سليمان وساڻ جي مهرباني ۽ لک ٿورا جو انهن کي تصوير وڻي پر يار سچ پڇو ته مون کي تصوير بلڪل ڪانه وڻي ههههههههههه
سائين۔۔ اهي سور ته تصوير ڪڍڻ واري کان پڇيو، تصوير ڪڍرائڻ وارا ڇانوَ ۾ هئا ۽ تصوير ڪڍڻ وارو اُس ۾، اُس ۾ بيهي بيهي سندس آواز ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو هيو جو سندس چيل لفظ ”ريڊي“ کي به هنن سٻاجهڙن منتظمن نه ٻڌو، نيٺ اُن تصوير ڪڍڻ واري ايئن ئي تصوير ڪڍي، پر تصوير پنهنجي جڳهه تي زبردست آئي آهي، جنهن ۾ نائب منتظم ۽ منتظم صاحب جن سنڌي ثقافت جي رنگن بابت صلاح مشورو پيا ڪن۔
اسان جو دوست علي علي ڀلي ڪجهه به لکي ۽ سندس پردو رکندڙ دوست مست به سندس لڄ رکي وڃي پر تصوير ڏسندڙ ڏسي سگهن ٿا هڪ هٿ زور سان وڌيل ۽ ڳلٿي جي بلڪل ويجهو آهي۔۔۔ اهو ته ڀلو ٿيو جو تصوير ڪڍندڙ همراه جو ٻوٿ لڪائي ڇڏيو نه ته سڀ ڪجهه صاف نظر اچي وڃي ها۔۔۔
ادا رشيد اصل ڳاله اها ناهي گرمي اهڙو حال ڪيو هو ٻنهني جو جو مست سيهواڻي اسان جي عزت رکندي منهن نه ڏيکاريو جي مهنهن نظر اچي ها ته گهڻا ماڻهون اسان جي شڪل ڏسي ڪري ڊڄي وڃن ها ويسي به مان فيشل گهڻن ڏينهن کان ڪونه ڪرايو هو