• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بوڪ چيٽ ميسجز ٻين دوستن ڏانهن فارورڊ ڪيئن ڪجن..؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اسان جا اڪثر دوست ڪنهن دوست سان ٿيل چيٽ کي ٻين دوستن ڏانهن موڪلڻ لاءِ ڪاپي پيسٽ جو ڪم ڪندا آهن۔۔۔ ان سان اڪثر فيس بوڪ چيٽ دوران ڪيريڪٽر لمٽ هجڻ ڪري پيغام موڪلي نه سگهبا آهن۔۔۔ هتي توهان کي هڪ ننڍي ٽپ ڏسجي ٿي جنهن سان توهان پنهنجي دوستن سان ڪيل چيٽ ڪنهن به ٻئي دوست ڏانهن بلڪل ائين فارورڊ ڪري سگهو ٿا جيئن موبائيل ميسيج يا اي ميل فارورڊ ڪبي آهي۔۔۔
پنهنجي دوست سان ڪيل چيٽ کي See Full Conversation موڊ ۾ کوليو ۽ مٿي ساڄي پاسي Action بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ توهان اڳيان ڊراپ ڊائون مينو کُلي ايندو۔۔۔ جتان Forward تي ڪلڪ ڪريو۔۔

Actions-Message-Forwarding-Dropdown.jpg

توهان جي اڳيان هڪ فيس بوڪ پيغام ظاهر ٿيندو ”select the message you want to forward“ جيڪو ٻڌائي ٿو ته جيڪو پيغام موڪلڻو آهي ان جي اڳيان ٺهندڙ باڪس تي چيڪ لڳايو۔۔۔

fb_forward2.jpg

هاڻي جيئن پيغام کي چيڪ لڳايو ويندو توهان جي اڳيان هڪ ونڊو کلندي جيڪا جنهن ۾ توهان کان توهان جي دوست جو نالو گهريو ويندو۔۔۔ نالو لکو ۽ سينڊ بٽڻ دٻايو۔۔۔ ڪم مڪمل۔۔۔ :)

fb_forward3.jpg
 
سائين محترم رشيد صاحب صفا چٽو سمجهي وياسون ۔۔۔۔۔ هاڻ ڪيڏانهن ويندا ميسيج اصل اهڙا فارورڊ ٿيندا جو هو مٿو ۔۔۔ تجربو شرط آهي ۔۔۔ لک قرب
 
ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙيون ڳالهيون سمجهه ۾ ناهن اينديون، جيئن اوهان هي سڀ سمجهائي سولائي پيدا ڪئي۔
 
Back
Top