پياري شاعر امر پيرزادي سائين شمشير الحيدري جي شاعري تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ۾ کيس ئي لاجواب ڀيٽا ۽ مان پيش ڪيو آهي۔ پياري دوست ۽ شاعر رضا بخاري جي خوبصورت ڊزائن پيش آهي۔
*شمشيرالحيدري جي مانَ ۾*
سائين شمشير الحيدري جي مشهور غزل "تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو" جي زمين ۾ ڏنل خراج
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
نيڻ پنهنجا اُتي وساري ويو
مست سنڌو ۾ جا رواني آ
پنهنجي نظمن ۾ سا اُتاري ويو
هُو لِکڻ لاءِ آيو ڌرتي تي
سينڌ تخليقَ جي سنواري ويو
چانهن ، سگريٽَ ۽ لطيفن سان
ياد ڪنهنجي ڏئي رُئاري ويو
اهڙو مفلس به مون ڏٺو آهي
دل ته ڇا پاڻ کي وساري ويو
سائين شمشير الحيدري جي مشهور غزل "تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو" جي زمين ۾ ڏنل خراج
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
نيڻ پنهنجا اُتي وساري ويو
مست سنڌو ۾ جا رواني آ
پنهنجي نظمن ۾ سا اُتاري ويو
هُو لِکڻ لاءِ آيو ڌرتي تي
سينڌ تخليقَ جي سنواري ويو
چانهن ، سگريٽَ ۽ لطيفن سان
ياد ڪنهنجي ڏئي رُئاري ويو
اهڙو مفلس به مون ڏٺو آهي
دل ته ڇا پاڻ کي وساري ويو
سائين شمشيرالحيدري جي شاعري به پيش آهي۔
