• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بزرگ شاعر غلام نبي گل

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو

غلام نبيگل
غلام نبيگلسنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. هو ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو 10 سيپٽمبر 1932ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ پرائيويٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1948ع کان پرائمري استاد طور تدريس ڏيندي 1992ع ۾ رٽائرمينٽ ڪئي.
هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾، روايتي فارسي رنگ سان ڪئي، جيڪو پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سان تبديل ٿيو. هو جمعيت الشعراء شاخ قنبر جو ميمبر به ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به لاڳاپيل رهيو. هن گھٽهڙ ۾ اسٽيج ڊراما لکيا، جيڪي اتي پيش ڪيا ويا، تن ۾ ”باغي“، ”محبت جي فتح“ ۽ ”هير رانجھو“ شامل آهن. هو انهن ڊرامن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته اتي فلاح و بهبود تنظيم جو خزانچي پڻ رهيو. هو 1975ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هتي هو آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. 1984ع ۾ هن سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيو، جنهن جو 1992ع ۾ سيڪريٽري به ٿيو.
سندس ڪتاب 1990ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا. سندن ڇپيل شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”رات باقي آ“، ”آواز جي خوشبو“، ”آئينو چُپ آ“، ”اڃا تازي قبر آهي“، ”آخري شام“، ”بِکري منظر“ (اردو)، ”لمحن جو درد“، ”ٻيو جنم“، ”خدا جي سرگوشي“، ”درد جو چنڊ“ ۽ ”تنهائي“ شامل آهن، جڏهن ته ناولن ۾ ”جيون پياسو سمنڊ“، ”نه راهون ساڻ هلنديون هِن“، ”جوڳي“، ”فاصلي“ (اردو)، ”ٽٽل شيشو“ شامل آهن ۽ ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”دعا جا پير“، ”مان ڪير آهيان؟“ سرجيل آهن. سندن ڇپيل ڪتابن جو جملي تعداد 18 آهي. کيس جيڪي مڃتا ايوارڊ مليا آهن، تن ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس ڪراچي پاران ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ سنڌو ايوارڊ شامل آهن.
هو گذريل ڪيتري ئي وقت کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جو مريض آهي. سندس رهائش رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
 
مهربانيون

اوهان سنڌي ادب جي هڪ گُل جو ذڪر ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي۔ لک ٿورا
 
Back
Top