تحرير: رياضت ٻرڙو حافظ عبدالستار ڪوريجوحافظ عبدالستار ڪوريجو محقق آهي. هو 8 ڊسمبر 1958ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ، ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ويجهو وَسيل هڪ ڳوٺ ’ڪوريجا‘ ۾، هڪ هارِي نظام الدين ڪوريجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد 1972ع ڌاري ٻارن کي تعليم ڏيارڻ واسطي لاڙڪاڻي لڏي آيو. حافظ صاحبَ پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ قنبر مان، انٽر ۽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم.اَي (پرائيويٽ) اِڪنامڪس ۾، ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) اسلامڪ ڪلچر ۾ ۽ ٽيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيون آهن. حافظ صاحب قرآن مجيد 71-1970ع دوران قاري شهاب الدين ٻُگهيي وٽ مدرسي اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي ۾ حِفظ ڪيو، مولوي عالم جو امتحان سچل آرٽس ڪاليج مان پاس ڪيو جنهن ۾ سکر بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي، بِي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي. هو 1983ع ۾ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ يارو جلباڻي جي اسڪول ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو، 1992ع تي ترقي ڪري ايچ.ايس.ٽِي ڪيو ويو ۽ 1997ع کان وٺي گورنمينٽ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هن 86-1985ع ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن چوڌري افضل حق جي ٽن ڪتابن جا ترجما ڪيا، جيڪي اڃا اڻ ڇپيل آهن. ان کان پوءِ سندس لاڙو تحقيقي مقالن ڏانهن ٿيو. سندس پهريون تحقيقي ڪتاب ”رني ڪوٽ“ يا ”راني ڪوٽ“‘ 2001ع ۾ سندس قائم ڪيل اداري ”روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن“ لاڙڪاڻي پاران ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ’تاريخ سنڌ ساگر‘ ڇپيو. سندس تعلق اباڻي ڳوٺ ”ڪوريجن“ ۾ قائم سماجي تنظيم ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان آهي. کيس ”عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ“ پاران ”تنوير عباسي ادبي ايوارڊ“ سندس هڪ تحقيقي مقالي تي مليل آهي. سندس رهائش لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.