برطانيا جو 11 ورهين جو نينگر بنا ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ روم پهچي ويو

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    برطانيا جو 11 ورهين جو نينگر بنا ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ روم پهچي ويو
    لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اولمپڪ راندين جي ايونٽ دوران انتهائي هاءِ الرٽ سيڪيورٽي باوجود 11 ورهين جي برطانوي نينگر ٽڪيٽ پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ کانسواءِ جهاز ۾ مانچسٽر کان روم جو سفر ڪري برطانوي اختيارين جي منهن تي چماٽ هڻي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب مانچسٽر اختيارين جو چوڻ آهي ته اسان انهي ڳالهه جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته آخر ڇوڪري اهو سفر ڪيئن ڪيو، هن کي سيڪيورٽي وارا ڇو نه روڪي سگهيا، اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو هڪ وڏو خطرناڪ مسئلو آهي ۽ سيڪيورٽي جي وڏي ڪوتاهي آهي، اهڙو واقعو ڪالهه ان وقت پيش آيو، جڏهن ته اولمپڪس راندين جي حوالي سان پوري برطانيا ۾ سيڪيورٽي وڏي تعداد ۾ الرٽ ڪئي وئي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيترن ئي سيڪيورٽي عملدارن کي برطرف پڻ ڪيو ويو آهي، ايئرپورٽ اختيارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر جهاز ۾ ڪو مسئلو نه ڪيو، هو سيڪيورٽي جي اڳيان قانون موجب گذريو، پرڏيهي ميڊيا انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 11 ورهين جي ليام ڪارڪورن جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ نامعلوم خاندان سان ڳنڍجي پيو ۽ انهي آڙ ۾ هن مانچسٽر کان روم تائين جو سفر ڪري سيڪيورٽي ادارن مٿان وڏا سوال اٿاري ڇڏيا، جڏهن ته روم پهتل ڇوڪري کي واپس ڊي پورٽ ڪري خاندان حوالي ڪيو ويو آهي.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو