پاڪستان جي لغت مان غربت جو لفظ ڪڏهن مٽجندو

'مختلف موضوع' فورم ۾ AZAM AFZAL طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2012۔

  1. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    جيڪو به اسم يا شيءِ دنيا ۾ وجود رکي ٿي اُن جي داخلا ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ جي لغت ”ڊڪشنري“ ۾ ضرور هوندي آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪا ڪيفيت يا نالو وغيره دنيا ۾ هُجي ۽ اُهو وري لغت ۾ نه ملي، اهو نٿو ٿي سگهي!
    هندوستان، جنهن جو نالو ڪجهه وقت اڳ تائين ”هڪ پاڙيسري“ ملڪ هوندو هو، اُتي هينئر نئين چونڊجي آيل صدر پرناب مکرجي جڏهن پنهنجو حلف کڻي ورتو ته کيس ايڪويهين توپن جي سلاميءَ ڏني ويئي. ساڳي قسم جي سلامي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي به ڏني وئي هئي!
    سلاميون ڏيڻ ۽ وٺڻ ڪو مسئلو ڪونهي، مسئلو اِهو آهي ته سلامي ڏئي ڪير ٿو ۽ وٺي ڪير ٿو؟ آمر پرويز مشرف کي پاڪستان جي جمهوري حڪومت ۽ اُها به پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سلامي ڏني ويئي هئي ۽ اها ئي ڳالهه حيران ڪري ٿي ته هڪ آمر کي نوَ (9) سال ملڪ جي ڀيل ڪرڻ تي سلامي ڏني وڃي ۽ اُها به اهڙي حڪومت پاران جيڪا آمرن پاران سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻايل هجي!
    ۽ ٻئي پاسي هندوستان جي صدر پرناب مکرجي، پاڻ کي ڏنل ايڪويهين توپن جي سلاميءَ جو قرض اِهو چئي لاهي ڇڏيو ته ”جديد هندوستان جي لغت مان غربت جو لفظ مٽايو وڃي“!
    اسان جي معاشري ۾ ٿيڻيون ٿيڻ جو نالو نٿيون وٺن ۽ اڻ ٿيڻيون روز ٿي رهيون آهن، ڪنهن ڊڪٽيٽر کي جمهوري حڪومت پاران سلامي ڏيڻ اڻ ٿيڻي هئي پر ٿي ويئي. اهڙي ريت روز اهڙا سوين بلڪه هزارين معاملا ۽ واقعا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچن ٿا جيڪي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جي تضاد سان اسان جي سامهون ايندا رهن ٿا!
    پرناب مکرجي هندستان جي صدر بڻجڻ کان اڳ ۾ ناڻي جو وزير هو ۽ اُن کان اڳ ۾ صحافي هو. سندس صحافتي ۽ سياسي ڪيريئر ڪنهن شاعر جي دل وانگر داغ داغ ناهي، هو اڇو اُجرو ڪيريئر کڻي صدر جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو آهي. انهيءَ ڪري سندس انهيءَ بيان جو وزن سندس وزن کان به وڌيڪ آهي.
    پاڪستان پيدا ته ٿيو پر اُن جو غربت جو نارو اڃان تائين ناهي ڪٽيو ويو ۽ هاڻي ڏسڻو آهي ته اهو ڪير ڪندو! پيپلزپارٽي پنهنجي هن چوٿين ڀيري واري حڪومت ۾ به غربت جي جن کي بوتل ۾ بند ناهي ڪري سگهي ته ڇا عوام هاڻي کيس پنجين ڀيري جو ”وارو“ ڏيندي!
    مان شروع کان انهيءَ حقيقت کي دهرائيندو رهندو آهيان ته پنهنجي ملڪ ۾ حڪومتون ٻن پارٽين ئي ڪيون آهن، هڪ پيپلزپارٽي ۽ ٻيو پيپلز مخالف پارٽي! پيپلز مخالف پارٽي ۾ ضياءَ الحق کان وٺي نواز شريف ۽ نواز شريف کان وٺي پرويز مشرف تائين واريون حڪومتون اچي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن اڃان به فڪري فرق سان ڏسجي ته قائداعظم واري دؤر ۽ ڀٽو خاندان واري حڪومت پيپلزپارٽيءَ کان علاوه جيڪي به حڪومتون آيون اُهي پيپلزپارٽي مخالف پارٽين جون ئي هيون، سو اهڙين حڪومتن ۾ غربت ختم ڪرڻ، تعليم جي سڌاري جي ڳالهه ڪرڻ، روزگار جي مسئلن تي لکڻ ۽ بنيادي انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارا رجحان فطري هُجن ٿا پر جيڪڏهن عوامي ۽ جمهوري حڪومت جي دور ۾ مسئلا به ساڳيا هُجن ۽ اُنهن مٿان واويلا به ساڳي هُجي ته پوءِ اهو عوام تي ڇڏجي ته اُها موجوده صورتحال مان ڪهڙا نتيجا ڪڍي ٿي!
