سنڌ ۽ سنڌي ادب کي پاڻ ارپيندڙ شمشير الحيدري جي سار لهو

'شمشير الحيدري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سنڌ ۽ سنڌي ادب کي پاڻ ارپيندڙ شمشير الحيدري جي سار لهو
    محمد سليمان وساڻ

    سوچيان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي ادب کي پاڻ ارپيندڙ شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ حڪيم پڻ آهي. هو هر فن مولا آهي، هو مست آهي، ملنگ آهي، ڀوڳائي آهي، هو سنڌي ادب جو روشن مينار آهي. شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار آهي. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو آهي نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو آهي.

    22 جولاء تي رات جو سائين شمشير جي نمبر تي ڪال ڪيم ته شايد سندس پوٽي کنئي، مان پنهنجو تعارف ڪرايو ته ان نوجوان چيو ته اوهان پاڻ سائينء سان ڳالهايو، ٻئي طرف کان هڪ ڪمزور ۽ ساڻو آواز آيو، شمشير جو اسان سچل ڳوٺ وارن سان هڪ عجب ناتو آهي، هو سدائين سچل ايندو رهندو آهي، سندس اچڻ جو سبب جتي سنڌيت ۽ سنڌين جو پيار آهي ته ٻئي طرف سندس جگر جي هڪ ٽڪري سندس نياڻي جي رهائش سچل ڳوٺ ۾ آهي. سائين ڪمزور هجڻ باوجود روايتي خوش خيرآفيت ڪئي ۽ دوستن لاء سلام به ڏنا ته دعائن لاء به چيو. 23 جولاء تي رات جو ساڍي ڏهين وڳي جڏهن مان ۽ سچل ڳوٺ جا ڪجهه دوست سائين شمشيرالحيدري سان ملڻ لاء ڪلفٽن ۾ واقع نجي اسپتال پارڪ لين پهتاسون ته تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌوء جي ٻي ڪناري ويو واري شمشير جا نيڻ اسان کي ڏسڻ لاء ترسي رهيا هئا. هو ڪمزور ۽ نٻل لڳي رهيو هو، ڳالهائڻ ۾ تڪليف پئي محسوس ڪيائين. اسان واري واري سان ساڻس هٿ ملايو ۽ هن سنگت جو پڇيو. الائي ڇو ڪيمرا هٿ ۾ هجڻ باوجود مان سندس تصوير وٺي نه سگهيس. خبر پئي ته سندس علاج سندس پٽ جي ذريعي پيو ٿئي جيڪو پي آء اي ۾ آهي. پر پوء به مونکي لڳو ته کيس وڌيڪ نگهباني جي ضرورت آهي، کيس آغا خان جهڙي اسپتال ۾ ڪنهن سٺي ماهر ڊاڪٽرن جي سنڀال جي ضرورت آهي. ساڳي ئي ڏينهن سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پڻ ساٿي فنڪارن سان گڏ اسپتال پهچي سندس عيادت ڪئي ۽ ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته شمشير جي جلد پرگهور لهو.

    مونکي وڌيڪ ڏک ۽ تڪليف تڏهن پهتي جڏهن اها خبر پئي ته شمشير الحيدري جي مالي سهائتا لاء آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي پاران شمشير جي مڃتا لاء تقريب ۾ تڏهوڪي صوبائي وزير شازيه مري طرفان اعلانيل رقم پنج لک روپيا اڃان تائين ناهن مليا. حڪومت طرفان شمشير الحيدري جي علاج ۽ مالي سهائتا لاء اعلانيل رقم پڻ ٻن مهينن تائين سکڻو اعلان ئي ثابت ٿيو آهي. مان سوچي رهيو هوس ته شمشير جهڙي ماڻهوء سان ويساهه گهاتي ڪري سنڌ حڪومت ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي؟ مهدي حسن سميت اردو فنڪارن ۽ اديبن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندڙ سنڌ حڪومت پنهنجي ڌرتي جي مهان ۽ خوددار اديب شمشير جي مالي سهائتا کان ڇو ڪيٻائي رهي آهي. شو بز جي اردو صحافين کي لکين روپيا ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ ثقافت کاتو ۽ اطلاعات کاتو سنڌ جي هن ارڏي صحافي لاء ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهي. سندس اها حالت ڏسي مان گهڻو وقت بيهي نه سگهيس ۽ اکيون ڀرجي آيون، الائي ڇو سندس ئي هڪ شعر ور ور ڪري ياد ايندو رهيو.

