رمضان کان رمضان تائين!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    نجي چئنل تان هڪ خاص فڪر جي پرچارڪ گذريل سال رمضان جي گذري وڃڻ تي ليٿڙيون پائي ۽ اوڇنگارون ڏئي رُنو پئه، هو ائين رُنو پئه جيئن ڪو ننڍڙو ٻار ماءُ جي ڇڏي وڃڻ تي ڦٿڪي پوندو ۽ کُرڙيون هڻي رُئندو آهي! هر سال رمضان ايندو ۽ گذري ويندو آهي ۽ هر سال هڪ خاص فڪر جا پرچارڪ ليٿڙيون پائي زور زور سان رُئندا آهن!
    رمضان ۾ رُئندا ٻار به آهن جيڪي افطاري نه ڪري سگهندا آهن، روزو رکي ۽ ڇوڙي ناهن سگهندا. عيد جا نوان ڪپڙا ناهن پائي سگهندا ۽ پنهنجن هڪ جيڏن کي نوان بوٽ پائي ناهن ڏيکاري سگهندا ۽ ٻئي طرف زرق برق ڪپڙا پائي ڪئميرائن جي اڳيان اُهي مبلغ به رُئندا آهن جن کي نه کاڌي جي ڳڻتي نه ئي روزي کولڻ ۽ رکڻ جو اونو!
    سنڌ ڪڏهن مون کي مزدور جي پگهر جيان لڳي ٿي، جيڪا پنهنجي ئي نرڙ تان ٽمي رهي آهي ۽ ڪڏهن ٻار جي ڳل تان ڳڙندڙ لڙڪ، جيڪو سندس ميري ۽ ڦاٽل قميص ۾ وهي مُنهن لڪائيندو آهي! اهڙي سنڌ ۾ هڪ سگهي متاري مبلغ جا ٻوڪاٽ ڪهڙي معنيٰ ۽ حيثيت رکن ٿا!؟
    سنڌ ۾ اڄ به اهڙا لکين گهر آهن جتي گوشت رڳو عيد برات تي ئي پچي سگهندو آهي ۽ اهڙا به هزارين گهر هوندا جتي عيد وغيره تي به اهڙا بندوبست ناهن ٿي سگهندا، تڏهن اسان رمضان جهڙي بابرڪت مهيني جي آفاقي حُسن ۽ خوبصورتي کي، ڪنهن مسڪين ٻار جي لڙڪ اگهڻ سان اڃان به وڌيڪ چٽو ۽ نروار ڪري سگهون ٿا ۽ رمضان مبارڪ جي ديني ڪارج کي سمجهڻ جو صحيح طريقو به اهو ئي آهي ته اسان رمضان ۾ اُنهن سڀني ٻارن جا لڙڪ اُگهئون جيڪي عيد جون شيون رڳو خواب ۾ کائيندا ۽ ڪپڙا سپنن ۾ پائيندا آهن ۽ نه ڪي ڪئميرائن اڳيان زور زور سان روئي رمضان مبارڪ سان پنهنجي محبت کي ٽيلڪم پائوڊر جو اشتهار بنائجي.
    روز جي ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت جيڪڏهن ٽن ڀاتين سميت زندگي گذاري ٿو ۽ اُن کي پنهنجو گهر به ڪونهي ته اهڙي پورهيت لاءِ روزي رکڻ ۽ ڇوڙڻ جو تصور وصلِ يار جهڙو ئي رهندو. هن رمضان ۾ ميوو جيترو مهانگو ملي رهيو آهي انهيءَ جو اندازو فقط انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو ته ڪيلن جو درجن هڪ سئو روپين کان چڙهي ويو آهي ۽ کجور پڻ سوا سئو ڪلو جي حساب سان ملي رهي آهي، اهڙي انتهائي مهانگائيءَ ۾ روزو رکڻ ۽ ڇوڙڻ جو بندوبست، هڪ پورهيت لاءِ ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي، اُنهيءَ جو اندازو ڪرڻ ڪو گهڻو مشڪل ناهي. انهيءَ سموري صورتحال کي سامهون رکي جيڪڏهن اسان ٿورو به ويچاريون ٿا ته وري به اسان جي آڏو حڪومت جي ذميوارين وارو سوال اڀري ٿو اچي، جنهن جو جواب وري به حڪومت کي ئي ڏيڻو آهي. هر ماڻهوءَ جي، پنهنجي صلاحيت ۽ تعليم موجب ڪنهن مناسب روزگار تائين پهچ کي يقيني بنائڻ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، اسان وٽ عام ماڻهوءَ جي خريداريءَ جي قوت اُن کي ميسر روزگار سان ئي مشروط آهي. هڪڙو ماڻهو جڏهن آهي ئي بيروزگار ته پوءِ اُهو پنهنجي سماجي زندگي ڪهڙي سِڌي طريقي سان گذاري سگهندو! ۽ جيڪڏهن ڪو روزگار سان آهي به ته اُن جي پگهار، پنهنجي عام رواجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ بنهه ناڪافي هجي ٿي جنهن جو نتيجو اسان کي پنهنجي هن مايوس سماج جي صورت ۾ ملي رهيو آهي، جتي هڪڙي پاسي دولت ۽ اجائي خرچ جو حيرت ناڪ نماءُ نظر اچي ٿو ته ٻئي پاسي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ غريبن جا خواب ۽ سندن هيڻا هڏ به پيسجي رهيا آهن، تڏهن ئي مون کي خيال آيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾، حڪومت جي اُنهن دعوائن کي ٻانهن مان جهلي پُڇجي ته اوهان جو ڇا ٿيو؟ جيڪي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ سياستدانن ڪيون هيون!
