏيڻ به ڏکيو ٿي پيو۔ پر پوءِ به هڪ سوال جو هڪ ئي جواب ٿيندو ڪي ٻه ٽي نه ٿيندا۔ سو منهنجو جواب آهي انٽرنيٽ! پر۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔!

    اهو تڏهن جڏهن مون کي سائنس جي ڪنهن شعبي لاءِ تحقيقي مواد يا ڪتاب گهرجن۔ جيڪي لائبريرين بجاءِ انٽرنيٽ تي موجود آهن۔ پر جيڪڏهن آئون سنڌي زبان جي لٽريچر جي ڳولا ۾ آهيان ته يقينن مون کي لائبريري جو رخ ڪرڻو پوندو ڇو ته سنڌي ڪتاب دوستن جي ڪوششن سان ڪجهه ادارن (جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ سرِ فهرست آهي) انٽرنيٽ تي اچڻ شروع ته ٿيا آهن پر پوءِ به اڃان لائبريرين ۾ مواد گهڻو موجود آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻئي موضوع گهڻو اهم آهن، هاڻي اهو اوهان تي منحصر آهي ته ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ اوهان جي وڌيڪ دلچسپي آهي۔ جيڪڏهن اوهان لائبريري تي ٿيسز لکو ٿا ته اهو به هڪ بهترين سنجيڪٽ رهندو ۽ مان ان کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس۔

    باقي فيصلو اوهان کي ئي ڪرڻو آهي، پر سوچي سمجهي ۽ پنهنجي من کان پڇي ڪجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو