شاهجهان سُميل
سينيئر رڪن
آئون سرويچ سجاولي کي هميشه شاعر ِ سنڌ جي خطاب سان مخاطب ڪندو آهيان۔ جنهن جي شاعري جي هر لفظ ۾ رڳو سنڌ سمايل آهي۔ سندس هڪ غزل جيڪو 24 بندن تي مشتمل آهي، اسان جو استاد محترم سائين محمد صديق ”مرهم“ هميشه اسان کي ٻڌائيندو هو جڏهن اسان ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين۔ پورو غزل جيتوڻيڪ ياد نه آهي، پر سندس ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا، اُميد ته دوستن جي توجه ڇڪرائيندو۔
اسان جي ملڪ جا ماڻهون نه هڙ چٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
چرين وارا سڄو ڏينهن ڪم نه چرٻٽ ڪن ته ٻيو ڇاڪن
لٿا مرشد مريدن گهر وٺي ٽولو خليفن جو
جُڳو ئي جهڻ غريبن جو نه جهٽ پٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
جوارين جوئي جا ڪپڙا ڇڏيا راندين پٺيان وڪڻي
نه سي نيلام هاڻي جي گهڙا مٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
تري سان جوان جوڌا ڪي ڇنل ڪنهن بُوٽ پنهنجي جي
جمعي جي ڏينهن مسجد ۾ نه مٽ سٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
ستائين راهه ويندي ٿا ٽرڙا عاشق نياڻين کي
ته پو تن مٿي سينڊل نه سٽ سٽ ڪن ته بيو ڇا ڪن
ڪمائڻ لا ڪامورا ڪهي پنجاب کان آيا
ڦري سي سنڌ کي هاڻي نه برپٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
ڏسي هي سنڌ جي حالت صفا سرويچ چوڻو پيو
اسان جا ئي اسان سان ئي نه ترڪٽ ڪن ته ٻيو ڇا ڪن
(سرويچ سجاولي)