غلام مصطفي ا
سينيئر رڪن
زندگي کي نه سمجهو تو
بندگي کي نه سمجهو تو
من صَدين کان هُيو صحرا
تشنگي کي نه سمجهو تو
نِينهن جو ڇا نشو هوندو
ميڪشي کي نه سمجهو تو
ڇو کليس مان روئڻ کانپوءِ
هِن خوشي کي نه سمجهو تو
رات آڪاش جي ڪهڙي
چاندني کي نه سمجهو تو