هندستان جي ناليواري ڪلاسيڪل ڊانسر ۽ ڪوريو گرافر انيلا سندر کي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏيڻ واري تقريب

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]




    هندستان جي ناليواري اداڪاره، ڪلاسيڪل ڊانسر ۽ ڪوريو گرافر انيلا سندر کي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏيڻ واري پروقار تقريب
    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي ثقافت دنيا جي شاهوڪار ثقافتن مان هڪ آهي. سنڌ جي ثقافتي ورثي کي موهن جي دڙي کان وٺي هن وقت تائين مختلف رنگن ۽ روپن ۾ ثقافت سان لاڳاپيل مختلف شعبن جا ماڻهو درياء جي وهڪرن وانگر پنهنجي وس ۽ حالتن آهر اڳتي وڌائيندا پيا اچن. موهن جي دڙي جي آثارن مان ملندڙ ثقافتي اهڃاڻن ۾ نچڻي سمبارا مان ثابت آهي ته فن ۽ رقص سنڌ ۾ صدين کان موجود آهي، ڇاڪاڻ ته روئڻ، کلڻ ، نچڻ انسان کي فطرت کان مليو آهي اهڙي ئي تسلسل کي قائم رکندي موهن جي دڙي جي نچڻي سمبارا گرل جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي هندستان جي ناليواري اداڪاره، ڪلاسيڪل ڊانسر ۽ ڪوريو گرافر انيلا سندر پنهنجي ڪلا جو مظاهرو هندستان سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪندي رهي ٿي. هوء جڏهن اسٽيج تي سمبارا گرل جو روپ ڌاري اچي ٿي ته لڳندو آهي ته موهن جي دڙي جي اصل نچڻي سمبارا ئي آهي. گذريل هفتي هندستان جي ناليواري ڪلاسيڪل ۽ ڪٿڪ ناچ جي فن ۾ مهارت رکندڙ فنڪاره ۽ سنڌي فلمي اداڪاره انيلا سندر ٻين فنڪارن سان گڏ سنڌ جي دوري تي آيل هئي. سندس روانگي واري رات سندس مان ۾ هڪ پروقار تقريب ۽ ڊنر جو انتظام ڪراچي ۾ پروفيسر سليم ميمڻ جي گهر تي سندس ميزبانيءَ هيٺ ڪيو ويو، جنهن ۾ هندستان کان آيل فنڪارن کي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ايوارڊ ۽ ميڊل پڻ ڏنا ويا. 22 جولاء جي رات جو ادب ۽ فن سان لاڳاپيل ڪيترين ئي اهم شخصيتن پاران انيلا سندر کي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏ سندس لوڪ ڊانس ۽ سنڌي ٻوليء کي دنيا ۾ بهترين پرفامرنس ذريعي پيش ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سندس سنڌ اچڻ تي ٿورا مڃيا.

    ان موقعي تي انيلا سندر سنڌ گهمڻ کانپوء پنهنجا ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته سندس من ۾ اها آس هئي ته جنهن لطيف کي مون پڙهيو آهي ۽ ڳايو آهي ان ڌرتيء تي واپس وڃان ۽ ماڻهن سان ملان. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو ڏنل پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص وسارڻ جهڙو ناهي. هن چيو ته گرم موسم ، سخت شيڊيول ۽ مسافري باوجود ماڻهن جي پيار هن کان سڀ تڪليفون وساري ڇڏيون. انيلا سندر چيو ته اها آس آهي ته ٻيهر واپس اچان ۽ ڪراچي ۾ پرفارم ڪيان. هن چيو ته هوء ڪيترائي دفعا سنڌ اچڻ لاء ايندي ايندي ويزائن جي مسئلن سبب نه اچي سگهي آهي ۽ اپريل 2012 تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ ايڪسلينس اوارڊ مون سميت هندستان جي ٻين فنڪارن سميت وٺڻو هيو پر ويزا نه ملڻ سبب ان پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس جنهن جو ڏک آهي. هن چيو ته مان پاڻ کي سنڌ کان الڳ نه ٿي سمجهان، سنڌ اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي گيتن، شيخ اياز جي واين ۽ شاهه لطيف جي شاعري تي مشتمل گيتن تي رقص ڪندي مان پنهنجو پاڻ کي وساري ويهندي آهيان. انهيءَ وقت مان سنڌي شاعرن جي لفظن جو ڪردار بڻجي ويندي آهيان .هن ڪراچي کان بلوچستان جي هنگلاج ۽ وري سنڌ جي مختلف علائقن حيات پتافي، ڏهرڪي، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۾ مذهبي جاين تي وڃڻ سان گڏ اتان جي ماڻهن جي پيار جو وري وري ذڪر ڪيو. ان موقعي تي هندستان کان آيل ڀلوڙ راڳي ڪشن رامناڻي گيت ڳائي محفل کي مچايو. هندستان کان آيل ڪٿڪ ڊانس جي نوجوان فنڪارائن ميناشي سريواستو ۽ سُڌا چندڪ چيو ته هنن کي اها اميد ڪانه هئي ته سنڌ ۾ کين ايڏي سٺي موٽ ملندي. هنن ٻڌايو ته هندستان مان نڪرڻ مهل ڪيئي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته سنڌ ۾ وڃڻ خطري کان خالي ناهي، پر هت ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ ملي جيڪا واپسي ۾ سڀني کي ٻڌائيندي خوشي ٿيندي. هنن چيو ته اسان کي هندستان ۽ سنڌ جي ڌرتي هڪجهڙي لڳي ۽ سنڌ واسي فنڪارن ۽ اديبن جي محبت ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.

    تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران انيلا سندر کي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي خدمتن عيوض مڃتاطور سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنو ويو، جيڪو سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو ۽ وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ فنڪار ٽرسٽ جي سماجي ڪميٽي جي چيئرمين نظر محمد ڳاهو، پروفيسر سليم ميمڻ، شاعره شبنم موتي ۽ ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جن گڏجي ڏنو. ان سان گڏ مڃتا سرٽيفڪيٽ به پيش ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪِشن رامناڻي، ميناشي سريواستو ۽ سُڌا چندڪ کي پڻ سنڌ فنڪار ٽرسٽ پاران ميڊل ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سنڌ فنڪار ٽرسٽ پاران هندستان جي فنڪارن کي سنڌ جي دوري دوران ميڊيا ۾ ڪيل ڪوريج ۽ مختلف اخبارن جون ڪاپيون پڻ مهيا ڪيون ويون جن ۾ سندن سنڌ جي دوري جي ڪوريج شامل هئي.

    ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۽ هندستان جي فنڪارن جا وفد هڪ ٻئي ڏانهن ايندا ويندا رهن جتي گڏيل پرفارمنس به پيش ڪن ۽ ثقافتي پروگرامن جي مٽا سٽا وارا پروگرام گذريل ڏهن سالن کان ڪندا پيا اچون، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي فنڪارن ۽ ڏات ڌڻين ۾ محبتون وڌيون آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ۾ آهيون ته ايندڙ ٽن مهينن اندر انيلا سندر ۽ سندس فنڪار ساٿين کي ٻيهر گهرايون ۽ پاڪستان جي نامياري ڪلاسيڪل آرٽسٽ شيما ڪرماڻي ۽ سنڌ جي ٻين فنڪارن سان گڏ سندن ڪراچي، حيدرآباد ۽ موهن جو دڙو ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايون. ان سلسلي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ انيلا سندر وچ ۾ گذريل ملاقات ۾ مختلف پروگرامن کي به ترتيب ڏنو ويو آهي، ان گڏجاڻيء ۾ شيما ڪرماڻي ۽ انيلا سندر جن گڏجي اهو پڻ اتفاق ڪيو آهي ته ڪراچيء ۾ هڪ يادگار پروگرام سنڌ منهنجي امان جي نالي سان اوپيرا ٿيٽر طور پيش ڪيون. وزير اعليٰ سنڌ جي سياسي صلاحڪار ۽ سنڌ فنڪار ٽرسٽ جي سوشل ڪميٽي جي چيئرمين نظر محد ڳاهو چيو ته هڪ دور هو جڏهن هندستان جي فنڪارن ۽ اديبن جو هڪٻئي پاسي اچڻ تي پابندي هئي پر ڪنهن هندستاني اديب يا فنڪار جي رسالي ۾ فوٽو يا لکڻي ڇپجڻ تي جيل موڪليو ويندو هو. هن چيو ته جلد هو وزير اعليٰ سنڌ سان ملي ويزائن جو مسئلو حل ڪرائيندو ۽ فنڪار ۽ اديب هڪٻئي ڏانهن اچي وڃي سگهندا. هي جمهوري حڪومت آهي ۽ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ بهتر لاڳاپا رکڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