    جمهوري چوائڻ سان، ڇا حڪومت جون سڀئي ذميواريون پوريون ٿي وڃن ٿيون، مان سمجهان ٿو ائين ڪونهي، جيئن انصاف لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهو ٿيندي نظر اچي بلڪل اهڙي ريت جمهوريت لاءِ به لازمي آهي ته اُها پنهنجي سموري لقاءُ ۾ موجود نظر اچي!!
    پوليس جي دهشتگردي کان وٺي، لوڊشيڊنگ تائين، مهانگائيءَ کان وٺي ٽارگيٽ ڪلنگ تائين، ڌاڙن، ڦرن ۽ اغوائن کان وٺي هر معاشري ۾ برائي تائين، اسان جي سماجي زندگيءَ جا سمورا پاسا لبن تائين لبريز آهن پوءِ عوام وٽ ڪرڻ لاءِ ڌرڻا ۽ ڳالهائڻ لاءِ گلا کان علاوه ڇا ٿو بچي ۽ اُهو ئي ٿي رهيو آهي! ڪنهن به اداري ۾ وڃو ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ ويهو، ڪنهن به مڪتبِ فڪر جي ماڻهوءَ سان ڳالهايو اُهو گهمي ڦري حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي ئي ختم ٿيندو! سياست هڪ مڪمل سماجي وهنوار جو نالو آهي ۽ انهيءَ کي سرانجام ڏيڻ وارا ۽ سياستدان ئي هوندا آهن مگر توهان ۽ اسان سڀني ڏٺو آهي ته سياست اصل ۽ مناسب فورمز کان هٽي ڪري هاڻي هر هنڌ ٿي رهي آهي، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هڪ دڪاندار پنهنجي ڪاروبار تي ڌيان ڏيڻ بدران لوڊشيڊنگ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي وڌيڪ ڳالهائيندي نظر ايندو. ساڳي ريت عام شهري پنهنجي گهر اڳيان گل ٻوٽا لڳائڻ بدران سڄو ڏينهن بند پيل گٽر کولرائڻ واري وٺ وٺان ۾ لڳو پيو هوندو. ساڳي ريت هر شهري پنهنجي پويان لڳايل مسئلن جي حل لاءِ پريشان نظر اچي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سماج جي ترقي وارو عمل نه رڳو رڪجي ويو آهي پر سماج جي گڏيل صورت ته هاڻي ڌپ ڪري ويل بيٺل پاڻيءَ واري وڃي بيٺي آهي جنهن جو علاج انهيءَ سموري ڌپياري پاڻيءَ جي مڪمل نيڪال ۾ ئي آهي ۽ اُهو نيڪال هاڻي طئه ٿي چُڪو آهي ته ڪا حڪومت ڪا نه ڪري سگهندي. اهو نيڪال عوام کي ئي ڪرڻو پوندو ۽ اُهو وقت بنهه ويجهو اچي پهتو آهي ته عوام پنهنجي حتمي ”الٽيميٽ“ فيصلي سان پنهنجي تقدير بدلائي، ٻي صورت ۾ نه عوام رهندو ۽ نه ئي سندس تقدير!
    ووٽن جي موسم، سياسي هلچل ۾ تيزيءَ جي صورت ۾ سامهون اچي بيٺي آهي وڏيرن ۽ چوڌرين پنهنجي مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته هو سال جي هر مهيني ۽ هر مهيني جي هر ڏينهن اليڪشن لاءِ تيار هوندا آهن، تڏهن اسان ۽ اوهان جنهن کي اخبارون ۽ چئنل غريب عوام ڪري لکندا ۽ مخاطب ٿيندا آهن، تن کي پڻ هن ڀيري اليڪشن جي تياري پنهنجي مڪمل شعور سان ڪرڻ گهرجي ۽ ووٽ گهٽ ۾ گهٽ اُنهن کي هرگز نه ڏين جن جون تصويرون اخبارن ۽ بُت رڳو ٽي وي تي ڏسي سگهبا آهن پر هن ڀيري پنهنجو ووٽ اهڙن اُميدوارن کي ڏين جن جا گهر ۽ گريبان، ٻيئي سندن پهچ ۾ هُجن.عزيز گوپانگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو