استاد بخاري جي ورسي۔۔۔۔

'استاد بخاري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,637
    ورتل پسنديدگيون:
    5,639
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    9 آڪٽوبر 1996 اهو بدنصيب ڏينهن هيو جنهن ڏينهن استاد بخاري جهڙو مهان شاعر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو۔۔۔ دادو ۾ هڪ هفتي تائين سندس ياد ۾ ورسي ملهائي پئي وڃي ۔۔۔۔ اڄ مون کي به سندس مزار تي حاضري لڳائڻ جو موقعو مليو۔۔۔۔
    دوستن جي علم جي اضافي لاءِ وڪيپيڊيا تي موجود آرٽيڪل شيئر ڪجي ٿو۔۔۔۔


    سيد احمد شاه ”استاد بخاري“​


    [​IMG]
    هو استاد هو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هو. هُو ڊبل استاد هو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استاد هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏاڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندا ته سن 1930ع جي جنوري مهيني ۾ 16 تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳاله پئي هلي.
    جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو.

    استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت ، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ” ڌرتيءَ ــــــ سرتي“ جي ارپنا ڪجھه هن طرح ڪئي آهي:
    پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
    منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي
    دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
    سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.​

    ان مان صاف ظاهر ٿي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھه حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.
    استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ 9 آڪٽوبر 1996ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن 13 سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,384
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلومات ڏني آهي ادا توهان استاد بخاري جي باري ۾
    توهان ان محنت تي جس لهڻو
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    مهرباني سائين اهڙي ڄاڻ ڏيڻ جي... مان توهان واري هيءَ پوسٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرين ۾ پڙهي هئي. موبائل ۾ سنڌي نه هجڻ جي ڪارڻ مان ڪجهه لکيو ڪونه هو...... خير زبردست پوسٽ آهي.
     
  4. منصور سيتائي

    منصور سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جون 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: استاد بخاري جي ورسي۔۔۔۔

    ادا اوهانجي ڪوشش ڏاڍي سٺي آهي،پر هڪڙي گذارش ت استاد 9 آڪٽومبر
    1996تي ن پر 9 آڪٽومبر 1992تي وفات ڪري ويو هو۔
     
  5. جميل احمد عباسي

    جميل احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2010
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: استاد بخاري جي ورسي۔۔۔۔

    استاد جي مڪمل شاعري ۽ سنڌي شاعرن جي شاعري پڙهي دل گل بهار ٿي پوندي آهي۔
    سنڌ ۾ آ ساه سنڌين جو
    سنڌ ۾ وري وري وربو
    سنڌ امڙ تان هڪ جان ته ڇا هزار جانيون قربان۔
    جميل احمد عباسي سيتاروڊ سنڌ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو