ڪلام حضرت ٻڍل فقير (شڪارپور)
جوڳي منهنجڙو جيءُ
پيارو مسافر سير تي آيو
جوڳي ٿيوين تان ڪر تون صفائي
ڇوڙ طمع کي ڪر نه گدائي
سرڪي سور مون پيءُ
ڇڏي ڏي هيءُ هول اجايو
عجب ڏٺو سي ملڪ الله دا
سير ڪيتو سي فاني جڳ دا
قادر آهي ته قويءُ
باريءَ جنهن هي باغ بنايو
هاڻي هوتن ڏي ڪر ڪا هلڻ جي
ڳنڍ ڳالهه پرين سان ناهي ڇنڻ جي
هت نه وسارو ٿيءُ
توکي ڪنهن ٻول ٻڌايو
ٺاهي جوڙي توکي مُڪائون
سمجهه ٻڍل ائين اُتاهون
يا ڪي نه ٿيءُ يار ڏانهن
متان گهمين عام اجايو