    تقريب جي ميزبان ناليواري نيوز ڪاسٽر، ڪمپيئر ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جي چيئرمين پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته اسان اهو يقين ٿا ڏياريون ته هندستان جي فنڪارن ۽ اديبن کي سنڌ ۾ ڪو خطرو ناهي ۽ ماڻهو هنن کي هتي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ چاهين ٿا ۽ سنڌ ۾ هميشه هندستان کان آيل فنڪارن ۽ اديبن کي دل سان مڃتا ملي آهي ۽ سنڌي ماڻهن کين جيء ۾ جايون ڏنيون آهن. اسان ڪيترائي دفعا ڪراچي يونيورسٽي طرفان انيلا سندر کي عالمي ڪانفرنسن ۾ سڏايو پر ويزا جي مسئلي سبب نه اچي سگهي. سنڌ فنڪار ٽرسٽ پاران پڻ اوارڊ ڏيڻ واري اپريل 2012 ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ کيس گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان ان ۾ به ويزا جو مسئلو آيو. انيلا جو آرٽ ۽ فن ڏسڻ جو موقعو ٻه دفعا هندستان ۾ مليو، هوء دنيا جي وڏين آرٽسٽن مان هڪ آهي. پنهنجي گهر تي سندس آجيان ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن ان موقعي تي اهو زور ڏنو ته ويزائن جا مسئلا سولائيء سان حل ڪيا وڃن. ناليواري شاعر امداد حسيني انيلا سندر کي شاعريء سان ڀيٽا ڏيندي چيو ته مان انيلا کي ٽي دفعا روبرو ڏٺو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته کيس چوٿون دفعو به پرفارم ڪندي ڏسي ۽ انيلا سندر سنڌي پرفارمنس ۾ تمام وڏي آرٽسٽ آهي، جنهن کي جيتري به مڃتا ڏجي اها گهٽ آهي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي چيو ته سنڌ ۽ هند جي سنڌي فنڪارن ۽ اديبن جا لاڳاپا قائم ٿيڻ سان سنڌ جي ثقافت کي هٿي ملندي، انيلا سندر سنڌ جي ثقافتي رنگن کي دنيا ۾ پيش ڪري تمام وڏو ڪم ڪري رهي آهي. سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي شاهوڪار ثقافتن مان هڪ آهي، سنڌي ٻولي ۾ دنيا ۾ ڪم ٿئي ته گهڻي خوشي ٿيندي آهي، هن آيل مهمانن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چيو. ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار شوڪت شورو چيو ته انيلا سندر کي هندستان ۾ سنڌي ۾ فن پيش ڪندي ڏٺو آهي ۽ شاهه جي سورمين جي ڪردارن ۾ ڪردار لڳندي آهي ۽ سنڌو ڌارا ۾ سنڌ جي ڪردارن ۽ پسمنظر بابت ڪيل سندس پرفارمنس سدائين ياد رهندي ۽ کيس فنڪار ٽرسٽ جي ايندڙ پروگرام ۾ اچڻ ۽ پرفارم ڪرڻ لاء ڀرپور آجيان ڪنداسين. شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر مختيار ملڪ اها اميد ڏيکاري ته سرحدون فن کي روڪي نه ٿيون سگهن، هن انيلا کي مان ڏيندي چيو ته انيلا شاهه لطيف، نارائڻ شيام ۽ اياز کي تمام سٺو ڳائي پيش ڪيو آهي. سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري تاج جويو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته انيلا سندر جو شمار دنيا جي چوٽيء جي فنڪارائن ۾ ٿئي ٿو ۽ سندس تعارف پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ به پيش ڪري چڪو آهيان. ناليواري ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته ماضيء ۾ هندستان جي فنڪارن ۽ اديبن سان رابطن عيوض اسان کي وڏين تڪليفن کي منهن ڏسڻو پيو ۽ اڄ ثقافتي لاڳاپن کي بهتر ڏسندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ناليواري شاعره سحر امداد چيو ته سنڌ جي سٺن شاعرن جي شاعريء تي انيلا سندر رقص ڪري ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندي آهي. ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي يونيورسٽي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته يونيورسٽي پاران اسان ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ ڪانفرنس ۾ هندستان سميت سمورن ملڪن جا ادب ۽ فن سان لاڳاپيل سنڌي شريڪ ٿين ۽ منهنجي خوهش هوندي ته انيلا سندر جي فن کي روبرو ڏسي سگهان.

    ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي پروگرام مينيجر ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مرڪزي وائيس چيئرمين خليل چنا،سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جي صدر الطاف سومرو، ناليواري اديب ۽ سچل چيئر شاهه لطيف يونورسٽي خيرپور جي اڳوڻي چيئرمين الطاف اثيم، ليکڪ انور هاليپوٽو، سنڌ فنڪار ٽرسٽ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ۽ شاعر ذوالفقار بهڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ فنڪارن کي ڀليڪار ڪيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر محمد حسين، پرويز وسطڙو، مريد حسين ۽ انيس رحمان سميت پروفيسر سليم ميمڻ جي فيملي پڻ شرڪت ڪئي.

    آخر ۾ پروگرام جي ميزبان ۽ ناليواري شاعره شبنم موتي هندستان کان آيل مهمانن سان گڏ تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته انيلا سندر پنهنجي فن ذريعي سنڌي ثقافت کي نوان لاڙا ڏنا آهن. اسان هميشه آيل مهمانن جي سنڌ جي روايتن تحت آجيان ڪئي آهي ۽ پنهنجي گهر تي انيلا سندر سميت هندستان کان آيل فنڪارن جي ميزباني ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. اهڙيء طرح رات دير تائين سنڌ ۽ هند جي تخليقارن جي هي يادگار تقريب پڄاڻي تي پهتي ۽ هندستاني فنڪار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون يادون کڻي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هندستان لاء روانا ٿي ويا.


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لاء فيسبوڪ جي هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪيو۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سُڪار جي ادبي صفحي ڏات ۾ 26 جولاء 2012 تي ڇپيل ساڳي رپورٽ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو