ڏٺو ويو آهي ته هر مرد عورتن جي عظمت تي ليک لکندو رهي ٿو ۽ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو، پر ڪنهن عورت اڄ تائين مرد جي عظمت ۽ انجي حقن جي ڳالهه ڇو نه ڪئي آهي ۔۔۔؟؟؟ سوال آهي سنڌ سلامت جي جهونن يارن کان ۔۔۔۔ اسانجو عورت جي عظمت کي سلام آهي پر ڪنهن عورت اڄ تائين مرد جي خوبين تي ڇو نه لکيو آهي يا ساراهايو آهي ... جڏهن ته مرد جا به انيڪ روپ آهن. عاشق جي صورت ۾ مجنون ٿي بيابان ۽ جبل جهاڳي ٿو بادشاهي حيثيت ختم ڪري ڪينجهر ۾ مڇيون ماري ٿو فرهاد ٿي کير جون ننديون وهائي ٿو پيءُ جي صورت ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏي ٿو محبوب جي صورت ۾ پاڻ قربان ڪري ڇڏي ٿو ڀاءُ جي صورت ۾ حفاظتي قلعو قائم ڪري ٿو مڙس جي صورت ۾ ڪمائڻ جي مشين ٿي پوي ٿو پٽ جي صورت ۾ سهارو ٿئي ٿو محبوب جي صحت لاءِ سر ڌڙ کان ڌار ڪري ٿو وغيره وغيره، پوءِ ڀلا مرد کي خراج ڏيڻ لاءِ ڪا عورت ڪنهن به روپ ۾ اڳتي ڇو نٿي اچي ته اسانجي به حيانوَ تي ڇنڊو پوي ...؟؟؟ باقي اسين عورتن جا ٻڌا ٻانها .... حاضر هر شئي اسانجي عورتن لاءِ ئي ته آهي ..
مهنجي خيال ۾ ته عورت ۽ مرد جي عشق ۾ وڏو فرق آهي عورت جيڪا حيا ، لڄ ، شرم ، پردو “ غيرت جي هڪ مثال هوندي آهي اها عشق ۾ اچي ڪري پهنجو گهڻو ڪجه قربان ڪري ويندي آهي پر ان باوجود به ان جي عشَق کي اها شهرت ان ڪري ناهي ملندي جو اها عورت آهي ۽ ان جي عشق کي ماڻهون سڄي نگاه سان ناهين ڏسندا ۔۔۔باقي جتي قيس پهنجي ليلا جي عشق ۾ مجنون ٿيو ته اتي ليلا به قرباني ڏني پر شهرت مجنون کي ملي جتي عشق ۾ سهڻي ميهار پهنجو پاڻ کي دريا حوالي ڪيو پر پوڀ به اها شهرت نه ماڻي سگهي شآيد ان ڪر ته هوء عورت هئي ۔۔ خير قصو ڪوتاه ته پر اوهان جو سوال ته ڪنهن عورت مردن جي خوبين تي ڇو ناهي لکيو اهو سوال سٺو آهي پر جي ان سوال مان اوهان جي مراد اها آهي ته اسان هو اهو ٽآيٽل نه پڙهيو آهي ته ، مرد جي عظمت ، مرد جا حقوق، يا مرد جي عظمت کي سلام ، ته اوهان جي ڳاله سچ آهي ته اهڙي قسم جو ڪو ڪالم يا عنوان ڏسڻ ۾ نه آيو آهي پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته مرد جي عظمت تي عورتن نه لکيو هجي يا ان جي عظمت جا ان جي ساراه جون قايل نه آهي ڀلي ڪو اهڙي قسم جو ٽآيٽل پڙهڻ لاء نه ملي پر ان باوجود به عورتن مردن جي حق ۾ ڪافي لکيو به آهي ۽ ان ڳاله جو دل سان اقرار به ڪنديون آهين ته مرد کان سواء عورت اڌوري آهي
اوهان جون سڀ ڳالهيون وزندار آهن چاچو ڪريم هن پوسٽ پڙهڻ کانپوء گهڻو خوش آهي ۽ اها اميد ٿي اٿس ته هن جهڙا گهڻا آهن جيڪي نئين تنظيم مظلوم مرد ٺاهيندا ۽ پڪ اٿس ته اوهان جي واپسي تي ان جي شروعات ڪبي۔ ٻي ڳالهه ته سائين نثار اوهان لاء ڪنهن مائيء کي عرض ڪيون ٿا ته اوهان جي تعريف لکي ته ڪي اوهان جي هيانو تي ڇنڊا پون۔
ڪوڊ: ٻي ڳالهه ته سائين نثار اوهان لاء ڪنهن مائيء کي عرض ڪيون ٿا ته اوهان جي تعريف لکي ته ڪي اوهان جي هيانو تي ڇنڊا پون سائين هي ڇا پيو ٻڌڻ ۾ اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هههههههه ۔۔۔ اڄ مڙئي موڊ ڀلو هو ۔۔۔ فيسبڪ تي اڪثر اسانجا مرد دوست عورتن جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا اهن، عورت عظيم آهي، عورت قديم آهي، عورت سهڻي آهي، عورت وغيره وغيره ۔۔۔ مون سوچيو ته ڀلا ويچاري مرد ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ڪا عورت ائين نٿي لکي ته مرد به ڪا شئي آهي، آخرڪار يار! اسانجا به ڪي حق آهن ۔۔۔ اسين به مڙس ماڻهون آهيون ۔۔۔ !!!! خئير، ڳالهه کٽائڻي! هن ليک ذريعي مون سوچيو ته ڪا عورت ضرور مردن جي باري ۾ لکندي پر نه ۔۔۔ ڪاري وار ڪک ۔۔۔۔ باقي عورتن سان سر لڳي ۔۔۔ جيستائين دم ۾ دم آهي ته عورتن جو احترام ۽ عزت ڪندا رهنداسون ۔۔۔ ڪا تعريف ڪري يا نه ۔۔۔ اسان ضرور ڪنداسون ۔۔۔ هههههههههه
ها ادا نثار صاحب توهان جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي توهان هر موضوع ۾ اول ايندا آهيو چاهي اهو مضلومن جي دل جو ڇو نه هجي اڄ ته توهان پنهنجي دل جي ڳالهه کولي آهي ته توهان عورت جي عظمت کي سلام ڪرڻ واران مان آهيو پر انهن عورتن جي عظمت کي سلام ڪرڻ وارا آهيو جيڪا هڪ ماءُ جي صورت ۾ آهي۔ مردن جو نالو مڙهئي ڏئي ڇڏيو آهي مرد ته خاص ڪر زالن جا غلام هوندا آهن جيڪي پنهنجي ماءُ جي پيار کي وساري ويهندا آهن۔ پو توهان انهن مان ته نه آهيو۔
ههههههه ۔۔۔۔ اري ادا مزمل ڪهڙيون ٿو ڪچيون ڦڪيون ڪرائين ۔۔۔؟؟؟؟ ما ته ويچاري کي پيار جيڪو ڏيڻو هو سو ڏنو سون، الله کيس جنت نصيب فرمائي پر هاڻ جيڪا مائي آهي، انجا به غلام آهيون ۔۔۔ ٻڌا ٻانها ۔۔۔ ان جا ته هياسون ئي هياسون پر هاڻ ڌيئرون به اهڙيون ته پياريون ۽ اربيليون آهن جو پنهنجي وات ۾ گرهه وجهڻ کان اڳ انهن جو خيال اچيو وڃي ۔۔۔ پٽ هياسون۔ مڙس ٿياسون پي بڻياسون انهن رشتن ۾ ڪيترا پورا لٿاسون ۔۔۔۔ حساب ته روز قيامت ٿيندو ۔۔۔ انشاء الله سرخرو ٿينداسون۔