ماڻهو ۽ ماڻهپو!!! نجم الدين ڪنڀر ڪو زمانو هوندو هو جو ، ماڻهن ۾ ماڻهپو هوندو هو. ادب ۽ اخلاق هوندو هو. سُرت ۽ ساڃاھ هوندي هئي ،حياءُ ۽ حجاب هوندو هو.هڏ ڏوکي ۽ همدردي هوندي هئي.صبر ۽ سهپ هوندي هئي. درگذر ۽ رواداري هوندي هئي.سخاوت ۽ڪشاده دلي هوندي هئي. عاجزي ۽ انڪساري هوندي هئي . نياز ۽ نوڙت هوندي هئي. ايثار ۽ قرباني هوندي هئي. پيار ۽ محبت هوندي هئي. رحمدلي ۽ ڪهل هوندي هئي . سچائي ۽ ايمانداري هوندي هئي. صبر ۽ شڪر هوندو هو. قناعت ۽ سادگي هوندي هئي. اِخلاص ۽ لِلاهيت هوندي هئي. توڪل ۽ رضا بِالقضا هوندي هئي. نرم مزاجي ۽ وعدي وفائي هوندي هئي. اعتبار ۽ اعتماد هوندو هو. ايمان ۽ يقين هوندو هو. تڏهن ماڻهو، واقعي ”ماڻهو“ هو! ۽ ماڻهو چورائڻ جو حقدار به هو.توڻي جو موجوده دور جي هُن وٽ ترقي ڪانه هئي .سهوليتون ڪونه هيون،علم سکڻ جا ذريعا ڪونه هيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو عروج ڪونه هو. ميڊيا توڻي انٽر نيٽ ڪونه هو. ڏيساور ڏورڻ ايڏو آسان ڪونه هو.فون توڻي فيڪس ڪونه هئا.اخلاق، اقدار،فلسفو۽ منطق،جون ڪي جدا يونيورسٽيون ڪونه هيون.موجوده زماني جي” ماڻهن“ مطابق ” هُو“ جاهل ، بي سجھ، دقيانوس ، غير مهذب ۽ ڪائناتي ۽ آفاقي حقيقتن کان بيخبرهو. وٽس دورانديشي ۽ ترقي جي صلاحيت جي کوٽ هئي. سست رفتاري ۽ ڪاهلي سندس خاميون هيون . مطلب ته اڄڪلھ جي ” ماڻهو “ جي نظر ۾ هُو ” ماڻهو “ ڪونه هو. هي سهڻي ۽ خوبصورت ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورتي سان سجائي وئي آهي . منجھس ماڻهو جي جياپي ، آسودگي ۽ خوشحالي لاءِ سڀ ڪجھ رکيو ويو. هي روح کي راحت ڏيندڙ منظر، هي دلپسند نظارا، هي مهڪندڙ گل، هي ڌرتي جي حسن ۾ اضعافو ڪندڙ جبل، وڻ ، درياءُ ، رات جي خاموشي ۾ ٽمڪندڙ تارا، سج ، چنڊ، ڪهڪشائون ، کنوڻ سان گڏ گجگوڙ ڪندڙ ڪڪر ، ڌرتي جي ماحول کي صاف ڪندڙ مينهن ، قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو ذڪر ڪندوَ؟ هر طرف نظر ته ڦيرايو قدرت جي ڪاريگري ماڻهو لاء ِ ڇا ڇا نه پيدا ڪيو آهي. هي سڄي ڪائنات صرف ۽ صرف ” ماڻهو “ لاءِ خلقي وئي. ماڻهو جو مان ۽ مرتبو سڀني کان سرس ۽ مڙني کان مٿڀرو ڪيو ويو.