381 اٽيچمينٽ ڏسو کجيء کي مستقبل ۾ وڏو نقصان ٿيڻ جي نشاني محمد مٺل جسڪاڻي کجي، کارڪ، ڪتل، ڇونهارا، ڏوڪا ۽ الاءِ ته ڇا ڇا، کجي جي وڻ مان ملندڙ، پنهنجو مٽ پاڻ ميوو آهي. کجي جو شمار دنيا جي انتهائي پراڻن ميون ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان دنيا جو ڪڏهن چوٿين ته ڪڏهن پنجين نمبر تي وڌيڪ کجي اپائيندڙ ملڪ آهي، جتي 90100 هيڪٽر ايراضي مان 557500 ٽن پيداوار ملي ٿي. جنهن ۾ 30000 هيڪٽر ايراضي ۽ 200000 ٽن پيداوار سنڌ مان حاصل ٿئي ٿي. سنڌ جي صرف هڪ ضلع خيرپور ۾ کجيءَ جون 300 جنسون باغن ۾ لڳل آهن. هن علائقي ۾ 22310 هيڪٽر ايراضيءَ ۾ کجين جا باغ آهن، جن مان 158775 ٽن پيداوار حاصل ٿيڻ جا انگ اکر مليا آهن. خيرپور ته آهي کجيءَ جو ڳڙهه، اتي ته هونئن ئي گهڻي آبادي جي گذر سفر جو دارومدار کجيءَ جي باغن ۽ اپت تي آهي ئي، پر خيرپور کان ٻاهر به، کجي روزگار جو ذريعو رهي آهي، پوءِ اهو ٻوهارا، تڏا، وڃڻا وغيره ٺاهڻ ۽ کپائڻ جو ڪاروبار هجي، يا ميوو وڪڻڻ، يا ميوي مان مختلف مصنوعات تيار ڪري کپائڻ، پر بهرحال، کجيءَ جي به تمام ججهي اقتصادي اهميت آهي. جيئن ڪجهه سال اڳ تائين، ڪيلي جي ڇڳي نما چوٽي واري وائرس بيماري جي حملي کان پهرين، ڪيلو پوکڻ ۽ سنڀالڻ منافع بخش هو، يا جيئن ڪجهه سال اڳ تائين، انبن جا وڻ اوچتو سڪائڻ واري بيماري کان پهرين، انبن جو باغ تمام گهڻو منافع بخش هو، تيئن ڪجهه سال اڳ تائين، کجيءَ جو باغ لڳائڻ ۽ سنڀالڻ سفا سولو، سستو ۽ منافع بخش رهيو آهي، پر ڪجهه سالن کان، پهرين کجيءَ ۾ ڳاڙهي ٽنڊڻ جو مسئلو ٿيو، پوءِ اوچتو وڻ سڪڻ واري بيماري، کجيءَ جي آبادگارن کي حيران ۽ پريشان ئي نه، مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا. ڪيلي ۽ انبن جي باغن وانگر کجي جا به، ڪي ته سڄا سڄا باغ اجڙي ويا آهن، جيڪي باقي بچيا آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ نه رڳو مالڪ پاڻ، پر زرعي ماهر به حيران ۽ پريشان آهن. چوڻ وارا ۽ لکڻ وارا، ڪي اهو به چوندا ۽ لکندا آهن، ته زرعي ماهر آهن ئي نه، جيڪي آهن سي ڪم چور آهن، يا ڪم ڄاڻن ئي ڪونه، پر هيءَ به حقيقت آهي ته، کجيءَ جو آبادگار ڪنهن هڪ ٻن جيتن جو نالو وٺي ماٺ ٿي ويندو، ڪا هڪ اڌ بيماري ڳڻائي بس ڪري ويهي رهندو، پر تحقيقي ۽ تجزياتي رپورٽون پڙهبيون ته معلوم ٿيندو، دنيا ۾ کجيءَ تي 30 مختلف پهائين/ قسم جا جيت حملو ڪري نقصان جو ڪارڻ بنبا آهن. جڏهن ته خيرپور ۾ صرف ڳاڙهو ٽنڊڻ ۽ تهه دار جيت 1980 کان مسلسل نقصان جو سبب بنجندا رهيا آهن، جن تي بيشمار تحقيقي ڪم به ٿيو آهي. هنن جيتن جي سڃاڻپ ۽ انهن کان بچاءُ، زرعي ماهرن مطابق هاڻي صرف انهن آبادگارن لاءِ مسئلو بنيل آهي، جيڪي ڪجهه ڄاڻڻ جي به ڪوشش نه ڪندا آهن ۽ بچاءُ لاءِ به ڪي اپاءُ نه وٺندا آهن. آبادگارن ۽ زرعي ماهرن جي وچ ۾ ان مسئلي تي ٽيڪاٽپڻي، ڏي وٺ به جاري آهي، ۽ کجيءَ جي وڻ کي نقصان رسائيندڙ جيتن ۽ بيمارين جا نوان مسئلا به سامهون اچي رهيا آهن. ڪن مسئلن تي ڪم هلي پيو، ڪي مسئلا عام آبادگار توڙي زرعي ماهرن جي به اک ۾ نه آهن! ويجهڙ ۾ آئون جهمپير، ضلع ٺٽه ويس. اتي کجين جا ڪجهه باغ ڏسي، منهنجي حيرت جي حد نه رهي! برسات ته قدرت جي وس آهي، پر ٻيا ڪم عمل؟ اڳي جڏهن برسات ججهي پوندي هئي، ته حيدرآباد کان ڪراچي تائين واري جابلو پٽي، سرسبز، شاد ۽ آباد هوندي هئي. برسات ۽ موسم جي پيش نظر فصلن جي پوک عام هئي، پر جهمپير جي ڀر ۾ کجين جا باغ به واه جا هئا. هاڻي اهي باغ، گهڻا ته مڪمل سڪي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، باقي ڪجهه باغن ۾، کجين جا ڪافي وڻ آخري پساهن ۾ آهن! هڪ ٻن باغن جو معائنو ڪيم، ڪيميرا ساڻ هئڻ جو فائدو وٺندي، اتي جيڪو ڪجهه به مون نئون محسوس ڪيو، اهو ڪيميرا جي اک سان محفوظ ڪيو. نڪتل تصويرون ڪجهه دوستن سان شيئر ڪري، مون اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کجي جي وڻن ۾ نظر ايندڙ هي علامتون ڪنهن ڄاتل سڃاتل جيت يا بيماري جي حملي سبب نمودار ٿيون آهن يا وچان ئي ڪو نئون مسئلو آهي؟ هيءَ ٻه اکر لکڻ تائين، آئون هيءَ معلوم ڪري سگهيو آهيان ته هيءَ مسئلو صرف جهمپير جي ئي کجين ۾ نه، پر کجين جي مشهور ڳڙهه خيرپور ۾ پڻ ان قسم جون علامتون موجود آهن، پر اهي ڇو آهن، انهن جو ڪارڻ ڇا آهي، انهن کان بچاءُ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي، سا ڪنهن کي به خبر نه آهي!؟ مون کي جيڪو هيءَ نئون مسئلو نطر آيو، ان ۾ توجهه طلب ڳالهه هيءَ آهي ته کجيءَ جي نون ڦٽندڙ ڦڙهن/ پنن ۾، جيڪي ڦڙها / پن صحتمند هوندا آهن، اهي ته معمول موجب وڌندا وڏا ٿي ويندا آهن، پر جيڪي ناچاڪ هوندا آهن، اهي قد ۾ ننڍا رهجي ويندا آهن. هيءَ ڄامڙا پن بيهڪ ۾ ٽيڙا ٿي پوندا آهن. ڦڙهي / پن ۾ نظر ايندڙ پنکڙيون، هڪ ٻئي کي گهڻيون ويجهيون هونديون آهن ۽ عام صحتمند پن وانگر کُلي نه سگهنديون آهن. هيءَ متاثر ڦڙها / پن گهڻي عرصي تائين ساوا به هوندا آهن، پر پوءِ آهستي آهستي سڪي ويندا آهن. ياد رهي ته پن سائي مادي واري عمل سان، هوا ۽ روشني مان خوراڪ تيار ڪري، وڻ جي باقي حصن ڏانهن موڪليندا آهن. جيڪڏهن پن بيمار ۽ بي ڪما ٿيندا آهن، ته وڻ جي عام واڌ، وڻ مان گل نڪرڻ ۽ گل ۾ ميوو لڳڻ وارو عمل متاثر ٿئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن هيءَ مسئلو نظرانداز ڪري، سبب معلوم ڪري، بچاءُ جي سولن ۽ سستن طريقن جي دريافت تي توجهه نه ڏني وئي، ته مستقبل ۾ وڏو نقصان ٿيڻ جي نشاني ملي چڪي آهي... (هفتيوار زرعي صفحو کيتي سرسيتي، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 2 اپريل 2012) 382 اٽيچمينٽ ڏسو