    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين، لڳي وئي زماني جي توکي نظر

    خبر پئي ته شمشير جي اکين جتي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو آهي اتي سندس جسم جي سمورين هڏين ۾ ڪينسر پنهنجا آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن. سندس هيموگلوبن گهٽجي رهيو آهي. شمشير پوء به ڪنهن کان نه ته خيرات گهري ٿو نه ئي وري هن اهڙي ڪا گهر ڪئي آهي ته سندس واهر ڪئي وڃي. هو هڪ خوددار انسان آهي جيڪو چوي ٿو ته مان جيڪو ڪجهه ڪري سگهيس سو ڪيو اٿم. هو چوي ٿو ته مونکي نه ڪنهن کان شڪايت آهي نه ڪو ڏک آهي. پر ڇا کيس ايئن ڇڏي ڏجي ؟ هڪ ڏک اهوئي هيو جو خبر پئي ته سندس شريڪ حيات به ساهه جي تڪليف سبب ڪنهن ٻئي اسپتال ۾ داخل آهي.

    اسان سنڌ حڪومت ۽ وس وارن ادارن سان گڏ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان اها گهر ٿا ڪيون ته جلد کان جلد سنڌ جي هن سچي سپوت جي سار سنڀال لهڻ سان گڏ سندس گهر وارن جي مالي سهائتا ڪن. نه صرف اهو پر اسپتال ۾ سندس پرگهور لاء ماڻهو مقرر ڪريو. آخر ۾ سڀني سنڌي سڄڻن کي سندس جلد صحتيابيء لاء دعائن جي اپيل ڪجي ٿي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ ۽ سنڌي ادب کي پاڻ ارپيندڙ شمشير الحيدري ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي سندس سنڌ ء سنڌيت لاء ڪيل ڪم هميشه سنهري الفاظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو۔
    سنڌ حڪومت جي غير سنڌي فنڪارن جي سهائتا ڪري ٿي ء هن مهان هستيء جي لاء اعلانيل پئسا به ڪون ٿي ڏئي اهڙن سنڌي حڪمرانن کي ٻڏي مرڻ گهرجي جيڪي پنهنجي حڪمرانيء جي نشي ۾ پهنجي ثقافت ء مهان هستين کي وساري ويٺا آهن۔۔۔۔۔
    تاريخ اهڙن حڪمرانن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهڙن برک ليکڪن جي سار سنڀال لهڻ انهن جي ڪاوشن کي نروار ڪرڻ اسانجو سڀني سنڌي سڏائندڙن جو قومي فرض آهي، الله جو شُڪر آهي ته شمشيرالحيدري جو فرزند پي آئي اي ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ کيس ڪنهن به اهم اسپتالن ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿو، ۽ هو علاج لا ڪنهن ٻي خيراتي اداري جو مُحتاج ناهي يا ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن کي منٿ ميڙ ڪرڻ جو۔ ڇو جو آغا خان سميت سڀئي اسپتالون جيڪي پي آئي اي جي پينل تي آهن سندس علاج ڪري سگهن ٿيون، پر رُڳو علاج جو مسئلو ناهي هڪ نيشنل ليکڪ به اُهي سڀ سهولتون ملڻ گهُرجن جيڪي سنڌ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ سان گڏ مڙني سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ڀلائي جي تنظيمن کي ڪرڻ گهُرجن۔ اهڙا پروگرام جوڙڻ گهُرجن جنهن سان جيڪا مالي اُپت ٿئي شمشيرالحيدري جهڙي برک ليکڪ تي خرچ ٿئي ۽ اهڙي ترتيب سان ٻين فنڪارن لا به اهڙيون ضرورت پوڻ تي ڪوشششون وٺڻ گهُرجن۔
     
  4. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    الله سائين شمشيرالحيدري کي صحت ڏئي باقي سنڌ حڪومت مان ڪابه اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو