• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو

رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻي شهر ۾، اسٽيشن روڊ تي، المنظر سينيما سامهون، 84-1983ع ۾ دلشاد علي ڇڄڙي قائم ڪيو، جڏهن ته سندس معاون فيض علي ڇڄڙو (صحافي) هو. رابيل ڪتاب گهر 1990ع کان وٺي لاڙڪاڻي ضلعي سميت دادو ضلعي جي ميهڙ شهر تائين ادبي ڪتاب گهر طور، ادب پڙهندڙن توڙي اديبن جي ڪافي حد تائين ڪتابي گهرج پوري ڪندو رهيو آهي. ڪتابن کان سواءِ اڪثر رسالا ۽ اخبارون پڻ هتان ئي خريد ڪيون وينديون آهن. هن ڪتاب گهر جي هڪ خاص خوبي هيءَ آهي ته هتان پڙهندڙن کي ڪتاب 40 سيڪڙو، ڪڏهن ته 50 سيڪڙو به، رعايت تي عام طور ملندا آهن، جنهن سان هن تَر ۾ ڪتابن جي وڪري جو لاڙو چڱو چوکو وڌيل رهيو آهي، تڏهن به هتي نون ۽ سٺن ادبي ڪتابن جي شديد کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. هي ڪتاب گھر هاڻ فيض علي ڇڄڙو سنڀالي ٿو.
 
تحرير: رياضت ٻرڙو
دانيال بُڪ ڪارنر لاڙڪاڻو
هي ڪتاب گهر، پهريائين ”ڪتاب سُپر مارڪيٽ“ جي نالي سان هو، جيڪو 1999ع ۾، سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي صلاح ۽ پارٽنرشپ سان مظهر علي ميمڻ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 2000ع کان وٺي مظهر علي ميمڻ سنڀاليو. اظهر علي ميمڻ سندس مددگار هو. هي ڪتاب گهر پهريون هڪ سال اصغر پلازه ۾ فرسٽ فلور تي قائم هو، جتي ادبي ڪتابن جي نواڻ کي بيحد پسند ڪيو ويو. پوءِ هي ڪتاب گهر 2008ع تائين الرحيم هوٽل جي گرائونڊ فلور تي، مڌر گئلريءَ سامهون رهيو، جنهن بعد ٿورو اورتي قاسميه جامع مسجد ڀرسان آندو ويو، پر 2009ع کان پوءِ قائم رهي نه سگھيو. 2008ع ۾، ان ڪتاب گهر ۾ فوٽو اسٽيٽ سميت نصابي ڪتاب ۽ ڪاپيون پڻ رکيون ويون.
 
تمام بهترين ڄاڻ

سنڌ جي ڪتاب گهرن بابت هي ڄاڻ تمام سٺي ۽ ساراهه لائق لڳي۔
 
Back
Top