ساري مخلوق کان اتم ۽ اعليٰ بڻايو ويو. سندس عظمت جا قسم کنيا ويا. مڙيئي مخلوق کيس مسخر بڻائي ڏني وئي. ڪائنات جي ڪَل لاءِ عقل ۽ دماغ عطا ڪيو ويوسڀ ڪجھ ڪرڻ جي باوجود کيس اهو پڻ ٻڌايو ويو ته هي ساري ڪائنات صرف ”تو“ لاءِ ، ۽ تون صرف” مون“ لاءِ !!! اڄ جو ماڻهو سندس خالق پاران عطا هر نعمت ته استعمال ڪري پيو، پر کيس سڃاڻڻ ۽ سندس اطاعت کان انڪاري. مالڪ چيو اي! انسان تون ”انسان“ آهين. هِن نادان چيو ته نه آئون جانورن جي خاندان جو هڪ ”جانور “ آهيان. ڀلا جيڪو پنهنجو مان، مرتبو ۽ مقام کي ٻڌائڻ جي باوجود به سڃاڻي نه سگھي، تنهن کي ڪيئن سمجھائجي؟ پنهنجي پاڻ کان يبخبر هي ماڻهو جنهن عقل کي ”ڪُل“ سمجھي ورتو سو پاڻ کي ”سڌريل جانور “ سمجھي، جانورن جون حرڪتون ڪرڻ لڳو . کيس ”جديديت “جي جنون ويڙهي ورتو.دنيا جو انتظام جڏهن هن جي هٿ ۾ ڏنو ويو ته هن کيس درهم برهم ڪرڻ شروع ڪيو. افرا تفري پيدا ٿي، خون خرابو شروع ٿيو. فتنو ۽ فساد برپا ٿيو.امن ۽ سڪون تباھ ٿيو. ظلم ۽ زيادتي شروع ٿي.ماڻهو ، ماڻهو کي کائڻ لڳو، بقول سائين محمد بخش، ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو، آخر ڇاٿو چاهي ماڻهو؟ ڪردار ۽ڪرتوت ۾ جانورنکي اورانگھي ويو. ماڻهو کي سندس خصلت ۽ خاصيت، ۽ ماڻهپو سمجھائڻ لاءِ اچوته هڪ حڪايت تي غور ڪريون. ڳالھ ٿا ڪن ته ڪنهن جبل مان چشمون ڦٽي نڪتو، پاڻي ندي وانگر وهڻ لڳو، ٻن شخصن ڀرسان بيٺي قدرت جي ڪاريگري جو نظارو ڏٺو.هڪ شخص جي نظر انهي پاڻي ۾ غوطا کائيندڙ هڪ وڇون تي پيئي. قلب ۾ ڪهل آيس، تن ۾ تڙپ پيدا ٿي، انساني همدردي پٽاندر هٿ وڌائي ان وڇو ن جي جا ن بچائڻ لاءِ پاڻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. وڇون سندس هٿ تي ڏنگ هڻڻ جي ڪوشش ڪندي واپس وڃي پاڻي ۾ ڪريو. هِن وري به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، وڇون وري به ساڳي ڪار ڪيس، جڏهن ٽيون ڀيرو وڇون کي پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ هِن هٿ وڌايو ته ڀرسان بيٺل ٻئي شخص جنهن اهو سمورو نظارو غور سان پئي ڏٺو، تنهن پاڻ کي داناءُ سمجھندي کيس نصيحت ڪندي چيو، ” اي جاهل انسان ! سمجھين نٿو ته هي حيوان آهي ۽ پنهنجي حيواني عادت ڪڏهن به نه ڇڏيندو.“ ان تي هڪ ٿڌو شڪارو ڀريندي هِن شخص کيس معصوميت مان وراڻيو ” جي ها! مون کي خبر آهي ته هي حيوان آهي، پر جيڪڏهن هو حيوان هئڻ جي باوجود به پنهنجي حيوانيت نٿو ڇڏي ته آئون ماڻهو هئڻ جي ناتي پنهنجو ماڻهپو ڪيئن ڇڏيان؟ “ اڄ ماڻهو ماڻپي کان جدا ٿيندو پيو وڃي ، سندس زندگي لاءِ جوڙيل آفاقي اصولن ۽ فطري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳو آهي. سندس انهي روش جي ڪري هن ساري ڪائنات، جيڪا صرف ”ماڻهو“ لاءِ جوڙي وئي آهي ، جو نظام درهم برهم ٿي رهيو آهي . هن ڪائنات جي بقاء ماڻهو جي وجود سان ڳنڍيل آهي، ماڻهو جي بگڙڻ سان ڪائنات جو نظام خراب ٿي رهيو آهي. دنيا جي ٽوڙ ڦوڙ ٿيل نقشي کي جوڙڻ لاءِ، بگڙيل ڪائنات کي بڻائڻ لاءِ، دنيا جو امن ۽ سڪون موٽائڻ لاءِ، اسان کي سڀ کان پهرين هن”ماڻهو“ کي درست ڪرڻو پوندو. جڏهن ماڻهو ماڻهپي جي رستي تي اچي ويو،ته پوءِ سموري ڪائنات جو نظام خود بخود درست ٿي ويندو. آخر سوال هي ٿو پيدا ٿئي هن اجڙيل انسان کي ڪير سڌاريندو؟ ڀٽڪيل کي ڪير دڳ لائيندو؟ ڇا آسمان تان يا زمين جي اندران ڪا ٻي مخلوق ايندي جيڪا هن کي سڄاڳ ڪندي؟ ان لاءِ هر ماڻهو پنهنجي اندر جي” لڪيل انسان“کان پڇي ! مفتي منجھ ويهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿئي! ( شاھ) اڃان ڪي آهين ”جوڳيئڙا“ هن جهان ۾ ! جن کي هن سنسار جي امن ۽ سڪون ، حسن ۽ خوبصورتي کي موٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو. جهان جي جياپي ۽ انسان جي آجپي لاءِ جوڙيل آفاقي اصولن کي عام ڪرڻو پوندو.اهڙي عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ همت ۽ حوصلو ٻڌي اوکائي جي آڙاھ اڪرڻي پوندي. توڪل جي ترهي ۾ ترندي ماڻهپي جي ماڳ ۽ ڪاميابي جي ڪناري تي پهچڻو پوندو.ڪاميابي جا ڪنارا ايترو پري ناهن جو ماڻهو مايوس ۽ نا اميد ٿي پوي. سوچ لوچ ۽ سرت کي سنڀالي اٽل ، اعليٰ ۽ اتم ارادا جوڙي، جدوجهد ۽ جاکوڙ سان گڏ آگي جي احسان جي اميد ۽آس رکندي،انسان ۾ انسانيت، ماڻهو ۾ ماڻهپو موٽائڻ لاءِ،سماج جي سڌار ۽ اصلاح جو فڪر کڻي، ڏاتر جي ڏنل ڏات کي استعمال ڪندي پيار ۽ محبت سان محنت جي ميدان ۾ پير پائجي.اسان جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ قدرت واري ڪيڏي نه حڪمت ۽ دانائي سان چوڌاري ماحول کي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. بس ٿورو نگاھ وجھڻ جي ضرورت آهي ڪجھ مشاهدو ته ڪري ڏسو!پکين جي پريت،جانورن جي جفاڪشي، وڻن جي واهر، پاڻي جو پيار،باھ جي بيباڪي،هوا جي همت، سج جي سخا، چنڊ جي چاهت، تارن جي توڪل، ڌرتي جي ڌيرج، ڪائنات جي ڪشش، جبل جو جوش۽ رات ڏينهن جي راحت مان سبق سکندي ، ماڻهو کي ماڻهپي، محبت، ميٺاج ، مروت، سچائي، سياڻپ ۽ سريکت جو جو درس ڏيڻو پوندو. ان لاءِ اسان سڀني کي سنبري ، سلهاڙجي قدم سان قدم ملائڻو پوندو.هڪٻئي جي علمي صلاحيتن ۽ عملي تجربن مان فائدو وٺڻو پوندو.ساڃھ وندن ،سرت ڀرين، سياڻن، سماج ۾ اثر رسوخ رکندڙن، جيڪي سماج ۾ هلچل پيدا ڪري سگھن ٿا. انقلاب آڻي سگھن ٿا، جن کي خالق خصوصي خاصيتن سان نوازيو آهي .اهي اڳتي وڌي انسانيت جي اصلاح لاءِ وک وڌائن. ڪو ٻوٽو ٻارين. خليل جبران لکي ٿو ته هڪ پرسڪون تلاءُ ۾ پاڻي جي ماٺار هئي، اوچتو هڪ پٿر پاڻي ۾ ڪريو،لهرون لڏڻ لڳيون، ڇوليون ڇِلڪڻ لڳيون، ماٺار ۾ جنبش ۽ حرڪت پيدا ٿي.لهرن لڏندي وڃي ڪنارن سان ڪلهو ملايو.انهي هلچل کي هيڪاندين شين محسوس ڪيو، مشاهدو ڪيو، سڀ ڪنهن ۾ سوچ اڀري ،هڪ جذبو ۽ ولولو جاڳيو،ڪيترن ئي ڪوشش ڪئي پر مطلوبه مقام ماڻي نه سگھيا. ڪناري تي بيٺل وڻ به وسان ڪين گھٽايو، پنهنجي عمر ۽ قوت تي ناز هئس، اوچائي جي تڪبر، پتڪڙي پٿر جي هلچل کي هيچ ڏيکارڻ لاءِ،پيار ۽ پاٻوھ مان پنهنجو پن پٽيندي هوا جي همدردي سان پاڻي ۾ ڦٽو ڪيائن. گھڙي پل گذري نه ڇولي ڇلي نه لهر لڏي،نه آواز اڀريو، نه جنبش جاڳي، حيراني مان ويچار ڪندي اچرج ڀرئي آواز مان پڪاريو،”هي ڇا؟“هيڏڙي پٿر پاڻي کي پگھرائي ڇڏيو، جوش ۽ جنبش جاڳائي ڇڏي، آئون هيڏو قدآور، قوت ۾ ڪمال رکندڙ، پتڪڙي پٿر کان به ويس! پنهنجي جگر کي چيري پاڻي ۾ اڇليم،پر نه لهر لڏي نه آواز اڀريو! ڀرسان چوڻو چڳندڙ هڪ پتڪڙي پکي مٺي لات لوندي پيار ۽ پاٻوھ مان پڪاريو، ” اي بيوقوف! زماني ۾ اهي ئي هلچل پيدا ڪري سگھن ٿا جيڪي پنهنجي اندر ”وزن “رکن ٿا!!!“
توهان جو ليک پڙهي هائوءُ هماليه جهڙو ٿي ويو ۔۔۔۔ سچ لکيو اٿو ته پنهنجي جستجو جاري رکجي۔۔۔ دوست توهان پنهنجي پهرين تحرير ئي ڪمال جي لکي آهي ۔۔۔۔ توهان سنڌ سلامت فورم ڪيئن لڳو ۔۔۔ ؟ ۽ ٿي سگهي ته تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تفصيلي تعارف موڪليو ته جيئن سمورو ساٿ توهان کان واقفيت حاصل ڪري سگهي ۔۔۔
ڪنڀر صاحب ۔۔۔ تمام بهترين شيئرنگ آهي۔۔۔ ادا اهڙيون حقيقتون سمجهڻ لاءِ توهان جي ڳالهه وانگر ماڻهپو هجڻ گهرجي جنهن جي دل ۾ ماڻهپو نه هوندو اهو ڪڏهن به حقيقت تائين نه پهچندو۔۔ توهان جي اڳلي لکڻي جو انتظار رهندو