ڄام احمد سمون
سينيئر رڪن
اکيون ملائي اکين سان ۽ پاڻ وڃائي ويٺو آهيان،
دنيا ڀلي ڇا به چوي پر سر تي سهائي ويٺو آهيان.

ســــــوين صلاهون ڏيـــــــــــڻ وارا، ڪي خوب کلڻ وارا،
چوڻ وارن کي جهل ناهي، تنهنجو چوائي ويٺو آهيان.

پردو کڻ تون پنهنجي کان کولي منهن کل ته سهي،
وصال جي واٽن ۾ پيارا اکيـــون لڳائي ويٺو آهيان.

نقاب کولي نروار ٿيءُ، هدايت الله کي هاڻ چئو پنهنجو،
تنهنجي صورت پاڻ ســمـــائي پـــاڻ ڀـــــــــلائي ويٺو آهيان.

شاعر؛ مرحوم هدايت الله سمون