• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته operaجا speed dail محفوظ ڪرڻ سکون.

محمد عامر سومرو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي محمد عامر سومرو طرفان سلام قبول پئي.

جيڪي دوست اوپيرا برائوزر استعمال ڪندا هوندا اهي سپيڊ ڊائل کان ته ضرور واقف هوندا جي ناهيو واقف ته هيٺ ڏنل تصوير ڏسو.

440 اٽيچمينٽ ڏسو
جي ها دوستو هي اسپيڊ ڊائل ان لاءِ ٺاهيندا آهيون ته جيڪي ويب سائيٽيون اسان روزانه وزٽ ڪندا آهيون انهن کي جيئن هڪ ئي ڪلڪ جي مدد سان کولي سگهجي .پر دوستو اسان کي ڏکيائي ان وقت درپيش ايندي آهي جڏهن اسان نئين ونڊو ڪندا آهيون يا وري ٻيو يوزر اڪائونٽ ٺاهيندا آهيون ته اسان جا جوڙيل اسپيڊ ڊائل ختم ٿي ويندا آهن .انهن کي ڪهڙيءَ ريت محفوظ ڪجي اچو ته توهان کي ٻڌايان.سڀ کان پهريائين اوپيرا برائوزر کوليو ۽ ايڊريس بار ۾ لکوopera:config انٽر جو بٽڻ لڳايو هيٺ ڏنل تصوير توهان جي سامهون ايندي.

441 اٽيچمينٽ ڏسو
Quick Find واري خاني ۾ speed لکي سرچ ڪريو ۽chooseواري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو توهان جي سامهون هيٺ ڏنل تصوير ايندي.

442 اٽيچمينٽ ڏسو
اسپيڊ ڊائل واري فائيل کي ڪاپي ڪري محفوظ ڪريو هاڻي جڏهن به توهان نئين ونڊو ڪريو يا نئون يوزر اڪائونٽ جوڙيو محفوظ ڪيل فائيل کڻي اسپيڊ ڊائل فائيل واري لوڪيشن تي replace ڪريو ۽ اوپيرا کي restartڪريو توهان ڏسندا ته توهان جا جوڙيل اسپيڊ ڊائل توهان جي سامهون ايندا.
دعائن ۾ ياد رکجو پنهنجي دوست محمد عامر سومرو کي
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
وعليڪم سلام

مهربانيون، تمام سهڻي نوموني ۽ سولي انداز سان اوهان سمجهايو آهي۔
 
Back
Top