استاد تنظيمن جي هڪ گروپ پاران جاري ڪيل وائيٽ پيپر جو مڪمل متن
نذير مغل جو ابتدائي پروفائيل
نذير مغل، سنڌ يونيور سٽي ۾ بطور ليڪچرار 1962 ۾ ڀرتي ٿيو ۽ هڪ سال سروس کانپوءِ آمريڪا پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو. پي ايڇ ڊي دوران هو آمريڪا ۾ ست سال يعنيٰ 1969 تائين موڪل تي رهيو ۽ پوءِ واپس اچي يونيورسٽي جوائن ڪرڻ بجاءِ هن اتي ئي آمريڪا ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪري ڏني پر جيئن تـ سنڌ يونيورسٽي ۾ هو بطور ليڪچرار ڪنفرم نـ ٿيو هو، تنهن ڪري يونيورسٽي ۾ سندس موڪل واري عرصي کي غير قانوني قرار ڏيئي کيس ڪيترائي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻيهر جوائن نـ ڪرڻ تي سندس نوڪري ختم ڪئي ويئي، جنهن جي خلاف هن اپيل دائر ڪئي. آمريڪا مان موڪل دوران وئڪيشن جي عرصي ۾ اچي هن سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪئي ۽ وري نوڪري lien تي رکرائي. نذير مغل غير قانوني طور هڪ ئي وقت تي ٻن جڳهين تي نوڪري جاري رکي پر هو ڪڏهن بـ سنڌ يونيورسٽي ۾ مستقل ملازم نـ رهيو. شيخ اياز جي دور ۾ هن پنهنجي نوڪري بحال ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ۽ هن جي نوڪري 19 جون 1980 ۾ وري بحال ٿي.
(1) پرمسلسل غير حاضري ڪري سندس سروس 16ـ 5ـ 1987 ۾ وري معطل ڪئي ويئي. )ڏسوsyndicate no 42-16-5-1998 (
(2) ان فيصلي خلاف نذير مغل وري اپيل ڪئي ۽ 1990 ۾ سئنديڪيٽ سندس نوڪري وري lien تي رکي ڇڏي.
(3) جڏهن نذير مغل 27 جولاءِ 1995 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ وي سي مقرر ٿيو تـ ان وقت تائين يونيورسٽي ۾ سندس ڪل نوڪري صرف ٻـ سال ڪجهـ مهينا هئي.
(4) حيرت انگيز طور هن سڄي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري پنهنجي وائيس چانسلر جي دور ۾ پنهنجي lien واري سروس واري دور کي مستقل ڳڻائيندي پاڻ کي سنڌ يونيورسٽي اندر پروفيسر مقرر ڪرايو، اهو بـ انوکو مثال آهي تـ هڪ وي سي پاڻ کي پاڻ پروفيسر مقرر ڪرائي. سندس پروفيسروارو آرڊر ان وقت جي رجسٽرار حسين شيخ جاري ڪيو. ان آرڊر مطابق سندس سروس 22 سال ست مهينا آهي. وري وي سي شپ جي عرصي ۾ هن پاڻ کي 20 گريڊ مان 21 گريڊ ۾ سينيارٽي جي حساب سان ترقي ڏني، ان مطابق سندس سنڌ يونيورسٽي ۾ 33 سال سروس هئي جنهن تحت هوMeritorious پروفيسر مقرر ٿيو. ان وقت نذير مغل پنهنجي عمر ثابت ڪرڻ لاءِ ميٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ بجاءِ حيدرآباد ميونسپالٽي جو ڄم جي تاريخ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو، جيڪو پڻ قائدن قانونن جي خلاف آهي. ان سرٽيفڪيٽ جي مطابق هو 4 ـ 0 ـ1997 تي سنڌ يونيورسٽي مان پروفيسر ٿي رٽائر ٿيو. هن نـ صرف ڪوڙي نوڪري ڏيکاري پروفيسرشپ ورتي پر هن رٽائرمنٽ کانپوءِ پينشن پڻ وٺڻ شروع ڪئي، جيڪا سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ جي خلاف ورزي هئي. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي تـ نذير مغل جي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل ملائي چار سال مس نوڪري هئي پر هن اداري کان هڪ ملين رپيا پينشن جا ورتا .
هن جي رخصتي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي سئنڊ يڪيٽ پاران ان وقت 1999 ۾ انڪوائري ويهاري ويئي، جنهن جي رپورٽ سڄي رڪارڊ سميت نذير مغل جا فراڊ پڌرا ڪري هنن کي مليل پنشن واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي، جيڪا سئنڊيڪيٽ فيصلي هيٺ معطل ٿي ويئي.
