حڪيم دين محمد “اڪرم” ٻورڙائي ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي مرحوم جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي جن ڳوٺ ٻورڙي شريف، تعلقه خيرپور ناٿن شاه ضلع دادو ۾ تاريخ 25.07.1934 تي ميان حسن علي عباسي جي گھر ۾ پيداٿيا. پاڻ اڃا ننڍڙائي هئا ته سندن والد گذاري ويو. سندن تعليم و تربيت جو سڄو بار سندن چاچي مرحوم ميان فيض محمد عباسي کنيو. ڇاڪاڻ ته پاڻ پرائمري اسڪول ٻورڙي ۾ استاد هئا. مرحوم ميان جان محمد شاد عباسي سال ۱۹۵۰يا۵۱ع ۾ پرائمري اسڪول ٻورڙي شريف مان سنڌي فائينل امتحان پاس ڪري، سرڪاري ملازمت ۾ پرائمري استاد ٿي ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن اسڪولن ۾ قوم جي ٻچن کي پڙهائڻ لڳو، اهو سلسلو سندن وفات تائين جاري رهيو. سال ۱۹۵۷ع ۾ جيئن ته ان وقت دادو ضلع جي عوام لاءِ صرف ٻه ڳالهيون هيون جيڪي تفريح جو باعث بڻيون. هڪ والي بال راند ۽ ٻيو سنڌي مشاعرا. جنهن ڳوٺ ۾ ڏھ يا ٻارهن گھر هوندا هئا اتي والي بال راند ۽ بزم ضرور هوند هئي. جنهن ڪري پاڻ به پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ استادالشعرا الحاج حافظ محمد احسن چنه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي، استاد ڪري اصلاح وٺندا رهيا. ميان جان محمد عباسي ”شاد“ جو ڏاڏو ميان جان محمد عباسي ”فدا” پنهنجي وقت جو تمام مشهور قابل احترام استاد شاعر اديب عالم هو. جنهن لاءِ سائين جي.ايم سيد جن لکيو آهي ته سنڌي پرائمري جي ٻئي ڪلاس ۾ منهنجو استاد ميان جان محمد عباسي ”فدا“ هوندو هو. جيڪو تمام هوشيار استاد هو. ان ڪري فطرتن به ميان جان محمد عباسي جن تي سندن ڏاڏي جي اسم مبارڪ جو به اثر هيو. جنهن ڪري شاعري ڏي سندن لاڙو هو. شهر ٻورڙي شريف ۾ ۱۹۷۵ع ۾ بزم فدا قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ جنرل سيڪرٽري اڪرم ٻورڙائي (يعني فقير قادري طاهري ) کي چونڊيو ويو. ٻئي پاسي ساڳي ڳوٺ بزم طالب المولا سيد غلام نبي شاه جن کولي. جنهن ڪري ٻورڙي شريف۾ مشاعرن وارن ڏينهن کانسواءِ به هر هنڌ هر اوطاق ۾ علم و ادب جون ڳالهيون هلنديون هيون. مهمان شاعر جناب محسن ڪڪڙائي جناب آصف مصراڻي، آثم ناٿن شاهي، جناب پير اظهر ويلائي صديقي، نشتر ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، استاد بخاري، مولوي عبدالله اثر چانڊيو، راز ناٿن شاهي، راز سومرو ٽنڊي رحيم خان وارو، استاد قبله الحاج حافظ محمد احسن چنه صاحب ۽ مقامي شاعرن سان علم و ادب جون محفلون سرگرم هونديون هيون. مشاعرا طرحي هوندا هئا. غير طرحي پڙهڻ تي به پابندي ڪانه هوندي هئي. ميان جان محمد ”عباسي“ شاد ٻورڙائي، پهرين گھر واري جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ٻي شاد ي لاڙڪاڻي مان ڪئي. پهرين شادي مان ميان مشتاق احمد عباسي ۽ ٻي شادي مان ميان اشفاق احمد عباسي ٻه فرزند ٿين. فقط نرينو اولاد ٿين. ميان مشتاق احمد استاد آهن. مرحوم ميان جان محمد عباسي ”شاد“ صاحب جن تمام مشفق ۽ شفيق عارف ۽ فقير تهجدگذار بزرگ نيڪ صورت نيڪ سيرت قادرالڪلام شاعر هئا. گفتگو ۾ پروقار، طبيعت ۾ تمام نازڪ مزاج سڄو وقت صوم صلوات پڙهندا رهندا هئا. پاڻ تاريخ ۲۹۰۹۰۱۹۸۱ع ۾ اسان کي هميشه هميشه لاءِ ڇڏي ويا. پاڻ سفر ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا هوندا هئا. جڏهن آءُ موڪل تي ڳوٺ ويندو هئس. اهو وقت علم و ادب، مشائق ۽ مشاهير، والي بال راند تي گفتگو ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته پاڻ والي بال جا به بهترين رانديگر هئا. آخر ۾ پڙهندڙن دوستن لاءِ سندس ڪجھ اشعار هيٺ ڏجن ٿا. پاڻ شاعري جي هر صنف تي لکيو اٿن. غزلنيهن لائڻ آھ سڀ ڪنهن لاءِ سُکيوپر نڀائڻ ٿي پيو ڏاڍو ڏکيو!ڀل هجون ڏکيا اسين ڏکيا سهي پر هجي هردم سڄڻ سائين سُکيودل جو ماڻڪ مون ڏنو توکي مٺاان کان وڌ ٻيو آھ ڇا مون وٺ رکيو!دل ربا سان ڏسي مونکي رقيبآ ڀڄڻ لئه تيل پيرن کي مکيو! ڪير ڪنهن کي ڪين ڏيندو آ کڻي قرب جو انسان هوندو آ بکيو!شاد کي ڀلجي ڪيو تو ياد ڪين ۽ نه ڪاوڙ مان ئي تو خطڙو لکيو گيتدل جگر جان کان وڌ آھين اي پيارا وطنشاد ۽ سرهو رهين تون شال سونهارا وطننوح، پاڳارو، ڀٽائي، سچل، شهباز ڀيٿا رهن تنهنجا دعاگو سڀ خدارا وطنتنهنجا سڏجن ٿا عنايت شاه بيدل ۽ قليچگل فدا بلبل فريدڻ ۽ حمل پيارا وطن تنهنجي خوشحالي جو هردم هي دعاگو شاد آمنهنجا سونهارا وطن مٺڙا وطن پيارا وطن ڪافينيهن ڪيو نروار مياننه ته ڪير اسان کي سڃاڻيعشق ڇڏيا سڀ اولا لاهي بره جي باه ۾ پيا سين ڪاهي ڪري الفت جو اظهار ميانسورن جا پڙهي سبق سمورا پاس ٿياسين پرت ۾ پوراڏات ڏني ڏاتار ميان سڪ ۾ صاف ڪيوسين سينوڪڍي قدورت ڪلفت ڪينوڪڍي تن مان سڀ تڪرار ميانعشق جي دنيا آھي نرالي خوشين کان جا آھي خالي“شاد” نه آھي ڪٿ قرار ميان