• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر الهه ڏتو گوپانگ (Ph.D)

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو

الهه ڏتو گوپانگ، ڊاڪٽر:
ڊاڪٽر الھ ڏتو گوپانگ ولد محمد مريد گوپانگ، اڪيلو پِي ايڇ ڊِي عالم آهي، جيڪو قنبر شهر سان تعلق رکي ٿو. هُو 8 جونِ 1945ع تي، گوپانگ محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم قنبر مان، گريجوئيشن (آنرز) 1967ع ۾ ۽ ماسٽرز 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي پلانٽ بريڊنگ شعبي مان پاس ڪئي. 1978ع ۾ هُن يونيسڪو طرفان اسڪالرشپ تي، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي رومانيا مان ڪئي، جتان 1981ع ۾، رومانيا-گورنمينٽ پاران اسڪالرشپ ملڻ سبب پِي ايڇ ڊِي جي اعليٰ تعليم، بخارسٽ يونيورسٽيءَ مان، حاصل ڪئي. سندس ٿيسز جو عنوان هو: “Co-relation studies in some morphological characters and early ness in Cotton.”
ڊاڪٽر الھ ڏتو گوپانگ 1968ع ۾ سڪرنڊ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو، جنهن بعد هن 1968ع کان 1976ع تائين ڪاٽن سيشن ٽنڊي ڄام ۾ ڪم ڪيو. 1881ع ۾ هو ڪاٽن سيشن ۾ ريسرچ آفيسر ٿيو. ان کان پوءِ 31 جولاءِ 1982ع کان وٺي ”پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل“ (پارڪ/PARC) اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جتي 1994ع ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. اتان ڊاڪٽر الھ ڏتي گوپانگ 8 جونِ 2005ع تي رٽائر ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب جا مختلف پاڪستاني ۽ بين الاقوامي تحقيقي رسالن ۾ 20 کن تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد شاخ ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن اسلام آباد شاخ سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس مستقل رهائش اسلام آباد ۾ آهي.
 
قنمبر شهر جو پي ايڃ ڊي عالم کي اسان جو به سلام۔

عالم ۽ محقق ئي قومن جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي قومن کي تعليمي انقلاب ڏيندا آهن۔
 
Back
Top