v نذير مغل سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر طور ٻيهر مقرري کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي ترقي ڏيئي پروفيسر ڪرائي پينشن ڏياري، ان معاملي تي ويٺل سينڊيڪٽ جي پاران پاس ڪرايل انڪوائري رپورٽ رد ڪرائي جنهن ۾ کيس پينشن جي مدي ۾ مڪمل 9,60,60 رپيا ڏنا ويا هئا. ياد رهي تـ هن پهرين دور ۾ وائيس چانسلر جي مقرري دوران يونيورسٽي ۾ڪوڙي سروس Claim ڪري پينشن جا پئسا ورتا هئا، جڏهن سندس برطرفي کانپوءِ سينڊ يڪٽ ان تي جانچ ڪرائي جنهن ۾ سندس Claim ڪوڙو ثابت ٿيو ڇو تـ ان عرصي ۾هوءَ آمريڪا ۾ ايڊينبرو يونيورسٽي ۾ Job ڪندو رهيو هو. (جنهن جو رڪارڊ موجود آهي) نذير مغل پروفيسرطورمقرر ڪيل مدو پورو نـ ڪيو هو ، ٻاهر نوڪري هئڻ ڪري کيس نوڪري مان خارج ڪيو ويو هو. پرهن يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر طور مقرري کانپوءِ ڪوڙوپروموشن وٺي پنهنجي لاءِ پينشن جاري ڪرائي.
v ان انڪوائري رپورٽ ۾ مٿس ٻيا ڪرپشن جا ڪيس بـ درست ثابت ڪيا ويا هئا جنهن ۾ هن ڪرپشن ۾ شريڪ يونيورسٽي ملازمن کي غيرقانوني طور تي ميرٽ ۽ يونيورسٽي ڪوڊ جي لتاڙيندي پروموشن ڏنا هئا. سندس پاران غير قانون طور تي پروموٽ ڪيل سڀئي آفيسر کائنس پوءِ ايندڙ وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي دور ۾ سينڊيڪٽ جي انڪوائري اچڻ بعد معطل ڪيا هئا جن کي هن ايندي شرط بحال ڪرايو.
هن دور ۾ انهن معطل ٿيل آفيسرن کي ٻيهر بحال ڪري کين پنهنجي ويجهو آڻي نئين سر وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ مقررڪيو. جتي پڻ هنن معطل ٿيل آفيسرن پئسا وٺي يونيورسٽي ۾ نوڪريون وٺي ڏيڻ ۽ بدلين عيوض رشوت وٺڻ واري ڌنڌي ۾ نالوڪمايو.
نذير مغل پنهنجي مقرري دوران اڍائي سالن اندر سينٽ جي ڪا به ميٽنگ سڏائي يونيورسٽي جو بجٽ پاس نه ڪرائي سگهيو ڇاڪاڻ ته ان ۾ کيس خدشو هو تـ سندس غير معمولي مالي خردبرد جو داستان کلي سگهي ٿو، جيڪو سينٽ جا ميمبر ڪنهن بـ صورت ۾ پاس نـ ڪن ها.
نذير مغل وائيس چانسلر طور مقرري دوران يونيورسٽي ۾ لائبريري جي بجٽ لاءِ ٽڪو به جاري نه ڪيو، جنهن ڪري ٻن سالن جي عرصي ۾ يونيورسٽي لائبرري جي ڏس ۾ ڪا بـ خريداري نـ ڪري سگهي، جڏهن تـ نون ڪتابن جي آمد ڪنهن به يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي ڪم جي لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي.
نذيرمغل پنهنجي مقرري دوران سائنس فيڪلٽي ۾ ٿيندڙ ريسرچ لاءِ ڪيميڪل ۽ ٻين ضروري شين جي خريد لاءِ مختص ڪيل فنڊ روڪي، پنهنجي آفيس ۽ گهرجي مرمت تي ڪروڙين رپين جي بجٽ خرچ ڪئي (ثبوت طور وائي چانسلر هائوس جي مرمت جي نالي ۾ وائيس چانسلر آفيس جي مرمت / تعمير جا وائچر چيڪ ڪري سگهجن ٿا.(
نذير مغل هڪ پاسي تدريسي ۽ تحقيقي ڪمن جي لاءِ فنڊز جي عدم دستيابي جو عذر ڏيکاريندو رهيوتـ ٻي پاسي ٻن سالن اندر يونيورسٽي جي خرچ تي سندس ذاتي پرڏيهي دورن جوتعداد ڪنهن بـ وائيس چانسلر کان نه رڳو وڌيڪ آهي پر ان ڪري غير ضروري آهي جو انهن دورن ۾ ڪٿي به ڪنهن پرڏيهي يونيورسٽي سان ٻه طرف تعاون جو ڪوبه MOU صحيح نه ڪيو آهي.
جيئن ته نذير مغل جي وائيس چانسلر طور مقرري ڪنهن به قانوني قائدي مطابق نه ٿي هئي ان ڪري هن پنهنجي ڪرسي مضبوط رکڻ لاءِ گورنرهائوس جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پرڏيهي دورن ۾ گورنر جي ان وقت جي پرنسيپل سيڪريٽري ممتاز رحمان کي به ساڻ کنيو. ٻنهي جي آمريڪا ۽ اسپين جي دورن ۽ اتي هوٽلن ۾ مهانگي رهائش سميت ٻيا خرچ بـ ان غريب يونيورسٽي کان وصول ڪيا ويا جتي فنڊز جي عدم دستيابي ڪري تدريسي شعبن ۾ پرنٽنگ پيپروٺڻ تي به پابندي قائم ڪئي وئي هئي. جڏهن تـ ممتاز رحمان سان سندس پرڏيهي دوري ۾ 50 لک کان مٿي پئسا خرچ ڪيا ويا.
