اسلام عليڪم ! هڪ ڀيرو هڪ امير ۽ سندس نوڪر سفر ڪندي هڪ هوٽل ۾ ترسيا.. نوڪر چوٽيءَ جو چنڊو هو.. اتفاق سان ٻاهر مينهن پئجي ويو.. مالڪ کٽ تي ليٽيل هو، ۽ نوڪر پَٽَ تي.. مالڪ ؛ اڙي ٻاهر ڏس ته مينهن بيهي ويو آهي يا اڃان وسي پيو..؟ نوڪر ؛ سائين هينئر اڃان ٻلي ٻاهران آئي آهي، ان کي هٿ لاهي ڏٺو اٿم، آلي هئي. اڃان مينهن وسي پيو.. مالڪ وري ٿوڙي دير کان پوءِ: هل ڀلا ڪمري جو بلب ته بند ڪر.. نوڪر ؛ سائين توهان اکيون بند ڪريو سمجهو ته بلب بند آهي.. مالڪ ؛ ڀلا در ته ورائي ڇڏ... نوڪر : سائين الله توهان کي ٽنگون ٻانهون ڏنيون آهن ، ٻه ڪم مون ڪيا هاڻي اهو هڪ ڪم توهان به ڪيو asul matt