تحرير: رياضت ٻرڙو امداد علي ڀٽوامداد علي ولد شمس الدين ڀٽو سٺو مولود چوندڙ ۽ سگھڙ ٿي گذريو آهي. هُو 1942ع ۾ علي خان محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن مڊل تائين تعليم حاصل ڪئي. هن دوڪانداري ڪرڻ سميت واپار به ڪيو. کيس ترنم سان مولود چوڻ جو ڏانءُ هو، جڏهن ته مولود لکندو ۽ ڏور جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪندو هو. هو سياسي طور پ پ پ سان لاڳاپيل رهيو. سندس وفات 5 جنوري 2005ع تي ٿي.