جيئن ته نذير مغل اڳئي به ميڊيڪل بلن جي مد ۾ ”واياگرا“ جا بل به يونيورسٽي اڪائونٽ مان کڻندو رهيو، هن دفعي به هن پنهنجي بيمارين لاءِ ڪروڙن روپين جا ڪوڙا بل يونيورسٽي جي کاتي ۾ جمع ڪرائي پئسا کنيا، ثبوت طور يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جا ميڊيڪل بل ڏسي سگهجن ٿا.
ميڊڪل بلن جي مد ۾ هن پنهنجي سَس کي پنهنجي ماءُ ڄاڻائيندي (Mother in law) ان جا ميڊيڪل بل به غريب يونيورسٽي کان چارج ڪيا.
عمررسيده ۽ بيمارهئڻ ڪري وائيس چانسلر طورهن يونيورسٽي ۾ قائم وائيس چانسلر آفيس بجاءِ اڍائي سالن ۾ ڪي ٻـ سال پنهنجي ڪراچي واري گهر ۽ وائيس چانسلر هائوس کي ڪئمپ آفيس بڻائي ان ۾ گذاريا. انهن ٻنهي گهرن جو خرچو سندس وائيس چانسلري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ادا ڪندي رهي.
سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ اهوپهريون ڀيروهو تـ ڪنهن وائيس چانسلرڪراچي ۾ پنهنجي ذاتي گهر کي ڪئمپ آفيس طور ڏيکاري پنهنجي گهر جي خرچ ۾ ڪروڙين رپيا يونيورسٽي کان وصول ڪيا.
نذير مغل غير ملڪي دورن ۾ پنهنجي پٽ جي بنگلاديش مان شادي لاءِ يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ پنهنجي فيملي جوخرچ يونيورسٽي جي فنڊز مان وصول ڪيو ويو ۽ ان کي پڻ سرڪاري دورو ڏيکاريو ويو.
يونيورسٽي ڪئمپس ۾ سندس پٽ جي وليمي جي تقريب جا سمورا پئسا يونيورسٽي جي کاتي مان ڀريا ويا. ان شادي لاءِ ٻـ نيون اي وي پي گاڏيون خاص طور تي خريد ڪيون ويون.
نذير مغل کي جبري رخصتي تي موڪلڻ وقت کيس بيمار ڄاڻائي ميڊيڪل ليو ڏني ويئي هئي پر هن چئن مهينن جي ميڊيڪل ليو تي پرڏيهي دورا ڪيا جنهن جو خرچ 70 لک کان مٿي آهي.
امتحانن واري شعبي ۾ ڪاليج سائيڊ کان ٿيندڙ امتحانن ۾ ليٽ فيءَ ڪٿي 500 تـ ڪٿي 5000 ورتي ويئي ۽ ان ليٽ في جي مد ۾ لکين رپين جي وصولي ڪري مالي خرد برد ڪئي ويئي. جنهن لاءِ الڳ هڪ شفاف عدالتي انڪوائري ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
ايڊميشن جي شعبي ۾ مالي ۽ انتظامي خرد برد جي انتها اها هئي جوسيٽون من پسند شاگرد ڌرين عيوض کپائڻ جي نتيجي ۾ پروفيسر“ بشير چنڙ” جو قتل ٿيو. ايڊميشن لسٽ جيڪا عام طور تي نيئن سيشن هلڻ کان اڳ جنوري جي پهرين هفتي ۾ پڌري ڪئي ويندي آهي، سيٽون پئسن تي کپائڻ ۽ انٽري ٽيسٽ جي نتيجن ۾ ڦيرڦارڪري هن سال فائينل لسٽ پهرين سيمسٽرجي امتحانن دوران يعنيٰ جنوري بجاءِ جون ۾ جاري ڪئي ويئي جيڪا ڇهـ مهينا ليٽ هئي، جنهن ڪري زيرو حاضري وارا شاگرد بـ امتحانن ۾ ويهاريا ويا.
ايڊميشن جي شعبي ۾ ٿيل مالي خرد برد ۽ ٻين غير قانوني بي ضابطگين جي ڪري شاگرد ڌرين کي هڪٻئي سان ويڙهائي يونيورسٽي جي تدريسي ماحول کي تباهـ ڪيو ويو (سال 2012 جي ايڊميشن جو ريڪارڊ سيل ڪرائي اعليٰ عدالتي جانچ ڪرائي وڃي تـ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر سميت ٽن شاگردن جي قتل جا سبب بـ ملي پوندا.)