الطاف شيخ سنڌ جي انهن ليکڪن مان هڪ آهي جنهن کي سڀ کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو۔ هو پنهنجي سفرنامن ۽ لکڻين ذريعي اسان کي سڄي دنيا جو سير ڪرائيندو رهيو آهي ان سان گڏ انهن ملڪن جي ضروري ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ پاڪساتن خاص ڪري سنڌ جي علائقن سان ڀيٽ به ڪندو آهي۔ سندس هي سفرنامو ”ايران ڏي اڏام“ پيش آهي۔
اسان ٿورائتا آهيون سائين عبدالوهاب سهتي صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪرائي المنعم لائبرري لاڙڪاڻو پاران پيش ڪيو ۽ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاء ذاتي طور موڪليو آهي۔