هي مضمون (آرٽيڪل) منهنجي سياسي استاد محترم پروفيسر ابوڪاشف صاحب جن لکيو هو۔ جيڪو ماهانه الصادق_کڏو، ڪراچي سنڌ ۾ شايع ٿيو هو۔ جتان مون ٽائپ ڪري سنڌ سلامت لاء پيش ٿو ڪريان، اميد ته هاڻوڪين حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي، جوکيو شفيق احمد۔ ____ لهندڙ سج جي پوڄا! آخري پنو: ابُو ڪاشفُ اسين دنيا جي سڀني قومن کان هر ڳالهه ۾ منفرد آهيون. ان انفراديت کي برقرار (جاري) رکڻ لاء اسان چار هزار سال اڳَ واري ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڪابه تبديلي نه آندي آهي. اسان جي ٻولي (سنڌي) دنيا جي قديم ٻولين ترين ٻولي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان اسان جي هڪ عظيم ڏاهي اديب عالم، سر-موڙَ، شاعرَ صحافي ۽ صُوفِي، ترقي-پسند ۽ قوم-پرست سنڌي سٻاجهڙي ''سر جان مارشل'' اڄ کان تيرهن سَو سال اڳُ مها-راجا ڏاهر جي دور ۾ سندس خصوصي حڪم تحت کوٽي ڪڍي هئي. پران کي پوريءَ طرح پڙهي ٻُڌائِڻَ کان اڳُ هو ويچارو پر-لوڪُ پڌاري ويو ۽ اسان اڃا تائين '' اره بره ڪنا ڪره'' جي اُپٽارَ ڪرڻ ۾ اٽڪيا پيا آهيون. اسان جي عظمت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت آهي ته اسان جي ادبي سنگت ايشيا جي سڀ کان وڏي علمي ۽ ادبي انجمن آهي، جيڪا سنڌ جي تواريخ تي ڪو ڪارائتو ڪتابُ لکي ڇپرائڻ جهڙي ڏوه کان آجي آهي، البته علم ادب جي اصل صنف شاعريء ۾ سنڌي قوم کي سپنن جي سُتِي پياري ڇڏي آهي. اسان جو هر فرد آزاديء سان آزادي جي سپنن جي سيريز اڻ ڄاتل مدي تائين ڏسي سگهي ٿو.هونئن ته اسان جي گهر ۾ سڀ ٽَپَڙَ پنهنجا آهن پر اسان '' سنڌ جا ٽيگور'' ۽ '' محمود درويش''، اسان جا انقلابي ليڊر '' سنڌ جا چي گويرا'' ۽ ''ڪاسترو'' ۽ اسان جا قومي رهنما ''سنڌ جا گانڌي''۽ ابو ندالَ سڏبا آهن. ۽ اهي به ڪنهن دراوڙ، ڪول، سنٿال قبيلي مان نه پر عربن جي باقيات سيدن ۽ قريشين وغيره وغيره مان هوندا آهن. اسان جي شاهه جو رسالو ''ڊاڪٽر ٽرمپ'' ڇپائي پڌرو ڪندو آهي. اسان جي شاه عنايت جي هاري تحريڪ تي تحقيق ''سبط حسن'' ڪندو آهي. اسان ڪميونزم ''جمال نقوي'' کان تواريخ '' مبارڪ علي'' کان ۽ تقويٰ (پرهيز گاري، پارسائي) '' تقي عثمانيءَ'' وارن کان سکندا آهيون. دنيا جا هيرا اهي هوندا آهن جيڪي قوم جي لاء سرُ قربانُ ڪن. پر جيئن ته اسان دنيا جي منفرد قومَ آهيون تنهن ڪري اسان جا هيرا اهي هوندا آهن جيڪي سڄي دنيا کان مختلفُ ۽ ''جداگانه'' مذهبي نظريه تي قائم ٿيل '' مملڪة جدا آباد'' لاء قربانيون ڏيئي ڳڙهي-خدا-بخشُ ۾ شهيدن جو''ڳاڙهو قبرستان'' آباد ڪري ڏيکارين. اسان ان ڳالهه ۾ به منفرد آهيون ته دنيا جون ٻيون قومون دماغ سان سوچينديون آهن، پر اسان دماغ بجاءِ دل سان سوچيندا آهيون. بلڪه شايد سوچيندا ئي ڪين آهيون. دنيا جون ڪي قومون اڪيلي خُدَا(اللهَ وحده لاشريڪ لهُ) کي وساري پنهنجي نفسَ شيطان (سرڪش) جي پٺيان لڳي ٻين جا حق کائينديون آهن ۽ هر اُڀرَندَڙَ سِجَ جي پُوڄَا ڪنديون آهن، پوءِ اهو برطانيه (انگلينڊ، يوڪي) جو هجي يا آمريڪا جو، انڊيا جو هجي يا ايران جو، چين جو هجي يا رُوسَ جو! ان طريقي سان اهي قومون افغانستان ۾ جهادَ جا ٺيڪا کڻنديون آهن ته وري (ڪڏهن) ان جِهَادَ کي فَسَادُ قرارُ ڏيئي دهشتگرديءَ خلافُ فرنٽ لائن بڻجڻ جا فائلَ ۽ شولڊرَ به پاڻ وٽ رکنديون آهن. پر اسان جي خارجه پاليسي ايتري ڪاميابُ آهي جو اسان جا پايڙيسري به ڪنهن سنڌ جي ''ابُوندالَ'' کي لفٽِ ڪرائڻ بجاءِ ''اجملَ پهاڙيءَ'' ترجيح ڏيندا آهن. اڪيلي خُدَا ( الله وحده لا شريڪ لهُ) جي پوڄا (عبادت) ڪري دنيا آخرت سنوارڻ ته وڏي ڳالهه آهي پر، اسان وٽِ دنياوِي مفاد حاصلُ ڪرڻ لاءِ ڪنهن اڀرندڙَ سج جا پوڄاري بڻجڻ بجاءِ ڊسمبرَ جي 31 تواريخ تي سِنڌوءَ ڪناري بيهي ڏکَنِ ۾ گذري ويل سڄي سالَ جي آخري ''لهندڙ سِجَ کي سلَامُ ڪري ان جي پوڄا ڪندا آهيون. ان وقت اهو سوال ذهن ۾ اڀري ايندو آهي ته جنهن قومَ جو مقصدُ ئي لهندڙَ سجَ جي پوڄا ڪرڻ آهي ان لاء ڪو نئون سجُ اڀرڻ به گهرجي يا نه!؟ ابوڪاشف ائٽ دي ريٽ آف آخري ڊاٽ ڪومُ
جوکيو صاحب اوهان جيڪو چونڊ مضمون ونڊ ڪيو آهي، ان جي هر سٽ ۾ اسان لاء سبق سمايل آهي، واقعي اسان پنهنجي قومي هيرن، پنهنجي تاريخ ۽ تمدن کي وساري رهيا آهيون ۽ دنيا جي پويان هلڻ چاهيون ٿا۔ هڪ وڏي تبديلي جي ضرورت آهي جنهن ۾ سنڌيت هجي ۔۔۔ ڪاش سڀ ڪو اها ڳالهه سمجهي ۽ ان تي عمل ڪري۔ اوهان جا لک ٿورا اوهان سهڻو مضمون ونڊ ڪيو۔