دير سان ئي سهي، پر اها ڳالهه نوٽيس ۾ ته آئي. هونءَ به اها حاصلات سنڌ سان لاڳاپيل هئي، ان ڪري ان کي اهميت ڏيڻ ۾ دير ته ٿيڻي ئي هئي. پر هاڻي سنڌ جي نوجوان سائنسدان آغا وقار تي حڪومتي نظر ڪرم ٿي آهي. وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه پاران آگاهي ڏيڻ بعد پاڻي سان گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪندڙ سنڌ جي خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ آغا وقار پٺاڻ جي مامري تي جوڙيل وزارت ڪاميٽي جو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وزارت ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير چنگيز جمالي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پيٽروليم جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ مذهبي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه کانسواءِ سيڪريٽري پيٽروليم، سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سائنس فائونڊيشن ۽ ائٽامڪ انرجي جي سائنسدانن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪندڙ آغا وقار پٺاڻ کان ڄاڻايل ڪاميٽي ۽ سائنسدانن مختلف سوال ڪري جواب ورتا. ڪاميٽي اڳيان آغا وقار پٺاڻ تفصيلي بريفنگ ڏيندي دعويٰ ڪئي ته حڪومت تعاون ڪري ته 2012ع ۾ ئي جهاز، ٽرينون، وڏيون ننڍيون گاڏيون، هر قسم جو فبريئر ۽ هر قسم جي آٽوز مشينري پاڻي تي هلائي سگهان ٿو، جنهن بعد ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته 26 جولاءِ تي آغا وقار پٺاڻ سائنسدانن ۽ عوام سامهون پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڏيکاريندو. جيڪڏهن اسان ٿورو غور ڪنداسين ته هن وقت دنيا اندر جيڪا به اٿل پٿل آهي، جيڪي به ملڪن جون دوستيون ۽ دشمنيون آهن، انهن جو گهڻو ڪري بنياد انرجي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان دنيا اندر جيڪي جنگيون هلي رهيون آهن، انهن جي سببن جا پيرا کڻنداسين ته اهي به وڃي انرجي تي دنگ ڪندا. قدرتي ذريعا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن، ۽ آبادي ڏينهون ڏينهن وڌڻ جي ڪري انهن جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. قدرتي ذريعن جي به هڪ عمر هجي ٿي، هڪ مدو هجي ٿو، ان مدي اندر اهي کوٽ کائيندا. دنيا اندر تيل ۽ گئس جا جيڪي به ذخيره آهن، انهن جون صلاحيتون هڪ نه هڪ ڏينهن گهٽ ٿيڻيون آهن، ۽ ڪنهن ڏينهن انهن جي حاصلات مڪمل طور تي بند به ٿي ويندي. ان لاءِ ضروري آهي ته انساني جياپي خاطر ڪي متبادل ذريعا تلاش ڪجن. سنڌ جي نوجوان آغا وقار ايئن ئي تيل جو هڪ متبادل تلاش ڪري ورتو آهي. پاڻي ته صدين کان موجود آهي، پر پاڻيءَ اندر ڪيتريون صلاحيتون آهن، اصل ڳالهه اهي صلاحيتون تلاش ڪرڻ جي آهي، جيڪي تلاش ٿي چڪيون آهن، هاڻي انهن صلاحيتن کي ماڻهن جي آسانيءَ لاءِ عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هتي هڪڙي ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ به لازمي آهي، سا اها ڳالهه ته تيل دنيا جو هڪ انتهائي وڏو ڪاروبار آهي، ۽ پاڻيءَ مان تيل وارو ڪم وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته ڄڻ ان ڪاروبار کي ڌڪ هڻڻ. جيڪڏهن کربين ڊالرز جي ڪاروبار کي ڪٿان ڪو ڌڪ لڳندو ته ان ڪاروبار ۾ شريڪ ڌريون ڪنهن نه ڪنهن ردعمل ۾ ته لازمي اينديون. اهڙو خدشو خود هن نوجوان به ڏيکاريو آهي ته ڪيئن نه ٻين ملڪن ۾ پاڻيءَ تي انجڻيون هلائڻ جا تجربا ڪندڙن کي رستي تان هٽايو ويو. ان ڪري جن ملڪن جي اقتصاديات يا دنيا مٿان حڪمراني فقط تيل جي ڪري آهي، انهن جا دٻاءَ پاڪستان مٿان به پئجي سگهن ٿا. اهو ان ڪري، جو تيل جو ڪاروبار ايترو وڏو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جو هاڻي ان ڪاروبار ۾ شامل ڪيتريون ئي ڌريون مافيا واري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن. 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڪوويت مٿان عراقي چڙهائي هجي يا بعد ۾ عراق مٿان آمريڪي چڙهائي هجي، اهي سڀ لقاءَ تيل جي ڪري هئا، ان ۾ نه ڪو جمهوري ۽ غير جمهوري جهيڙو هو، نه وري انساني حقن جي لتاڙ کي روڪڻ لاءِ اهي جنگيون مڙهيون ويون هيون. آمريڪا ڀلي دعوا ڪري ته عراق مٿان ان جي چڙهائي انساني تباهيءَ وارا هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ هئي، پر هاڻي حقيقتون ظاهر ٿي چڪيون آهن ته اتي انساني تباهيءَ وارا ڪي به هٿيار نه هئا. اهو سمورو جهيڙو تيل جا ذخيره هٿ ڪرڻ ۽ تيل ذريعي پنهنجي اجاريداري قائم رکڻ لاءِ هو. هاڻي اوهان اندازو هڻو ته تيل ۾ ڪيتري قوت آهي، جيڪا قوت جيڪڏهن پاڻيءَ ڏانهن منتقل ٿئي ٿي ته ان تي تيل مافيائون ڪو ردعمل نه ڏيکارين، سو ڪيئن ممڪن آهي؟ اها ته اسان عالمي قوتن جي ڳالهه پيا ڪريون، پر خود اندروني طور تي به جيڪڏهن ڏسجي ته هتي جون مقامي مافيائون، جيڪي پنهنجي اجاريداري قائم رکڻ لاءِ ٿر جي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ رنڊڪون وجهي رهيون آهن، سي به پاڻيءَ تي انجڻيون هلڻ واري عمل جي ردعمل ۾ لازمي اينديون، ڇاڪاڻ جو جيڪي بجلي گهر فرنس آئل تي هلن ٿا، ۽ فرنس آئل جي عالمي قيمتن کي بهانو بڻائي جهڙي نموني بجليءَ جا اگهه وڌايا ٿا وڃن، سو بهانو به هن تجربي سان ختم ٿي ويندو، ۽ بجلي سستي ٿيڻ لڳندي. ڇا اها ڳالهه مقامي مافيا کي وڻندي؟ هي سڀ اهي چئلينجز آهن، جن کي منهن ڏيڻ سرڪار جو ڪم آهي. هڪ نوجوان پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي، ان کان اڳتي حڪومت کي پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ جو مرحلو آهي. سنڌي نوجوان ته پاڻيءَ مان تيل جو ڪم وٺڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو، خدارا ان جي محنتن تي پاڻي ڦيرڻ نه ڏجو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو فائدو ڪونهي، پر ان ۾ عام ماڻهن جو فائدو آهي ۽ اڳتي هلي سموري انسان ذات جو فائدو آهي.
آغا وقار اڄ اسلام آباد ۾ پاڻيء تي گاڏي هلائي ڪامياب تجربو ڪيو آهي۔ هاڻي ڏسون ته حڪومت ۽ اسان جا ادارا ڪيتري حد تائين سندس ساٿ ڏين ٿا۔