• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀلوڙ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس احمد علي صابر چانڊيو

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيوسينئر شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي ولد نواب خان چانڊيو 14 جولاءِ 1952ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو. 1960ع کان 1975ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ 1975ع کان 2000ع تائين شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو 2006ع ۾ حيدرآباد ۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽ ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، 2008ع ۾ انجنيئرنگ سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.
هن شاعريءَ جي شروعات 1978ع ۾ ڪئي. سندس ادبي استاد نالي وارو اديب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ آهي. ’صابر‘ جو تعلق سنڌي ادبي سنگت شهدادڪوٽ (سيڪريٽري)، سنڌي اردو سنگت، المهراڻ آرٽس ڪلب (چيئرمئن)، انسان همدرد سنگت، پِي ٽِي سِي ايل (مرڪزي ميڊيا ايڊوائيزر)، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سنڌ لٽرري فورم، سنڌ ٽيلينٽ آرگنائيزيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو سان رهيو آهي، جنهن جو هو سيڪريٽري به رهيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”گھايل منهنجا گيت“ (شاعري)، ”پياسي سِپ سمونڊ ۾“ (ڪهاڻيون)، ”ڪُويڄن ڪُٺي آهيان“ (تاريخي ناول) ۽ ”ڪاڪ ڪڪوريءَ آءُ“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳائي آهي.’صابر‘ چانڊيي کي انيڪ مڃتا سرٽيفيڪيٽ، ميڊل، ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن، جن ۾ ”فقير بخش علي ابڙو شيلڊ“، ”پيرل ادبي ايوارڊ“، ”هندو ڌرم شيوا منڊل“ ۽ ”سنگيت فورم شهدادڪوٽ شيلڊ“ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. سندس رهائش شهباز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
 
Back
Top