    حڪومت جا واعدا، اُهي واعدا ته ڪڏهن به نه هجڻ گهرجن جيڪي وفا ناهن ٿيندا، وفا نه ٿيندڙ واعدا ته محبوبائن جا هوندا آهن، جن جي وفا نه ٿيڻ ۾ به هڪ حسناڪي هوندي آهي پر جيڪڏهن حڪومت جا واعدا وفا نه ٿين ته پوءِ موت ئي جشن ملهائيندو آهي، غربت وحشي ناچ نچندي آهي ۽ ٻارن جي ڳلن جي شاهراهن تان لڙڪ ”پابجولان“ رقص ڪري گذرندا آهن!! تڏهن رمضان جي آمد تي خوش ٿيڻ ۽ رخصتي تي روئڻ وارو معاملو سماج جي رويي ۽ اُن جي موجوده صورت سان ڳنڍجي ته سهي پر اها ڳنڍ مضبوط هوندي ڪو نه. ٿوري ڪوشش سان ئي کُلي پوندي، انهيءَ لاءِ اچو ته وري به حڪومت جي ڪارڪردگيءَ ڏانهن موٽي اچون، جتي سندس ذميوارين مان هڪ ذميواري اها به آهي ته اُها غربت ختم ڪري ۽ جيڪڏهن اُهو ڪم پورو ۽ مڪمل طريقي سان نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هٿرادو مهانگائيءَ تي ته ضابطو آڻي! مگر وري به هڪڙي روايتي ”افسوس واري اظهار“ سان اهو ٿو چئجي ته ڪم اُهي ئي ٿيندا آهن جن ۾ حڪومتون سنجيده هونديون آهن، غربت ختم ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جيڪڏهن حڪومت جي اوليتن جو حصو هجي ها ته ڪڏهوڪو هن ملڪ مان غربت کي نيڪالي ملي چُڪي هُجي ها ۽ مهانگائي جي نالي کان ماڻهو ناواقف هُجن ها پر اهو ڪڏهن رهيو ئي ناهي. حڪومت جن معاملن ۾ سنجيده آهي، اُهي نه ٿيندا هُجن ته کڻي ٻُڌايو؟! اليڪشن کٽڻ کان وٺي ملڪ کٽڻ تائين هر راند ۽ هر بازي حڪومت کٽيو ويٺي آهي، جيڪڏهن ناهي کٽي ته هُن غريبن جي دل ناهي کٽي، جنهن جي کيس شايد ضرورت به ناهي.
    غريب جو ووٽ، وڏيري جي ٽجوڙيءَ ۾ دُهري سان گڏ پيل هوندو آهي، اُهو جڏهن به اُتان نڪرندو آهي ته رُلي پني، گهمي ڦري وري به وڏيري جي ٽجوڙي ۾ اچي ڪلفبو آهي، پوءِ اهڙن ئي وڏيرن کي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جو اونو ٿئي ته آخر ڇو ٿئي! جيستائين هتان جو مسڪين لڏو پنهنجي ووٽ کي وڏيرن جي نجي جيلن مان آزاد نه ڪرائيندو ۽ اُن جو بيلٽ باڪس تبديل نه ڪندو، تيستائين نه غربت ختم ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري! باقي رمضان سڳورو آهي، سو جيستائين وقت آهي اُهو به ايندو رهندو، خاص فڪر جو مُبلغ به رُئندو رهندو ۽ اُهو ٻار به جيڪو عيد تي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ نه ملڻ تي رُئندو آهي!!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو