ويا مور مري!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    [​IMG]انسانذات جي اجتماعي تصور ۾ پکين کي هڪ خاص اهميت حاصل رهي آهي. جڏهن انسان پهريون ڀيرو انهن پکين کي پَر کولي فضا جي وسعتن ۾ پرواز ڪندي ڏٺو، تڏهن کان اهي پکي ڏند ڪٿائن، قصن ڪهاڻين توڙي وهم پرستيءَ جو محور بڻيل رهيا آهن. اهي پکي سونهن، ڏاهپ، طاقت ۽ خالص پڻي جو هڪ عجيب ميلاپ رهيا آهن، جيڪي سائنس توڙي مذهب جي هڪجهڙي توجهه حاصل ڪندا رهيا آهن. زندگي، موت، ڀاڳ، نڀاڳ انهن پکين جي پَرن سان جڙيل رهيا آهن. وچ اوڀر توڙي ايشيائي ڪلچر ۾ پکين کي لافانيت جي علامت سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته هندستاني ڏند ڪٿا ۾ اهي پکي فوتي انسانن جا روح سمجهيا ويندا آهن. انهن پکين ۾ سارس کي حياتِ جاوداني جي علامت سمجهيو ويندو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سارس کي ديوتائن جو پيامبر قرار ڏنو ويندو آهي. سارس، نانگ جو ازلي ويري هوندو آهي، ان ڪري عيسائيت ۾ ان کي بَديءَ جي قوتن جو فطري دشمن سمجهيو ويندو آهي. عقاب کي طاقت ۽ بهادريءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. عقاب لاءِ چيو وڃي ته منجهس ايتري طاقت هوندي آهي، جو اهو ٻرندڙ سج ڏانهن اڏام ڀري سگهي ٿو. ارسطو موجب، اهو تکي اس ۾ بنا انڌو ٿيڻ جي اڏامي سگهي ٿو. شڪري کي اونداهيءَ ۾ روشني قرار ڏنو ويندو آهي، جيڪو شڪارين جو محبوب ساٿي رهيو آهي. شڪري لاءِ چيو ويندو آهي ته سمهڻ وقت به ان جون اکيون کليل هونديون آهن، ان ڪري ان کي بهترين محافظ سمجهيو ويندو آهي. چٻرن کي موت، اونداهي، ڏاهپ توڙي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. چٻرو جيئن ته اونداهي ۾ رهندو آهي ۽ روشنيءَ کان ڊڄندو آهي، ان ڪري ان کي اونداهيءَ جو شهزادو به چيو ويندو آهي، جيڪو بَديءَ جي قوتن وانگر ٻين پکين کي گمراهه ڪري سندن موت جو سبب بڻجندو آهي. ڪٿي ايئن به آهي ته خواب ۾ چٻري کي ڏسڻ کي خوشبختيءَ جي علامت، جڏهن ته ڪنهن مئل ڄٻري کي ڏسڻ ڪنهن بيماري يا موت مان بچي نڪرڻ سان جوڙيو ويندو آهي. ڪوئل جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته اها سڄي رات سريلا آلاپ ڪندي رهندي آهي. ڪوئل کي دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ سمويو آهي.
    چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ڌنار ناري پنهنجي مڱيندي سان شاديءَ کي ٽاريندي رهندي هئي، جنهن تي سندس مڱيندو بي چين ۽ بي سڪون رهندو هو، ايتري قدر جو کيس راتين جو ننڊ به نه ايندي هئي. هڪ ڏينهن انهيءَ ناريءَ جي مڱيندي کيس پاراتو ڏيئي ڪوئل بڻائي ڇڏيو ته جيئن اها به سندس وانگر بي چين راتين جو ذائقو چکي سگهي. اهڙي نموني مور کي پيار، خوبصورتي، ڪاميابي، خوشبختي ۽ شان جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ان جي پَرن کي هڪ سئو اکين وارا پَر سمجهيو ويندو آهي. مختلف عقيدن ۾ اهي ديوتا جون اکيون قرار ڏنيون وينديون آهن، جن وسيلي اهو هر شئي تي نظر رکندو آهي. ڪن عقيدن ۾ مور کي لافانيت جي علامت سمجهيو ويندو آهي، ان عقيدي جو بنياد ان ڳالهه تي هوندو آهي ته مور جو گوشت ڪڏهن به خراب ناهي ٿيندو. يوناني ڏند ڪٿا موجب، ديوتائن جي راڻي هيرا هڪ سئو اکين واري خادم آرگس تي اهو ڪم رکيو هو ته هو سندس مڙس زيوس جي جاسوسي ڪري. آرگس اهو پتو لڳايو ته زيوس جا سندس خادمه لو سان ناجائز لاڳاپا آهن. زيوس کي به اها خبر پئجي وئي، جنهن بعد هن لو کي هيرا جي قهر کان بچائڻ لاءِ ڍڳيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. هيرا سندس اها چال سمجهي وئي ۽ زيوس کي اها ڍڳي تحفي طور ڏيڻ جو چيائين، جنهن تي زيوس انڪار نه ڪري سگهيو. ان بعد هيرا، آرگس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو لو تي پهرو ڏئي ته جيئن اها ٻيهر پنهنجي شڪل ۾ واپس نه اچي سگهي. هوڏانهن زيوس پنهنجي خادم هرمس کي حڪم ڏنو ته هو آرگس کي قتل ڪري ۽ لو کي واپس آڻي. هرمس کي اها خبر هئي ته جيستائين آرگس جون سموريون سئو اکيون کليل آهن، تيستائين هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. جنهن بعد هن بانسريءَ تي اهڙي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي، جنهن تي هڪ هڪ ٿي ڪري آرگس جون اکيون ننڊ لاءِ بند ٿيڻ لڳيون ۽ نيٺ هو سمهي رهيو. هرمس سندس منڍي وڍي کيس ماري ڇڏيو. هيرا خبر پوڻ تي پنهنجي خادم جون سموريون اکيون پٽي پنهنجي محبوب پکي مور جي کنڀ تي لڳائي ڇڏيون.
    مور کي برسات جو سونهون سمجهيو ويندو آهي ۽ جڏهن مور پنهنجا پَر پکيڙي مست ٿي رقص ڪندو آهي ته اها برسات جي اڳڪٿي سمجهي ويندي آهي. چين ۾ ته اهو عقيدو به رهندو آيو آهي ته، جيڪڏهن ڪا سنڍ عورت مور کي ڏسي ته اها ڳورهاري ٿي ويندي آهي. هندو عقيدي موجب فنونِ لطيفه (فائين آرٽس) جي ديوي سرسوتي مور تي سواري ڪندي هئي. ڪرشن ديوتا پنهنجي تاج ۾ مور جو کنڀ لڳائيندو هو ۽ اندر ديوتا پڻ پاڻ کي مور ۾ بدلائي ڇڏيو هو. لوڪ آرٽ ۾ اڪثر ڪري مور کي پنهنجي کنڀن ڏانهن نهاريندي پينٽ ڪيو ويو آهي. مور جا کنڀ هر سال ڇڻي نوان ڦٽندا آهن، جنهن ڪري انهن کي زندگي جو تسلسل سمجهيو ويندو آهي. مغل بادشاهه شاهجهان تاريخي مور تخت ٺهرايو هو، جنهن تي ان وقت جي حساب سان هڪ ڪروڙ 70 لک رپين جي لاڳت آئي هئي. مسلمانن ۾ مور کي مقدس پکي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جا کنڀ پاڪ ڪتاب ۾ پڻ رکيا ويندا آهن. مورن جي حوالي سان لوڪ ڪهاڻيون، قصا، چوڻيون ۽ داستان اڻ کٽ آهن. مور جو سڄو جسم خوبصورت پر سندس پير انتهائي بدنما آهن، ان ڪري جيئن هنديءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سارا ڌڙ ديک ناچي موروا، پائون ديک لجائي“ يعني مور پنهنجي جسم جي خوبصورتي ڏسي مست ٿي رقص ڪندو آهي پر ان جي نگاهه جڏهن بدصورت پيرن تي پوندي آهي ته اهو لڄي ٿيندو آهي.
    مور کي لوڪ ادب ۾ تمام گهڻي جاءِ ڏني وئي آهي. مورن جي حوالي سان تشبيهون ۽ استعارا پنهنجي جاءِ تي پر مورن جي حوالي سان لوڪ گيت پڻ ڪيترائي آهن. هڪ گجراتي لوڪ گيت جو مفهوم اهو آهي ته هڪ شهزادي هوندي هئي، جنهن کي مور سان تمام گهڻي محبت هئي. هوءَ ڏينهن جو ڳچ وقت مور سان گڏ گذاريندي هئي. هڪ ڀيري هن پنهنجي نڻان سان ڳالهه ڪئي ته مور سندس مڙس کان به وڌيڪ سهڻو آهي. نڻان اها ڳالهه شهزادي کي ٻڌائي، جنهن تي کيس تمام گهڻي مٺيان لڳي ۽ هن مور کي ماري ڇڏيو. شهزاديءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ تمام گهڻي ڏکاري ٿي، جنهن تي سندس مڙس ساڻس واعدو ڪيو هو ته هو هڪ اهڙو محل تعمير ڪرائيندو، جنهن جي هر کڙڪيءَ تي مور جي تصوير ٺهيل هوندي، جنهن تي شهزاديءَ وراڻيو ته اهي تصويرون مور وانگر ڳالهائي يا رقص ته نه ڪري سگهنديون. پاڻ وٽ مور ٿو ٽلي راڻا جهڙن سهرن ڳيچن ۾ ڳائڻ سميت مور کي ڀٽائيءَ پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي ۽ جڏهن ڀٽائي اهو بيت چيو،
    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.
    ته ان ۾ مور جي تشبيهه دراصل انهيءَ سماجي، اخلاقي خوبصورتي ڏانهن هئي، جيڪا ناپيد ٿيندي پئي وئي ۽ ان جي جاءِ تي اخلاقي ۽ سماجي ڏيوالپڻو جنم وٺي رهيو هو. ڏٺو وڃي ته انهيءَ بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم اڄ چٽيءَ ريت اسان جي سامهون آهي. اڄ جيڪا اسان جي سماجي ۽ اخلاقي حالت آهي، تنهن ۾ مورن جو مرڻ ڪا سمجهه ۾ نه اچڻ جوڳي ڳالهه ناهي. ڀلا جنهن سماج ۾ راڄ فقط ڪوڙن ڪانئرن جو رهجي وڃي ته اتي مورن جي ڪهڙي جاءِ بچي ٿي ۽ پوءِ مور ڇونه مرن؟ جيتوڻيڪ شيخ اياز اسان کي اها آٿت ڏئي ويو هو ته،
    اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
    متان ايئن سمجهين مئا مور سارا
    پر حقيقت اها آهي ته هاڻ رڃ مان اها رڙ اچڻ بند ٿيندي پئي وڃي، هاڻ اهي مور مرندا پيا وڃن، اهي پنهنجن پيرن جي بدصورتي تي ايترو لڄي نه پئي ٿيا، جيترو هن سماج جي بدبختيءَ تي شرمسار ٿي رهيا هئا، اهڙن مورن جو هجڻ يا نه هجڻ انهن ڪانوَن ۽ ڪٻرين لاءِ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو، جيڪي توهان کي خوشنما لباسن ۾ اعليٰ پرفيوم هڻي هن ديس جي هر ٽاريءَ تي ويٺل نظر ايندا. اسان انهن مورن کي جيڪڏهن ماريون نه پيا ته مرڻ لاءِ ڇڏي ضرور ڏنو آهي ۽ پوءِ جڏهن اهي مور نه هوندا ته اسان سندن ياد ۾ هڪ اهڙو محل تيار ڪنداسين، جنهن جي هر کڙڪيءَ تي مور جي تصوير پينٽ ٿيل هوندي پر اهي مور اسان کي وري ڪڏهن به ٿرن برن ۾ پنهنجا کنڀ پکيڙي رقص ڪندي نظر نه ايندا!!

    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
    متان ايئن سمجهين مئا مور سارا

    اسان کي به اها اميد ته مور ، اڃان رهندا ۽ ٿر جي سونهن بڻبا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو